Pages

Friday 19 May 2017

لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جو ايندڙ طوفان

صاحب خان ڀٽي
هن ڀيري رمضان المبارڪ  مهيني ۾ صرف مهانگائي جو طوفان نه ايندو پر بجلي جي بحران جو طوفان ايندو ڇاڪاڻ ته پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي رمضان ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد واضع ٿي ويو آهي ته هن ڀيري رمضان المبارڪ مهيني ۾هڪ ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ٿيندي ته ٻي طرف  مهانگائي جو جن به بوتل نڪري ايندو جنهن سان عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندو. هڪ طرف نئين مالي سال جي بجيٽ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن ته مٿان وري رمضان المبارڪ جو مهينو به اچي رهيو آهي، مطلب ته هڪ طرف عوام کي رمضان ۾ مهانگائي جي جن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ بعد ۾ وري نئين بجيٽ جي ٽيڪسن کي به برداشت ڪرڻو پوندو، هن وقت ملڪ اندر پيٽرول سميت سموريون شيون ٻين ملڪن جي ڀيٽ تمام گهڻو مهانگو وڪرو ٿي رهيون آهن اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو حڪمرانن ملڪ جي ترقي لاءِ جيڪي به قرض کنيا انهن قرضن جي عيوض اڄ عوام ٽيڪسن جي گهاڻي ۾ پسجي رهيو آهي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر هر هڪ شيءَ تي تمام گهڻا ٽيڪس لڳايا ويا آهن پر ان باوجود حڪمرانن طرفان کنيل قرض ادا نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري ملڪ اندر ڪا اهڙي ترقي ٿي سگهي آهي جنهن سان لڳي ته واقعي بيروزگار ي ۽ بد بحالي ختم ٿي وئي،
حڪمران چئي رهيا آهن ته ملڪ جي معيشيت تمام گهڻو مضبوط ٿي آهي هاڻ خبر نه ٿي پئي ته ملڪ جي معيشيت تمام گهڻو مضبوط ٿي آهي يا وري حڪمرانن جي پنهنجي ذاتي معيشيت مضبوط ٿي وئي آهي، جيڪڏهن ملڪ اندر ترقي ٿئي ها يا وري معيشيت جي بهتري نظر اچي ها ته اڄ عوام روڊن تي احتجاج ڪندي نظر نه اچي ها ۽ نه ئي مهانگائي جون دانهون ڪري ها ۽ نه ئي وري ماڻهو پاڻ کي ساڙڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا، هڪ طرف مهانگائي ته ٻي طرف وري بي روزگاري هن ملڪ جي عوام جو مقد بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هڪ ننڍڙي شيءَ کان وٺي ڪار تائين سمورين شين ۾ عوام ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي پر اهو ٽيڪس الائي ڪڏهن وڃي ٿو خبر ئي نه پئجي رهي آهي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو ٻڌائڻ لاءِ تيار آهي ته آخر ڪار جيڪو عالمي بينڪن کان قرض کنيو اهو ڪيترو لاٿو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺوپ وڃي ته مهانگائي جو سڀ کان وڏو سبب به  ملڪ جو قرضي هئڻ آهي. جيڪڏهن حڪمران کنيل قرض ملڪ جي بهتري ۽ خوشحالي لاءِ خرچ ڪن ها ته اڄ هن ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس جو بحران نه هجي ها ۽ نه ئي اڄ هتان جو عوام تمام گهڻو پريشان ٿئي ها. بهرحال هن وقت نئين مالي سال جي بجيٽ جون تياريون به عروج آهن ۽  کوڙ ساريون تجويزون به ڏنيون ويون آهن جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هن ڀيري به مهانگائي جو طوفان ئي ايندو ۽ عام ماڻهو کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کنيو ويندو.
هڪ طرف رمضان المبار مهينو ويجهو اچي چڪو آهي ته مٿان وري سخت گرمي سبب بجلي جي بحران به وڌندو پيو وڃي، جنهن سبب عوام بي حال ٿي ويو آهي  پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري. جيڪڏهن هن رمضان المبارڪ مهيني ۾ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي نه ٿي ته پوءِ صاف ظاهر آهي ته حڪومت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده نه آهي ۽ صرف پنهنجا ڪم سڌا ڪرڻ ۾ پوري آهي. مطلب ته حڪمران صرف پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهن جن کي عوام جي مسئلن جي ڪا به پرواهه نه آهي. گذريل رمضان المبارڪ مهيني ۾ مهانگائي ۽ بجلي جي لوڊشيدنگ جون دانهون ٿيون هيون ۽ هن ڀيري رمضان المبارڪ کان اڳ ئ بجلي جي بحران جون دانهون ٿي رهيون آهن، گذريل هڪ ٻن ڏينهن کان سنڌ جي راجڌاني واري شهر ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب عوام تمام گهڻو پريشان آهن ۽ راتون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن،
 جيڪڏهن ڏٺو  وڃي ته اهو حشر صرف ڪراچي جو نه پر سڄي سنڌ جو  آهي پر حڪمران ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده نظر نه اچي رهيا آهن، بهرحال بجلي ۽ گيس جو بحران پنهنجي جاءِ تي آهي پر مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي آهي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن خلاف ڪا ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، جيڪا رمضان المبارڪ مهيني ۾ اها جاچ ڪري ته ڪٿي عام واهپي جون شيون مهانگيون وڪرو ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن اٽو، چانور، کنڊ ۽ گيهه جون قيمتون به سرڪاري اگهه موجب وڪرو نه ڪيون ويون ته اها عوام سان وڏي ناانصافي هوندي، ان لاءِ وفاقي حڪومت کي هن وقت ئي رمضان المبارڪ مهيني ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ته جئين رمضان ۾ ڪو به ماڻهو عام واهپي جي شين کي مهانگو ڪري وڪرو نه ڪري.ٻي صرف ۾ وري هن ڀيري به عام ماڻهو هٿرادو مهانگائي ڪندڙن جو شڪار ٿي ويندا ۽ ان جي ذميواري به موجوده حڪمرانن تي هوندي. هونءَ ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وفاقي سرڪار يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي، گيهه ۽ ٻين شين ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي پر افسوس اهو اعلان صرف اعلان ئي هوندو، ڇاڪاڻ ته اڳ به جيڪي اعلان ڪيا ويا انهن تي به ڪو به عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رمضان مهيني ۾ اچي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن پر ان باوجود بجلي ۽ گيس جي گهٽ پريشر وارو مسئلو هن وقت تائين حل نه ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نوازشريف ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو هو ته رمضان المبارڪ ۾ مهيني۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ان اعلان کي ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هئا ته مٿان پاڻي ۽  بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي اهڙو بيان ڏنو جو سڀ ماڻهو مايوس ٿي ويا، جنهن مان لڳي رهيو هو ته هن ڀيري به ماڻهو رمضان المبارڪ مهيني ۾ افطاري ۽ سحري وقت بجلي ۽ گيس جهڙي سهولت کان محروم هوندا، جئين گذريل سال عوام پريشان ٿيو هو، ان وقت به صرف اهي بيان جاري ڪيا ويندا هئا ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪٿي به نه ٿي رهي آهي ۽ سمورن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، جئين هن ڀيري بيان ڏنا ويا آهن ته رمضان المبارڪ مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، هونءَ ته ماڻهو گيس جي گهٽ پريشر سبب به پريشان آهن پر اڄڪلهه هڪ طرف گرمي تمام گهڻي آهي تي ٻي طرف وري بجلي جي بحران سبب ماڻهو پريشان آهن پر ان باوجود حڪومت بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پئي کڻي. هاڻ اها وفاقي حڪومت جي ذميواري  آهي ته مهانگائي سان گڏ بجلي جي لوڊشيدنگ تي ضابطو آندو  وڃي ته جئين رمضان المبار ڪ مهيني ۾ ماڻهو مهانگائي سان گڏ بجلي جي لوڊشيڊنگ  جي عذاب کان بچي سگهن.

No comments:

Post a Comment