Pages

Sunday 28 May 2017

ڊرون جهڙي بجيٽ، سنڌ جو عوام

وفاقي سرڪار نئين مالي سال جي بجيٽ جو اعلان ڪري هڪ مهانگائي جو وڏو طوفان آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ وري وارو صوبائي حڪومتن جو آهي ته اهي ڪهڙي ريت صوبن اندر بجيٽ پيش ڪن ٿيون، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته سنڌ سرڪار  گذريل سال به مختلف منصوبن  لاءِ رکيل رقم خرچ نه ڪري سگهي هئي جنهن بعد اهو محسوس ٿي رهيو هو ته هن حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي به  خاص قدم نه کنيا آهن جيڪڏهن ڪو عوامي ڀلاءِ قدم کنيو وڃي ها ته بيروزگاري سبب  جيالا پاڻ کي باهه ڏئي نه ساڙين ها ۽ نه  غريب اٻوجهه ماڻهو  پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿيا آهن، سنڌ حڪومت جي بدانتظامي ته ان مان ئي صاف ظاهر آهي  جو پنج سالن جي دوران سنڌ ۾ هڪ به  پاور پلانٽ نه لڳايو ويو آهي، جيتوڻيڪ هتي ڪوئلو، گيس ۽ پيٽرول موجود آهي پر ان باوجود سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا صرف وقت گذاري رهيا آهن ۽ صوبي جي مسئلن ڏانهن ڪو به ڌيان نه پيو ڏني وڃي ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي ويندي آهي، جڏهن به سنڌ حڪومت جي بجيٽ پيش ٿيندي آهي ته اها پڪ ٿي ويندي آهي ته عوام کي هن ڀيري به ڪو رليف نه ملندو ۽ نه ئي ڪا  زراعت تي سبسڊي ڏني ويندي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جو دارو مدار  جو ڪافي سيڪڙو زراعت تي ئي آهي پر ان باوجود حڪمران نه ته سنڌ جي ڪڻڪ کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۾ ڪا آبادگارن جي مدد ڪندا آهن ۽ نه ئي وري   سنڌ سرڪار جا ڪامورا پاڻ ڪڻڪ خريد ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا هاري اڄ به غربت  واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، هونءَ ته ٻين ملڪ اندر هاري تمام گهڻو خوشحال هوندا آهن ڇاڪاڻ ته اتان جون حڪومت آبادگارن کي تمام گهڻو ريليف فراهم ڪنديون آهن پر افسوس جو  هتان جا حڪمران صرف پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيت جوڙڻ  لاءِ مصروف آهن،  جيتوڻيڪ وفاقي بجيٽ  پيش ٿي چڪي آهي پر  سنڌ جو عوام وفاقي بجيٽ کان ايترو  خوفزده نه هو جيترو هاڻ سنڌ حڪومت جي بجيٽ تي نظر اچي رهيو آهي، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سنڌ جو عوام ڄاڻائي ٿو ته سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ ڪامورا صرف نوڪريون وڪرو ڪرڻ ڄاڻين ٿا ۽ عوام تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ڄاڻين ٿا ان سان گڏ حق گهرندڙن تي پوليس جي لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪرڻ اچي ٿو،
افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ سرڪار طرفان بجيٽ ۾ مختلف منصوبن لاءِ پيسا رکيا ويا هئا  پر حڪومت ان کي خرچ نه ڪري سگهي هئي ۽ ان وقت ئي ٿر ۾ معصوم گلن جهڙا ٻارڙا فوت ٿي رهيا هئا پر حڪومت انهن تي خرچ ڪرڻ بدران پريشان ٿي وئي هئي ته اها ڪٿي خرچ ڪئي وڃي. جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران به ائين سوچين ته پوءِ آخر ڪهڙي ريت اسان چونداسين ته هاڻوڪي بجيٽ به عوام ريليف هوندي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ  جي سرڪاري ملازمن جي پگهار تمام گهٽ آهي ۽ ان سان گڏ ٻين صوبن ۾ سرڪاري  نوڪريون اتان جي ماڻهن کي ئي مليل آهن پر افسوس جو سنڌ جو  وڏو وزير هوندي به سنڌ پوليس هجي يا ڪو ٻيو سرڪاري ڌارين جي لوڌ ڀري پئي آهي صرف ٻين صوبن جا ماڻهو ڀريا پيا آهن، افغانين جي به وڏي لوڌ لٿل آهي، ظاهر ڳالهه آهي ته جنهن صوبي ۾ ماڻهو گهڻا هجن ته ان صوبي جي به وڏي بجيٽ هجڻ گهرجي پر هتي سڀ ڪجهه ابتڙ ئي ٿي رهيو آهي،
هن وقت صوبائي سرڪار کان ويندي وفاقي سرڪار تائين سمورا ڪامورا صرف پنهنجي مرضي هلائي رهيا آهن پر سنڌ کان علاوه ٻين صوبن ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن پر سنڌ ۾ نه ته بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آهي نه ئي وري ڪوئلي ۽ گيس مان بجلي تيار ڪئي پئي وڃي، هونءَ ته قدرت سنڌ کي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر  وفاق جي قبضي سنڌ حڪومت جي بدانتظامي سبب سنڌ  کي ٽڪو به نه ملي رهيو آهي ۽ نه ئي بجيٽ ۾ سنڌ جي عوام کي ڪو رليف فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي سنڌ جي عوام کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِڪي جوڳا قدم کنيا پيا آهن. بهرحال سنڌ حڪومت جي هي بجيٽ ڀلاري مهيني ۾ پيش ٿي رهي آهي مطلب ته وفاق رمضان کان اڳ بجيٽ پيش ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ هاڻ واري سنڌ حڪومت جي آهي ته اها ڪهڙي ريت سنڌ جي ماڻهن جي کل لاهي، ماضي  جون بجيٽون  ڪنهن کان وسري نه آهن ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت ڪا اها اميد رکي سگهجي ٿي ته هن بجيٽ ۾ بيروزگاري، مهانگائي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي ويندي.
جيتوڻيڪ هن وقت سنڌ اندر گرمي تمام گهڻو آهي  ۽ برساتون به اڃا نه ٿي آهي پر ان باوجود سنڌ کي پاڻي وفاق طرفان گهٽ ملي رهيو آهي جيڪڏهن سنڌ حڪومت به سنڌ ۾ ڊيمن جي اڏاوتن لاءِ بجيٽ ۾ پيسا رکي ها ۽ ڊيم ٺهرائي ها ته اڄ پنجاب اسان جو پاڻي چوري نه ڪري ها ۽ نه ئي ڪنهن ٻي صوبي کي همت ٿئي ها ته اهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي ها. هونءَ ته پيپلزپارٽي وفاقي سرڪار جي بجيٽ کي  مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجههسنڌ جا ڪامورا اهو به چئي رهيا آهن ته اها عوام دشمن بجيٽ آهي هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ جا ڪامورا سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙو رليف فراهم ڪن ٿا ڇا هن ڀيري سرڪاري ملازمن جي پگهارون پنجاب حڪومت جي ملازمن جي برابر ٿينديون يا وري  اڃا ڌارين جي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪي فنڊ رکيا ويندا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وفاقي سرڪار خيرسگالي طور هميشه سرحدون کولندي رهندي آهي جيڪا ڳالهه ڪنهن کان لڪيل به نه آهي، ڪڏهن ايران  ته ڪڏهن وري افغانستان جنهن کي ڀائرن جهڙو ملڪ ڪوٺينداآهيون اهو سرحدن کان گولا فائر ڪندو  آهي  ۽ اسان جا حڪمران چوندا آهن ته افغانستان ڀائر ملڪ آهي، هڪ طرف خيرسگالي طور دهشتگرد هتي جي دهشتگردي ڪري رهيا آهن ته مٿان وري رهي صحي ڪسر افغانستان  جو فورسز پوري  ڪري رهي آهي.
بهرحال وفاقي سرڪار خيرسگالي طور تي ڪجهه به ڪري سگهي ٿي جنهن کان ڪير کيس روڪي به نه ٿو سگهي جيڪڏهن وفاقي سرڪار کي ڪير روڪي سگهي ها ته اڄ  صوبا ناانصافين جون دانهون نه ڪن ها ۽ نه  سنڌ ۽ بلوچستان جو وفاق کان مايوس ٿئي ها. رهي ڳالهه بجيٽ جي ته  هن سال رمضان کان اڳ ئي بجيٽ پيش ڪئي وئي ته جئين رمضان ۾ عوام جي بدعائن کان بچي سگهجي. هن ڀيري هڪ طرف عوام تي بجيٽ جو ظلم ته مٿان وري  رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ منافي خورن جو  عذاب آهي، جن هٿ وٺي مهانگائي کي عروج تي پهچائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب غريب عوام تمام گهڻو پريشان آهي، هوننءَ به منافي خورن کي هڪ ٻيو وڏو  بهانو بجيٽ جو به ملي ويوآهي ته شيون مهانگايون ٿي ويون آهن ۽ اهي منافي خور سموري بجيٽ جي ڪسر هن ڀلاري مهيني مان ڪڍندا ۽ عوام کي ايترو پريشان ڪندا جو عوام جو جيئڻ حرام ٿي ويندو. حڪومت ته رمضان ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪندي آهي پر نوان ٽيڪس ۽ خساري جي بجيٽ عوام کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏي  جنهن سبب  صوبائي بجيٽ به عوام لاءِعذاب ئي هوندي.


No comments:

Post a Comment