Pages

Saturday 27 May 2017

برطانوي عام چونڊون ۽ دهشتگردي

صاحب خان ڀٽي
برطانيا دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جتي سياستدانن کي سياسي پناهه ڏني ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ملڪن جي سياستدانن جا گهر ۽ دولت برطانيا ۾ ئي هوندي آهي پر افسوس جو ان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو اڄڪلهه دهشتگردي جي ور چڙهي ويا آهن، هي اهو ئي ملڪ هو جتي ماڻهن يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ لاءِ ريفريڊم به ڪرايو هو، ايتري قدر جو پاناما ليڪس معاملي ۾ سندس نالو آيو هيو ۽ جڏهن برطانيا ۾ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ ريفريڊم ڪرايو ويو هو تڏهن برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرن عوام جي مطالبي کي تسليم ڪيو هو ۽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ به ڏني هئي، هونءَ ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به سربراهن طرفان پاناما ليڪس ۾ نالو اچڻ بعد استعيفائون ڏنيون ويون هيون، پر ڪجهه ملڪن ۾ اڄ به پاناما تي بحث جاري آهي ۽ جاچ به هلي پئي. هن وقت برطانيا جي وزيراعظم ٿريسامي آهي، جيڪا سڄي ملڪ جو ڪاروهنوار سنڀالي رهي آهي پر ان باوجود برطانيا ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، هن وقت برطانيا اندر دهشتگردي جون کوڙ ساريون ڪارروايون ٿي چڪيون آهن،
ڪڏهن برطانيا ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران فائرنگ ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري ماڻهن مٿان ڪار چاڙهي دهشتگردن جي موجودگي جو احساس ڪرايوويندو آهي، هن وقت به برطانيا اندر چونڊن جون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن ۽ چون سرگرميون ان وقت شروع ٿيون جڏهن برطانوي وزيراعظم ٿريسامي اعلان ڪيو هو. جڏهن ڊيوڊ ڪيمرون وزيراعظم هو ته ان وقت 2016ع ۾ يورپي يونين کان ڌار جو فيصلوڪيو ويو هو ۽ ان حوالي سان ريفريڊم به ڪرايوويو هو ۽ عوام طرفان ڀرپور نموني حصو ورتو ويو هو۽ ان وقت برطانا جي عوام  اهو ثابت ڪيو هو ته هو ڪنهن به صورت ۾  يورپي يونين ۾ نه رهندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برطانيا ۾ جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿيون ان سان عوام کي کوڙ سارو نقصان پهتو  آهي پر اهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به دهشتگردي برطانيا جي سڪيورٽي ادارن لاءِ چيلينج بڻجي وڃي ٿي، هي اهو ئي ملڪ آهي جو دنيا جا ٻيا ملڪ به ان کان معاملي جي جاچ ڪرائيندا آهن پر هن  وقت برطانيا لاءِ پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي جاچ تمام گهڻو  ڏکيو ثابت ٿي رهي آهي. جڏهن ڊيوڊ ڪيمرون وزيراعظم هو ته ان وقت  به مختلف وقتن تي ننڍڙيون ننڍڙيون دهشتگرد ڪارروايون ٿينديون هيون پر هاڻ ته  برطانيا ۾ به دهشتگردن حد پار ڪري ڇڏي آهي ۽ سپر پاور ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ ملڪ  کي اکيون ڏيکاري ريو اهي.
هڪ ٻه ڏينهن اڳ جڏهن برطانوي شهر مانچسٽر ايرينا ۾ آمريڪي گلوڪارا آريانا گرينڊ جي ڪنسرٽ دوران  ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جنهن بعد ملڪ اندر هڪ افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ برطانوي وزيراعظم اهڙي ڪارروائي کي دهشتگردي قرار ڏيندي چونڊون سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. برطانوي وزيراعظم ٿريسامي به دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي  پر ان باوجود اتي امن امان جي صورتحال بهتر نظر نه اچي رهي آهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برطانيا يوپر جي ملڪن مان اهو واحد ملڪ آهي جيڪو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جتي شهزادن ۽ راڻين جو ذڪر به ٿيندو آهي مطلب ته اڄ به اتي شهزادن ۽ راڻين جو راڄ قائم آهي.  برطانيا برٽن طور به سڃاتو ويندو آهي جيڪو يورپ جو ملڪ آهي، برطانيا هڪ سياسي اتحاد آهي جيڪو 4 ملڪن انگلستان، اسڪاچستان، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ سان گڏجي ٺاهيو ويو هو. برطانيا هڪ آئيني بادشاهت آهي جيڪي 16 ملڪن جي طرح راڻي  ايلزبٿ دوم کي پنهنجو حڪمران تصور ڪندا آهن. برطانيا هڪ انتهائي ترقي يافته ملڪ آهي ان جي معيشيت دنيا جي پنجين ۽ يورپ جي ٻي سڀ کان وڏي معيشيت آهي، جيڪا تقريبن 2.2 کرب آمريڪي ڊالرزآهي،
برطانيا آبادي جي لحاظ کان يورپي  يونين جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي پر هاڻ  برطانيا يورپي يونين کان عليحدگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان برطانيا ۾ ريفريڊم به ڪرايو ويو هو، جنهن بعد يورپي يونين ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو هو. برطانيا جي آبادي  لڳ ڀڳ 60.2 ملين آهي،  برطانيا گڏيل قومن جو باني ميمبر ۽ سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبرآهي. برطانيا دنيا جي وڏي جوهري طاقتن مان هڪ آهي، برطانيا جي سلطنت وارو نظام ختم ٿيڻ باوجود انگريزي زبان جا عالمي استعمال اڄ به دنيا تي باقي آهن. جئين ته برطانيا ۾ سلطنت وارو نظام هوندو آهي مطلب ته اڄ به اتي راڻي ۽ شهزادي وارو تصور قائم آهي ۽ ان جي ڪري ئي اتي شاهي طريقن کان هر هڪ واقف آهي. ڪجهه عرصو اڳ برطانوي شهزادي وليم کي راڻي الزبٿ جي نائين هين سالگرهه واري تقريب هلي رهي هئي ته ان دوران رائل ايئر فورسز جي جهاز راڻي کي سلامي پيش ڪري رهيا هئا ته سمورا ماڻهو اٿي بيٺا پر شهزادو وليم يڪو هيٺ ويٺو رهيو ۽ اٿي نه بيٺو، شهزادي وليم کي وٺيل ڏسي ڪاوڙجي پئي هئي ۽ شهزادي کي ڇنڊ به پٽي هئي،
بهرحال اهو اتان جو بادشاهت جو مسئلو آهي مطلب  ته برطانيا جي شاهي خاندان جو پنهنجو ذاتي مسئلو هو پر اڄ ڪلهه اتي به چونڊن وارو سلسلو هلندو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته يورپي يونين سان ڪافي عرصي گڏ رهڻ بعد برطانيا کي نيٺ خيال ۽ ايو يورپي يونين کان عليحدگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان برطانيا ۾  ريفريڊم به ڪرايو ويو ۽ اڪثريت ماڻهن جي يورپي يونين کي ڇڏڻ جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ برطانوي وزيراعظم ٿريسامي   ايوان ۾ بل به پيش ڪيو هو، جنهن کي به منظورڪيو ويو هو. بهرحال اڄ ڪلهه  برطانيا اندر دهشتگردي جي لهر پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب اتي به امن امان جي حوالي سان سڪيورٽي خدشا وڌندڙ پيا وڃن هونءَ ته برطانيا امن جي لاءِ سان سڃاتو ويندو هو ۽ اتي سياسي اڳواڻن کي به سياسي پناهه ملي ويندي هئي جيڪا به ملي رهي آهي.  ڪجهه عرصو برطانيا ۾ پارليامينٽ آفيس آباهران هڪ واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ به ڪافي سارا ماڻهو ماريا ويا هئا ۽ هاڻ وري هڪ ڀيرو برطانيا جي مانچسٽر ايرينا ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾  20 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 59 کان وڌيڪ زخمي به يا. ٻڌايو پيو وڃي ته آمريڪي ڳائڻي اريانا گرينڊي جي ڪنسرٽ دوران زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ آمريڪي ڳائڻي محفوظ رهي. اهڙي واقعي بعد برطانوي وزيراعظم ٿريسامي ڌماڪي کي دهشتگردي قرار ڏيندي پنهنجي چونڊ مهم ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين پارٽين طرفان به چونڊ مهم ملتوي ڪئي وئي.
برطانوي وزيراعظم ٿريسامي مانچسٽر ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته مانچسٽر ڌماڪي ۾ معصوم ٻارڙن ۽ نوجوانن کي نشانو بڻايو ويو ۽ اهو عزم به ڪيو ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي جاري رکندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته 8 جون 2017ع تي ٿيندڙ عام چونڊن تي به اها دهشتگردي تمام گهڻو اثر انداز ٿي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ سمورين سياسي پارٽين طرفان چونڊ مهم ملتوي ڪئي وئي آهي پر ايندڙ چونڊن کان اڳ برطانيا جهڙي ملڪ ۾ دهشتگردي  جو واقعو وڏا سوال اٿاري ڇڏي ٿو ته ڇاڪاڻ ته اڳ برطانيا ۾ چونڊن کان اڳ اهڙو دهشتگردي جو واقعو پيش نه آيو آهي. جنهن سبب مانچسٽر ڌماڪو ۽ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ واري حتمي فيصلي کانپوءِ برطانيا جي حالتن ۾ تبديلي اچي  وئي آهي ايتري قدر جو سڪيورٽي جا به خدشا وڌندا پيا وڃن جنهن سبب لنڊن ۽ ٻين برطانيا جي ٻين شهرن ۾ پوليس کي ڪوڙا بم جا اطلاع به ملي رهيا آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته برطانوي وزيراعظم وقت کان اڳ جيڪو چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو ان تي برقرار رهندي يا وري دهشتگردي جو جواز ڄاڻائي چونڊن کي ڪجهه عرصو ملتوي ڪري ڇڏيندي.

No comments:

Post a Comment