Pages

Wednesday 24 May 2017

60 ڏينهن واري رپورٽ کانپوءِ ڇا ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس هڪ ڀيرو ٻيهر نواز ليگ سرڪار لاءِ هڪ چيلنج بڻجي ويو آهي، جڏهن ڊان ليڪس جو معاملو اٿيو ته سمورين پارٽين جو ڌيان صرف ڊان ليڪس تي .ئي هو ۽ ان معاملي جي جاچ لاءِ وڏا وڏا بيان ڏنا پئي ويا پر ان مان به نوازسرڪار پنهنجي جند آجي ڪرائي چڪي آهي ۽ هاڻ وري پاناما بابت هر هڪ پارٽي وزيراعظم کان وضاحت طلب ڪري رهي آهي، ڪجهه پارٽيون ته وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو  به ڪري رهيون آهن ، ان باوجود نواز سرڪار  ڪنهن جي هڪ به نه ٻڌي آهي ۽ پاناما ڪيس کي عدالت ۾  به منهن ڏئي رهي آهي، هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڪڏهن به وزيراعظم نوازشريف  جي بيانن تي اعتبار ڪيو آهي پر جڏهن پاناما معاملو عدالت ويو ته تحريڪ انصاف جا ڌرڻا به ختم ٿيا ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن به نواز سرڪار خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ بند ڪئي، هن وقت به تحريڪ انصاف  پاناما واري معاملي کي روڊن تي نه آڻي رهي آهي ۽ نه ئي وري پاناما معاملي تي  ڪو اهڙو خاص بيان ڏنو پيو وڃي جنهن سان عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪري، مطلب ته تحريڪ انصاف به ٿورو احتياط کان ڪم وٺي رهي آهي, جنهن سان ملڪ اندر ڌرڻن واري سياست تي ڪافي حد تائين ضابطو اچي چڪو آهي،
رهي ڳالهه سياست چمڪائڻ واري ته ان حوالي سان مختلف پارٽيون ايندڙ چونڊن لاءِ تياري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويون آهن، هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ اندر واعدن وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن طرفان عوام کي اهو اعتبار ڏيارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن سندن حڪومت قائم ٿي ته هو ملڪ اندر بجلي جو بحران ۽ ٻين مسئلن کي ختم ڪري ڇڏيندا ۽ اهڙيون دعوائون اهي ئي پارٽيون ڪري رهيون آهن جن جي ماضي واري حڪومتي  دور ۾ دهشتگردي ۽ بجلي جو وڏو بحران موجود هو پر ان باوجود اهي پارٽيون نواز سرڪار کي ئي ڏوهي قرار ڏئي رهيون آهن پر هن وقت سڄو ماحول تبديل ٿي ويو آهي ، هڪ طرف دهشتگردي ته ٻي طرف مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل نواز سرڪار آهي، جنهن سبب ملڪ اندر امن امان واري صورتحال ڏينهو ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ اهو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو هن ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر امن امان جي صورتحال خراب ٿي ئي آهي،
نوازسرڪار  پاناما ليڪس واري معاملي کي به منهن ڏئي رهي آهي ته سرحد وٽ به ڇڪتاڻ نواز ليگ جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيو آهن، سرحدي ڇڪتاڻ تي ته سڄي قوم به پريشان  آهي ڇاڪاڻ ته ڀارتي هوائي فوج  جي سربراهه  آفيسرن کي مختصر نوٽيس تي آپريشن لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  جنهن بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ جا خدشا وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت به  بجلي جي بحران سان گڏ سرحدي ڇڪتاڻ  وڌي وئي ته اهو نواز سرڪار سميت هن ملڪ جي عوام لاءِ وڏو چيلنج هوندو. هونءَ ته ڪلڀوشن معاملي تي ڀارت تمام گهڻو ڪاوڙيل آهي، جنهن سبب سرحد تي ڇڪتاڻ به پيدا ڪئي پئي وڃي. هن وقت  ملڪ اندر نواز سرڪار پاناما بابت ٿورو گهٽ ڳالهائي رهي آهي ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته پاناما ليڪس معاملو هاڻ  سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان نواز سرڪار ٿورو مطئمن به نظر اچي رهي آهي پر ماضي جيڪي به تحريڪ انصاف طرفان ڪرپشن خلاف ڌرڻا هنيا ويا، ان سان ملڪ ۾ نقصان به ٿيو ۽ عوام به پريشان ٿي پر حڪمرانن جي وار کي به لوڏو نه آيو ان جو اندازو هاڻوڪي وقت مان به لڳائي سگهجي ٿو.
جڏهن تحريڪ انصاف ڪرپشن خلاف مهم جي شروعات ڪئي ته ان وقت سڄي قوم جون نظرون عمران خان تي هنيون ۽ ملڪ جو عوام اهو سوچي رهيو هو ته هاڻ ملڪ اندر انقلاب ايندو ۽ تنهنجي واري منهنجي واري وارو سلسلو ختم ٿي ويندو پر پاناما ليڪس معاملي  تحريڪ انصاف جي سياسي طاقت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ۽ هر هڪ ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته ڪرپشن خلاف ٿيندڙ احتجاج ۽ ڌرڻا صرف هڪ شخص ئي خلاف آهن تنهن جي ڪري عوام جو رجحان واپس ساڳين پارٽين ڏانهن ويو، هڪ ٻيو سبب اهو به هو ته جن پارٽين خلاف تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڳالهائيندو هو، جڏهن انهن پارٽين مان ڪو به ماڻهو سندس پارٽي ۾ شموليت جي دلچسپي ظاهر ڪندو هو ته ان  جي  عمران خان آجيان ڪندو هو، هن وقت به ملڪ جا اڪثر ماڻهو  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي نئين پاڪستان واري نعري  تي متفق آهن ته هو هڪ نئون پاڪستان چاهين ٿا، اها عوام جي به خواهش آهي ته هڪ اهڙو نئون پاڪستان ٺاهيون وڃي جتي ماڻهو تعصب کان پاڪ هجن ۽ غريب قومن جا حق غضب نه ٿيندا هجن ۽ اهڙو قانون هجي جتي هر هڪ ماڻهو کي پنهنجي راءِ جي اظهار جو مڪمل  حق حاصل هجي ۽ ڪنهن کي به اهو اختيار نه هجي ته هو ڪنهن ٻي ماڻهو کي غداري جو لقب ڏي پر افسوس جو اڄ ڪلهه حق گهرندڙن ۽ سچ ڳالهائيندڙن کي غدار جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار ثابت ٿيندو،
جيڪي ماڻهو پاڻ کي سچو ۽ وفادار جو سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيا آهن اهي ماڻهو هن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن جن کي هن ملڪ جي ڪا به پرواهه نه آهي ۽ نه هن ملڪ جي عوام سان ڪا دلچسپي آهي، ڀلي کڻي هن وقت تحريڪ انصاف کان مختلف پارٽيون ڪاوڙيل آهن پر تحريڪ انصاف عمران خان جا نئين پاڪستان جا نعرا  هن وقت به گونجي رهيا آهن پر افسوس جو پاناما معاملي تي هن وقت تحريڪ انصاف هڪ هنڌ بيهجي وئي آهي جنهن سبب تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنهنجيون  سرگرميون محدود ڪري ڇڏيون آهن، بهرحال هاڻ تحريڪ انصاف  هن وقت پاناما معاملي تي شروعات کان وٺي هن وقت تائين تمام  گهڻو سرگرم نظر اچي رهي آهي ۽ اها ئي واحد پارٽي آهي جيڪا وزيراعظم نوازشريف لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي پر جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ته ان وقت نواز ليگ به پيپلزپارٽي اهڙا ئي قدم کڻندي هئي جيڪي هن وقت تحريڪ انصاف نواز سرڪار خلاف کڻي رهيو آهي.  فرق صرف ايترو آهي جو ان وقت  يوسف رضا گيلاني کي عهدي تان هٽايو ويو هو پر هاڻ هن وقت به وزيراعظم نوازشريف پنهنجي عهدي تي برقرار آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پيپلزپارٽي به نواز سرڪار تي ٿورو ڪاوڙيل نظر اچي رهي آهي، اها ڪاوڙ پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي يا وري ملڪي مسئلا حل ڪرڻ بابت ظاهر ڪئي پئي وڃي، اها ته صرف پيپلزپارٽي کي ئي خبر هوندي، هونءَ  ته هن وقت پاناما ليڪس معاملي تي سياسي سرگرميون ڪافي حد تائين محدود ٿي ويون آهن پر سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي جي جاچ رپورٽ جو هر هڪ کي انتظار آهي، تحريڪ انصاف ته جي آءِ ٽي جي جاچ رپورٽ پڌري ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو هو پر  اهڙي درخواست رد ڪئي وئي هئي، هن وقت سپريم ڪورٽ پاران ڏنل جي آءِ ٽي جي جاچ کي 15 ڏينهن کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ ان حوالي سان جي آءِ ٽي جي  سربراهه واجد ضياءَ پاناما بابت ٿيل 15 ڏينهن واري جاچ جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ عدالت طرفان چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو جي آءِ ٽي سان سهڪار نه ڪري ته کين ٻڌايو وڃي، ايتري قدر جو عدالت پاران پاناما جي آءِ ٽي  جي رپورٽ تي اطمينان جو به اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جي آءِ ٽي کي وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو 60 ڏينهن ڏنا ويا هئا ۽ انهن ڏينهن اندر ئي جي آءِ ٽي کي پاناما ليڪس جي جاچ مڪمل ڪرڻي آهي، هاڻ صرف هر هڪ ماڻهو جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهيو آهي، هونءَ ته نواز ليگ سرڪار ڊان ليڪس مان ته پنهنجي جند آجي ڪرائي چڪي آهي  ۽ پاناما ليڪس مان به اهو ئي ظاهر ٿي رهيو آهي ته ان معاملي کي به نواز سرڪار آساني سان منهن ڏئي ڇڏيندي.

No comments:

Post a Comment