Pages

Thursday 18 May 2017

نيوز ليڪس معاملو حل ٿي ويو؟

صاحب خان ڀٽي
جڏهن ڊان ليڪس خبر تي ملڪ اندر بحث شروع ٿيو تڏهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته جڏهن خبر جي ترديد ڪئي وئي ته ان وقت معاملو ختم ٿي ويو هو پر ان باوجود ان خبر کي ليڪ ڪندڙ صحافي پنهنجي موقف تي بيٺل رهيو، جنهن بعد اهو معاملو ڳنڀير ٿيندو ويو، شروعات ۾ ته ڪنهن به سياسي پارٽي ان معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪا همت نه ڪئي هئي پر جڏهن نيوز ليڪس معاملي جي جاچ شروع ٿي ته ان وقت نون ليگ سرڪار ٿورو لڏي وئي هئي ۽ ان خبر جي بنياد تي سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد کي عهدي تان هٽايو ويو هو، تنهن بعد ائين لڳي رهيو هو ته اهو معاملو ختم ٿي ويو آهي پر ان معاملي کي سلامتي جو معاملو به قرار ڏنو ويو، جڏهن ان معاملي جي جاچ جو هر طرف کان دٻاءُ اچڻ لڳو ته آخر خبر ليڪ ڪرڻ جا ذميوار ڪير آهن؟ ته ان وقت هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، جنهن کي پاڪ فوج طرفان هڪ ٽوئيٽ ذريعي رد ڪيو ويو، ان کان پوءِ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو هو ته ٽوئٽ زهر قاتل آهن،
مطلب ته صورتحال ٽڪراءُ واري ٿي وئي هئي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڪهڙن ٽوئٽز کي زهر قاتل چيو جيڪو شايد هر ڪو نه سمجهيو هو، هڪ طرف آءِ ايس پي آر طرفان حڪومتي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو ويو ته مٿان وري چوڌري نثار علي جي بيان ملڪ اندر ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو هو ۽ چوڌري نثار وزيراعظم نواشريف سان ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪيون هيون ۽ انهن ملاقاتن تي پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو هو ته اهي ملاقاتون صرف مريم نواز کي بچائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ان حوالي سان هڪ اهم پريس ڪانفرنس جو به اعلان ڪيو هو پر جڏهن پريس ڪانفرنس جو وقت آيو ته ان کان ٿورو اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اها پريس ڪانفرنس ملتوي ڪري ڇڏي هئي، ان کان پوءِ جڏهن وفاقي گهرو وزير پريس ڪانفرنس ڪئي ته ان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي ڪنهن به تنقيد ڪئي يا وري اعليٰ ادارن خلاف ڳالهايو يا ان جي تضحيڪ ڪئي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير ايف آءِ اي کي به حڪم جاري ڪيا هئا، بهرحال اهي حڪم پنهنجي جاءِ ته پر سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو  آهي.
شايد اڄ جي دور ۾ پاڪستان اندر ميڊيا کي ڏيکارڻ جي اجازت نه آهي، اهو ان ڪري نه آهي ته وفاقي سرڪار پنهنجي مرضي موجب قانون جوڙيا آهن جنهن سان ڪڏهن ڪنهن بااثر ماڻهو خلاف خبر هلائڻ ناممڪن ٿي ويو آهي پر ان باوجود ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو احتجاج اعليٰ ادارن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، ان جا ڪيترائي مثال هن ملڪ ۾ موجود آهن پر ان تي اڄ جا حڪمرن پابندي لڳائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کي اظهار جي آزادي ڪيتري حاصل آهي اها ڳالهه شايد ڪنهن کي به لڪيل نه آهي. سڌسماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب  ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته خبر رپورٽ ٿيڻ گهرجي پر ايجاد نه ٿيڻ گهرجي ۽ اهو به چيو هو ته هن ملڪ ۾ اظهار جي مڪمل آزادي آهي. جڏهن نوازسرڪار کان ڊان ليڪس بابت صحافين طرفان پڇاڻو ڪيو ويو ته ان وقت به نوازسرڪار چيو هو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي،
ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف طارق فاطمي کي به هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن طارق فاطمي کي هٽايو ويو ته ان وقت سينيٽر اعتزاز احسن هڪ ڀيرو ٻيهر قانوني نڪتن سان گڏ ميدان ۾ لهي پيو هو ۽ چيو هو ته ڊان ليڪس معاملي تي طارق فاطمي ۽ پرويز رشيد کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، هن اهو به چيو هو ته انهن ٻنهي کي هٽائڻ جو مقصد اصل جوابدارن کي بچائڻ آهي. طارق فاطمي کي هٽائڻ کي پوءِ  عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو هو ته نواز سرڪار ڊان ليڪس معاملي تي وچ وارو رستو اختيار ڪيو آهي پر جڏهن آءِ ايس پي آر حڪومتي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو ته ان وقت ٻيهر شيخ رشيد چيو ته لڳي ٿو ته نوازسرڪار جي نصيب م وچ واو رستو ئي نه آهي. پاڪ فوج طرفان حڪومتي نوٽيفڪيشن کي رد ڪرڻ بعد ملڪ اندر هڪ وڏو بحث ڇڙي ويو، هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو ته هاڻ نوازسرڪار جي حڪومت وئي پر ائين نه ٿيو .
وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي ملاقاتن رنگ لاتو ۽ پاڪ فوج جي ترجمان پنهنجو ٽوئيٽ واپس وٺي ڇڏيو ۽ چيو ويو ته ڊان ليڪس معاملو حل ٿي ويو، جڏهن اهي بيان ٻڌڻ ۾ آيا ته لڳي رهيو هو ته ڊان ليڪس معاملو حل ٿي ويو ۽ اخبار  ۽ صحافي خلاف ڪارروائي ٿيندي، اهو ان ڪري لڳي رهيو هو  ته عسڪري قيادت طرفان ٽوئٽ واپس ورتو ويو هو جيڪو نوازسرڪار جي حمايت ۾ هو ۽ جيڪي سياستدان ڊان ليڪس بابت حڪومت کان پڇاڻو ڪري رهيا هئا، اهي به خاموش ٿي ويا پر جڏهن هر طرف اعتزاز احسن جيان ماڻهو سوال ڪرڻ لڳا ته سياسي اڳواڻن به ٿوري جرئت ڏيکاري ۽ ڊان ليڪس معاملو وڃي ايوانن ۾ پهتو، قومي اسيمبلي به اهو چيو ويو ته اهي ماڻهو ڪير ٿيندا آهن جيڪي چئي رهيا آهن ته ڊان ليڪس معاملو حل ٿي ويو، سمورا ادارا ايوانن آڏو جوابده آهن ۽ سمورن ادارن کي ايوان آڏو جواب به ڏيڻو پوندو. ايتري قدر جو اپوزيشن پارٽين به نوازسرڪار کان پڇاڻو ڪرڻ شروع ڪيو پر ان باوجود نوازسرڪار طرفان چيو ويو ته ڊان ليڪس تي سياست ڪئي پئي وڃي،
اپوزيشن پارٽين ته اهو به مطالبو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ڊان ليڪس بابت وضاحت پيش ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته جڏهن نيوز ليڪس وارو معاملو اٿيو ته ان وقت پرڏيهي ميڊيا ان معاملي کي تمام گهڻو کنيو هو ، ايتري قدر جو اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته نيوز ليڪس قومي سلامتي جو معاملو آهي، جيڪڏهن نيوز ليڪس قومي سلامتي معاملو هو ته پوءِ آخر ذميوارن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي، جن ماڻهن خلاف وفاقي حڪومت ڪارروائي ڪئي ۽ انهن کي عهدن تان هٽايو آهي، انهن خلاف به ڪا اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، هونءَ ته حڪومت جن کي به هٽايو آهي انهن خلاف اها ڪارروائي نه ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته قومي سلامتي وارو معاملو انتهائي حساس آهي ۽ حڪومت کي به ان جو ايوان ۾ جواب ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن جواب نه ڏنو ويو ته اهو معاملوڪڏهن به هن ملڪ اندر حل نه ٿي سگهندو ۽ مستقبل ۾ به اهڙيون خبرون ليڪ ٿيڻ جا خدشا وڌي ويندا، ان لاءِ ضروري آهي ته وزيراعظم نوازشريف اپوزيشن پارٽين جي سوالن جا جواب ڏئي ته جئين خبر پئي ته اهو معاملو واقعي حل ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن ٻي کي ان معاملي تي سياست چمڪائڻ جو موقعو نه ملي سگهي، جيڪڏهن واقعي ڊان ليڪس جا ذميوار پرويز رشيد ۽ طارق فاطمي آهن ته پوءِ انهن خلاف به قانون موجب سزا ڏني وڃي.نه ته ملڪ اندر پاناما سان گڏ نيوز ليڪس تي به سياست چمڪائندڙ مصروف رهندا ۽ ان جو فائدو ڪنهن ٻي کي ٿي سگهي ٿو.


No comments:

Post a Comment