Pages

Sunday 21 May 2017

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي
سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي رهيا آهن پر سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهِي آهي، جنهن سبب سنڌ اندر ماڻهو بي روزگاري ۽ بک بدحالي سبب پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ ۽ آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪجهه نوجوان ته روزگار خاطر پرڏيهه به هليا ويا آهن ته ڪجهه وري بلوچستان ۽ پنجاب هليا ويا آهن ته جئين هو پنهنجي پيٽ جي بک اجهائي سگهن پر افسوس جو اهو پورهيو سندن هاڻ حياتي کسڻ لڳوآهي، هونءَ ته سنڌ اندر روزگار جا  تمام گهڻا موقعا موجود آهن پر ڌارين جي لوڌ ۽ مقامي فيڪٽرين ۽ ملين ۾ ماڻهن کي روزگار  فراهم نه ڪرڻ سبب امير سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن،  هتي گيس، پيٽرول ۽  ڪوئلو به موجود آهي پر اتي به ڪم ڪندڙ  اڪثر ماڻهو به ڌاريا ڀرتي ڪيا ويا آهن، شايد سنڌ جو ڪو به اهو سرڪاري کاتو خالي نه هوندو جتي ڌارين جي لوڌ ڀرتي نه ٿيل هجي، مطلب ته ٻين صوبن جا ماڻهو پوليس سميت ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندي نظر اچي رهيا آهن، نالي ماتر ڪجهه سنڌي وفاق ۽ صوبائي کاتن ۾ ڪم ڪندي نظر اچن پيا پر ان باوجود سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ سڄو تماشو ڏسي رهي آهي،
جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جي آمد جو سلسلو شروع ٿيو ته ان وقت به هتان جي ماڻهن خدشن جو اظهار ڪيو هو پر ان وقت به سنڌ جي ڪامورن خاموشي اختيار  ڪئي هئي ۽ چيو هو ته  مٿان کين دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته انهن کي نه روڪيو وڃي، بهرحال هن وقت بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن کي شهيد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن بعد هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته حڪومت جيڪي هميشه دعوائون ڪندي رهندي آهي ته هنن  پنهنجي حڪومتي دور ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪري ڇڏي آهي پر ان باوجود بلوچستان ۾سنڌي پورهيتن کي قتل ڪرڻ واقعا پيش اچڻ حڪومت جي ڪارڪردگي تي هزارين سوال اٿاري ڇڏين ٿا، گذريل ڏينهن به ريلوي واري وفاقي سعد رفيق چيو آهي ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دهشتگردن ئي سڄي ملڪ جي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن ئي دهشتگردن هزارين گهر اجاڙي ڇڏيا آهن پر حڪمران اڄ به اهو وڏي فخر سان چئي رهيا آهن ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن امن امان جي صورتحال واقعي بحال هجي ها ته بلوچستان ۾سنڌي پورهيتن کي قتل نه ڪيو وڃي ها ۽ نه ئي اتي ڌماڪا ٿين ها، اڄ هڪ طرف اقتصادي راهداري منصوبو هلي رهيو آهي ته مٿان وري ٻاهرن ملڪن جي سيڙپڪارن جي دلچسپي ظاهر ڪئي پئي وڃي، ان وقت جڏهن ملڪ اندر پورهيتن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا ايندا رهيا ته پوءِ آخر ٻاهرن ملڪن جا واپاري هن  ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪئين ڪندا.
جيڪڏهن حڪومت پنهنجن معاملن کي حل ڪري وٺا ها ته اڄ ملڪ ۾ امن امان واري صورتحال بحال هجي ها پر افسوس جو حڪمران صرف پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾پورا نظر اچي رهيا آهن، وزيراعظم نوازشريف به ڀارتي واپاري سجن جندال سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن جي اپوزيشن ليڊر سميت سمورن اڳواڻن وضاحت طلب ڪئي هئي پر ان وقت به نوازسرڪار طرفان به ڪو جواب نه ڏنو ويو هو ۽ هاڻ وري ڪلڀوشن جو معاملو به اٿيو آهي جنهن بابت به اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪلڀوشن قومي سلامتي خلاف ڪم ڪري رهيو هو ۽ انصاف واري عالمي  عدالت مان کين ناڪامي ملي آهي. جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ اندر بجلي ۽ گيس جو بحران موجود آهي پر ان سان گڏ ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ به هلي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ سرحدن وٽ به ڇڪتاڻ واري صورتحال قائم ٿي وئي آهي، انهي جي ڪري ڪڏهن افغان سرحدن تان پاڪستاني سرحدن ۾ فائرنگ ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري  ايران طرفان سرحدي ڀڃڪري ڪئي وڃي ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ ايراني آرمي چيف چيو هو ته جيڪڏهن کين دهشتگردن  خلاف پاڪستان جي سرحدن ۾ به ڪارروائي ڪرڻي پئي ته هو ضرور ڪندا، اهڙي بيان کان پوءِ گذريل ڏينهن چاغي ويجهو سرحد وٽان ايراني فورسز طرفان مارٽرل گولا  فائر ڪيا يا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو هو، هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته بلوچستان جو حالتون انتهائي خراب ٿي ويو آهن. جنهن سبب اتي حڪومت جي رٽ قائم ٿيندي نظرپئي اچي، ان جو چٽو مثال سنڌي پورهيتن جي قتل مان به ملي سگهي ٿو،
هن وقت وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون  بلوچستان جي صورتحال ڏسي رهيون آهن پر پورهيتن جي حفاظت لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا ان بابت ڪا به بريفنگ نه ڏني وئي آهي ۽ نه ئي وري بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بابت ڪا واضع پاليسي جوڙي وئي آهي، هن وقت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سنڌي پورهيتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، هاڻ خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر بلوچستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن حڪمران بلوچستان جي حالتن کان قوم آگاهه ڪن ها ته اڄ بلوچستان ۾ سنڌي پورهيت ڪڏهن شهيد نه ٿين ها نه ئي وري لاش سنڌ اچن ها. جڏهن گوادر ۾ سنڌي پورهيتن جو قتل عام شروع ٿيو هو ته ان وقت چيو ويو هو ته قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو پر ان وقت به ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي هئي ۽ نه شهيد ٿيل پورهيتن جي وارثن ڪا سارسنڀال لڌي وئي هئي. هڪ ڀيرو ٻيهر وري جڏهن بلوچستان ۾ پورهيتن کي قتل ڪيو ويو  ته ان وقت به سڀ اهو ئي سوچي رهيا آهن ته شايد انهن جو به تعلق سنڌ سان نه هجي ها، بهرحال هو مسئلو ختم ئي نه ٿيو هو ته مٿان وري ايراني سرحد کان مارٽر گولا فائر ڪيا ويا هئا ، مطلب ته هڪ طرف ايران  پاڪستاني حدن ۾ ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته مٿان وري افغانستان جو پاڪستان سان رويو بهتر نه آهي. ان جو اندازو ڪجهه ڏينهن پاڪ افغان سرحد وٽ فائرنگ  مان به لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال  هن وقت بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل سنڌ اندر ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيوآهي پر ان باوجود حڪمران امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ سنجيده نظر نه پيا اچن.
جڏهن بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل جون افواهون شروع ٿيو ته ان وقت به اهو ئي چيو ويو هو ته امن امان جي صورتحال بهتر آهي،، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پورهيتن جو  بلوچستان ۾ قتل ٿيڻ  تمام گهڻن کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪي سنڌي  پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ٻي هنڌ ڪمائڻ نه ويندا آهن انهن کي ڪير وٺي بلوچستان ويو ۽ اتي وڃي ڪم ڪرائيندو هو، آخر انهن سنڌي پورهيتن کي ڪهڙي ضرورت پئي جو ذخيرن سان مالا مال سنڌ کي ڇڏي وڃي بلوچستان جي پهاڙن کي وسايو جيڪڏهن ان سموري صورتحال جو جائزدو وٺنداسين ذميوار حڪومت ئي نظر ايندي جيڪڏهن وفاقي حڪومت پورهيتن کي تحفظ فراهم ڪري ها ته اتي ڪنهن به شهر ۾ پورهيتن جو قتل عام نه ٿئي هئا، جيڪڏهن  حڪومت کي هن وقت بلوچستان جي حالتن کان آگاهه ڪري ته پوءِ به ڪيترن ئي معصوم ماڻهن جون حياتي بچي پوندويون ۽ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن وزيراعظم بلوچستان  جي حالتن تي قوم کي آگاهي ڏيندو تڏهن وڃي ئي بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ پوريهيتن جو قتال عام رڪجي سگهندو.

No comments:

Post a Comment