Pages

Saturday 13 May 2017

مستونگ دهشتگردي ۽ حڪمران

صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي هڪ ناسور بڻجي ويو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اتحادي ملڪن جون گڏيل ڪارروايون به جاري آهن. آمريڪا، برطانيا، چين ۽ ٻيا ترقي يافته ملڪ پنهنجن ملڪن اندر سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن سبب انهن ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي بهتر به آهي پر افسوس جو اسلامي ملڪن ۾ دهشتگردي ٻيو ڪير نه پر اهي تنظيمون ڪري رهيون آهن جيڪي پاڻ کي ٺيڪيدار سمجهي رهيون آهن ۽ اهي ئي تنظيمون دهشتگرد ڪارروايون ڪري اعتراف به ڪنديون رهيون آهن، هڪ طرف عوام کي دهشتگردن تنظيمن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته مٿان وري انهن اتحادين ملڪن جي فوج جي ظلم کي به عوام برداشت ڪري رهيو آهي، مطلب ته دهشتگردن ۽ اتحادين جي جنگ ۾ معصوم ماڻهو ئي پسجي رهيا آهن، عراق، شام، افغانستان کانپوءِ هاڻ وري دهشتگردن پاڪستان ڏانهن به رخ ڪيو آهي، آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن عوام جي تحفظ کي ڪافي حد تائين يقيني بڻايو آهي پر دهشتگردي جو خطر اڄ به انهن ملڪن ۾ موجود آهي، بهرحال پاڪستان به دهشتگردي جو شڪار ٿي چڪو آهي، ڪجهه تجزيه نگار چئي رهيا آهن ته اڄ جيڪا ملڪ اندر دهشتگردي آهي، اها دهشتگردي ٻي جي جنگ ۾ پوڻ جو نتيجو آهي ۽ دهشتگردي جي لهر سبب هن وقت تائين هزارين معصوم ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، آپگهاتي حملا به ٿيندا رهن ٿا، جن کي روڪڻ لاءِ پاڪستاني قوم ۽ سڪيورٽي ادارن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جنهن ۾ ڪنهن کي ڪو  به شڪ به نه آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد ڪڏهن سڪيورٽي ادارن تي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري درگاهن، مسجدن ۽ امام بارگاهن کي نشانو بڻاين ٿا،
حڪومت جيڪڏهن اهڙين دهشتگرد ڪاررواين کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي آهي ته ان بابت سوال پڇڻ به قوم جو حق آهي ۽ حڪمران عوام جي آڏو  جوابده به آهن، جيڪڏهن حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت به نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ آخر اهڙي حڪومت جي ڪهڙي ضرورت آهي، جيڪڏهن سرحدن تي ڇڪتاڻ هوندي به حڪمران صرف پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ڀرڻ ۾ لڳا پيا هجن ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ پورا هجن ته پوءِ آخر امن امان جي صورتحال ڪئين بحال ٿي سگهي ٿي.گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي پئي وڃي پر افسوس جو ان دهشتگردي جي بنيادي سببن بابت نه ته هتان جي حڪمرانن سوچيو آهي ۽ نه ئي وري دهشتگردن کي هن وقت تائين مڪمل طور  ختم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هزارين معصوم ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڪڏهن نوراني تي آپگهاتي ڌماڪو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن قلندر جي درگاهه تي ماڻهن جون حياتيون کسيون وڃن ٿيون، دهشتگرد ايڏا ته پاڻ کي بهادر سمجهي رهيا آهن جو بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد دهشتگردي جو اعتراف به ڪن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي اڳوڻي اڳواڻ احسان الله احسان جو اعترافي وڊيو  بيان جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته سندس اڳواڻ چوندا هئا ته اسرائيل کان مدد وٺڻي پئي ته پوءِ انهن کان به هو مدد وٺندا، ايتري قدر هن اهو به چيو ته انهن تنظيم جا پاڙيسري ملڪن سان به  تعلق آهن، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ واقعي ملڪ اندر جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون  آهن انهن دهشتگرد تنظيمن جي ڪري ئي ٿينديون رهيون آهن، جيڪڏهن انهن دهشتگرد تنظيمن خلاف سويلين حڪومت ۽ عسڪري قيادت گڏجي هڪ هنڌ ويهي انهن دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ته انهن دهشتگردن کي افغانستان ڀڄي وڃڻ جي جرئت نه ٿيندي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته حڪمران نه ته بجلي جو بحران ختم ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن،
جيڪڏهن حڪمران ملڪ اندر ڪوئلو، گيس ۽  ٻيا قدرتي وسيلا هوندي به بجلي جو بحران ختم نه ڪري سگهن ته پوءِ انهن حڪمرانن مان دهشتگردي جي خاتمي جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، اڄ  ڪلهه وفاقي سرڪار ۽ اپوزيشن وچ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي، اپوزيشن وفاقي سرڪار تي الزام لڳائي رهي آهي ته مخالف ڌر جا اڳواڻ وفاقي سرڪار تي ڪرپشن جو الزام لڳائي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو سلسلو هڪ ٻن سالن کان نه پيو هلي پر اهو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ به ڪا امن امان جي صورتحال بهتر نه هئي ان جو سڀ کان وڏو ثبوت 12 مئي سانحو ۽ محترمه بي بنظير ڀٽو جي شهادت به آهي.مشرف جي دور ۾ ئي بلوچستان جون حالتون خراب ٿيون ايتري قدر جو ملڪ دهشتگردي جي ور به چڙهي ويو ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻيو ڪير نه پر جمهوري حڪومت ۾ ويٺل حڪمران ئي چوندا رهيا آهن ته اهي دهشتگردي سندن دور ۾ شروع نه ٿي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت دهشتگرد سڄي ملڪ ۾ پنهنجيون قهري ڪارروايون ڪري رهيا آهن. ڪجهه  عرصو  اڳ هن ملڪ ۾ طالبان جو خوف ڇانيل هو پر هاڻ وري هڪ نئين دهشتگرد تنظيم جو به نالوٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو آهي، اهي به خبرون ٻڌي رهيا آهن ته ڪجهه ماڻهن انهن جي لاءِ هتي ڪم به ڪري رهيا آهن پر وفاقي گهرو وزير داعش نالي دهشتگرد تنظيم جي موجودگي وارين خبرن کي رد ڪندو رهيو  پر جڏهن  لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان ان خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جا ماڻهو گرفتار ٿيا ته ان وقت به سڪيورٽي ادارن ميڊيا تي اهو ئي ٻڌايو هو ته جن به ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو انهن جو تعلق ان خطرناڪ دهشتگرد تنظيم سان آهي پر ان باوجود به وفاقي گهرو وزير ان کي رد ڪيو هو پر هاڻ جڏهن سنڌ جي هڪ پڙهيل لکيل نياڻي جنهن جو نالو نورين لغاري ٻڌايو پيو وڃي اها به گهران ڀڄي الائي ڪهڙي قسم جو جهاد ڪرڻ لاءِ هلي وئي هئي جنهن کي ڪجهه مهينن کانپوءِ لاهور مان مقابلي ۾ هٿ ڪيو ويو هو ۽ سنڌي ناري جي به اعترافي ويڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته هو پنهنجي مرضي سان گهران وئي هئي.
ڏٺو وڃي ته دهشتگرد ماڻهن جو برين واش ڪري انهن کان پنهنجي مرضي موجب ڪم وٺي رهيا آهن ۽ معصوم ماڻهن جون حياتيون کسي رهيا آهن، مسجد هجي امام بارگاهه ڪا به عبادت گاهه محفوظ نظر نه پئي اچي ان جو مثال بلوچستان جي علائقي مستونگ مولانا عبدالغفور حيدري جي قافلي تي حملي ۾ لڳائي سگهجي ٿو. هڪ طرف ڀارت ايل او سي وٽ سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ته مٿان وري پاڙيسري اسلامي ملڪ افغانستان به ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، مطلب ته اڄ ڪلهه اهو ملڪ به پاڪستان کي اکيون ڏيکاري رهيو آهي، جنهن جو مثال ڪجهه ڏينهن اڳ چمن سرحد وٽ ٿيل فائرنگ مان به لڳائي سگهجي ٿو.پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چئي رهيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ پاڪ افغان بارڊر باب دوستي اهڙين حالتن ۾ ڪئين کولي سگهجي ٿو، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سيوهڻ سانحو پيش آيو هو ته ان وقت به سرحد تي اچ  وڃ بند ڪئي وئي هئي پر ان کي بعد وزيراعظم نوازشريف خيرسگالي طور کولي ڇڏيو هو، هاڻ وري سرحد تي ڇڪتاڻ  بعد پاڪ افغان بارڊر باب دوستي بند ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پاڪ افغان سرحد تي ڇڪتاڻ ته گهٽجي آهي پر  وري ڀارت ايل او سي وٽ سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ملطب ته ڪڏهن افغانستان ته ڪڏهن وري ڀارت سرحد وٽ بنا جواز فائرنگ ڪري رهيو آهي. ڪجهه سياستدان چئي رهيا آهن ته ملڪ ۾ دهشتگردي اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪجهه چئي رهيا آهن ته افغانستان ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي.
بهرحال جڏهن وزيراعظم نوازشريف جڏهن چين جي دوري تي ويو هو ته ان ڏينهن بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ دهشتگردن سينيٽ جي ڊپٽي اسپيڪر مولانا عبدالغفوري جي قافلي تي حملو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بي گناهه ماڻهو شهيد ٿي ويا. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته جي يو آءِ تي اڳ به حملا ٿيندا رهيا آهن پر سندن حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا ۽ هو دين جي سربلندي  ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ  پنهنجو ڪم جاري رکندا، مستونگ دهشتگردي جي وزيراعظم نوازشريف، آرمي چيف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين جماعتن طرفان به مذمت ڪئي وئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪو پهريون دهشتگردي جو واقعو نه آهي، ان کان اڳ ۾ به اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا آهن ۽ حڪمران چوندا رهندا رهندا آهن ته انهن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هڪ طرف ملڪ ۾ دهشتگردي ته ٻي طرف وري سياستدان ۾ ڇڪتاڻ آهي جنهن سبب هن وقت تائين عوام پريشان آهي ڇاڪاڻ ته حڪمران صرف پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾ پوري آهي ۽ عوام دهشتگردن جي رحم ڪر۾ تي آهي، ڪڏهن پاناما  ليڪس ته ڪڏهن وري ڊان ليڪس جا چرچا آ هن ته ڪڏهن وري ڪرپشن جو راڳ ڳايو وڃي ٿو پر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪمران سنجيده نظر نه پيا اچن، جنهن سبب معصوم ماڻهن جون حياتيون زيان ٿي رهيون آهن.

No comments:

Post a Comment