Pages

Tuesday 30 May 2017

پاناما جاچ ٽيم تي اعتراض ۽ چونڊون

صاحب خان ڀٽي

ملڪ اندر پاناما ليڪس معاملي بعد تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ نون وچ ۾ هڪ سياسي جنگ ڇڙي وئي آهي، اڳ ۾ تحريڪ انصاف روڊن تي هئي پر هاڻ عدالتن جا دروازا کڙڪائي رهي آهي، جنهن بعد مسلم ليگ به عدالت جو دڳ اختيار ڪيو ۽ هاڻ تحريڪ انصاف کي عدالت وڃڻ ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، جنهن سبب هاڻ تحريڪ انصاف کي پنهنجي اثاثن جو به جواب ڏيڻو پئجي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته  ڪيسن جي تڪڙي ڪاررواين مان کيس لڳي ٿو پهرين وزيراعظم نوازشريف ۽ بعد ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نااهل ٿيندو، جيڪڏهن واقعي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ وزيراعظم نااهل ٿي ويا ته ايندڙ چونڊن ۾ ٻي ڪهڙي پارٽي جي حڪومت قائم ٿيندي، اڇا اها پيپلزٽائي هوندي يا وري ڪا ٻي پارٽي ميدان ماري وٺندي؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر زميني حقيقتون اهي صاف ظاهر ڪري رهيون آهن ته  جيڪڏهن چونڊون ٿيون ۽ جمهوريت جو تختو اوندهو نه ٿيو ته سموريون پارٽيون پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪامياب ٿيندو،

 تحريڪ انصاف جا به ملڪ مان اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ جا امڪان تمام گهٽ آهي، رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي ته اها سنڌ اندر مضبوط آهي  ۽ ماضي جيان سنڌ اندر سندس خلاف ڪا به پارٽي مهاڏو اٽڪائي نه سگهندي، باقي رهي ڳالهه نواز ليگ جي ته ان پنجاب اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن  ۽ پنجاب جو عوام نواز سرڪار کان مطئمن به نظر اچي رهي آهي پر سنڌ اندر ڪو به رڪارڊ ترقياتي ڪم ڏسڻ لاءِ ملندو پر ايترو ضرور ٿيو آهي جو سنڌ اندر ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا منصوبا جوڙيا ويا آهن ۽ ميگا پروجيڪٽن تي ڪم به هلي رهيو آهي۽ سنڌ جي سون جهڙي زمين کي ڀڳڙن جي مٺ وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن تي سنڌ جا ساڃاهه وند سراپا احتجاج به هئا پر طاقت ور ڌرين اهو به آواز دٻائي ڇڏيو ۽ هاڻ نه ته سنڌ دشمن منصوبن تي ڪو آواز اٿارڻ وارو آهي ۽ نه ڪو ايتري همت  هن دور ۾ ڪو ڪري سگهي ٿو، ان جا سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته جڏهن ڪو سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهي ته ان وقت ان کي غدار چئي هميشه خاموش ڪرايو ويندو آهي ۽ سنڌ اڄڪلهه اهو ئي ٿي رهيو آهي.

جيڪي ماضي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪندا هئا اڄ اهي صرف سنڌ جي چٽي موقف سبب وفاقي سرڪار آڏو ڪنڌ لوڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته هو ان معاملي تي سنڌ جي عوام تي زبردستي نه ٿا ڪري سگهن ، باقي رهي ڳالهه سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ جي ته ان ۾ هو ها ۾ ها ملايو ويٺا آهن  ۽ شهيدن جي نالن تي ميگا پروجيڪٽن تي ڪم به هلي رهيو آهي، بهرحال نواز سرڪار  هاڻ دعويٰ ڪري رهي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ملندو، جيڪڏهن ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ملي ها  ته آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به ڌانڌلي جون دانهون نه ٿين ها، اڄڪلهه سڄي ملڪ ۾ صرف ٻن ڄڻن جي سياست هلي رهي آهي ۽ ٽئين ڌر وري صرف ٻنهي تي تنقيد ڪري سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن وقت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي نااهلي واري حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي به هلي رهي آهي ۽ مختلف پارٽيون عمران خان کان اثاثن بابت تفصيل به گهري رهيون آهن، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف سربراهه اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به جواب داخل ڪرائي چڪو آهي،

جڏهن عمران خان روڊن تي هو ته عوام ساڻس گڏ نظر اچي رهي هئي پر هاڻ جڏهن عمران خان عدالت ۾ آهي ته عوام کانئنس ڏور ٿيندي پئي وڃي، تنهن مان لڳي رهيو آهي ته آهستي آهستي عوام جو ڌيان مختلف پارٽين ڏانهن وڌندو پيو وڃي پر جڏهن عمران خان نوازسرڪار خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪرپشن خلاف روڊن تي نڪتو ۽ تبديلي جو نعرو هنيو ته سڄي ملڪ جو عوام سندس هڪ سڏ تي اٿي بيٺي هئي پر جڏهن هن ايم ڪيو ايم جي عروج واري دور ۾ ايم ڪيو ايم وارن سان  ملايو ۽ ڪراچي م جلسي ڪري ڪراچي ۽ سنڌ جو لفظ استعمال ڪيو ته سنڌ جي غيرتي پٽ کانئس ڏور هليا ويا ۽ ان کان پوءِ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ٻين هنڌن تي به اهڙا لفظ ڳالهايا جنهن سبب کيس  هڪ سنڌي چينل تي اچي وضاحت به پيش ڪرڻي پئي ان کان پوءِ سنڌ اندر پي ٽي آءِ کان سنڌ جي سچن پٽن ڪن لاٽار ڪرڻ شروع ڪئي، بهرحال  ڪجهه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو جنهن مان  اهو لڳو ته تحريڪ انصاف  پارٽي هاڻ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کان پوءِ سنڌ اندر ٽئين نمبر تي اچي رهي آهي، جنهن جو اندازو هاڻوڪو جلسن مان به لڳائي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ وزيراعظم نوازشريف مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن بس فرق ايترو آهي جو عمران خان ٻڌڻين ۾ وڃي رهيو  آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف جي اولاد کي پيش ٿيڻو پئجي رهيو آهي.  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هڪ ٻه ڏينهن اڳ ٽوئٽ ۾ چيو هو ته جيڪڏهن هو نااهل به ٿي ويو ته اها پاڪستان جي عوام جي ڪاميابي هوندي. مسلم ليگ نون جا اڳواڻ به تحريڪ انصاف تي ڏمريا پيا آهن جڏهن به ڪا ٻڌڻي ٿيندي آهي ته بس اهو ئي چوندا آهن ته وزيراعظم نوازشريف ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي ۽ عمران خان پنهنجا اثاثا به ظاهر نه پيو ڪري.بهرحال هن وقت وزيراعظم نوازشريف پاناماليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي ٽيم آڏو پيش ٿي پنهنجو موقف رڪارڊ ڪرايو ۽ ان سان گڏ هن ٻن ميمبرن تي اعتراض به واريا آهن جيڪي سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيا آهن،

ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي هيا آهن ته  سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي تي ان ڪري اعتراض واريا آهن جو هو چاهين ٿا ته جي آءِ ٽي سٺهه ڏينهن اندر جاچ مڪمل نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته عدالت اهو چئي چڪي آهي ته هو جاچ ٽيم کي وڌيڪ وقت نه ڏيندا ، هڪ ٻه ڏينهن اڳ  جاچ ٽيم جا ٻه ميمبر لنڊن به ويا هئا جيڪي لنڊن فليٽ سميت ٻي جاچ به ڪندا، جيڪڏهن هن ملڪ اندر سياسي منظرنامي تي غور ويچار ڪنداسين ته خبر  پوندي ته هتي ٻن ٽن سالن کان صرف عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي ۽  سياسي پارٽيون مختلف رانديون کيڏي عوام جو ڌيان اهم اشوز کان هٽائڻ  ۾ ڪامياب ٿي رهيون آهن، هن وقت  سرحدي ڇڪتاڻ به وڌي وئي آهي ۽ هاڻ اسين عرب سڳورن وٽ نوڪر به ٿي رهيا آهيون  ۽ انهن جي اشاري تي هاڻ  اسان کي ڪم به ڪرڻو پوندو، افغانستان جون اکيون به مٿي تي اچي ويون آهن جيڪو مختلف وقتن تي پاڪستان کي به ڏيکاري رهيو آهي، جنهن کي پاڪستان خيرسگالي طور درگذر به ڪري رهيو  آهي پر پاڙيسري دشمن ڀارت به گهٽ نه پيو ڪري پر ان باوجود اسان جي ملڪ جون سياسي پارٽيون پنهنجن پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيون جن کي هن ملڪ جي ڪا به ڳڻتي نه آهي. جن کي پنهنجيون دوستيون پياريون آهن.

اڄڪلهه جهڙي ريت پاناما ليڪس جو گوڙ هن ملڪ ٿي رهيو آهي تنهن مان اهي لڳي رهيو آهي ته داعش کان وڌيڪ خطرناڪ پاناما ليڪس آهي، جنهن سبب سموريون پارٽيون داعش جي هن ملڪ موجودگي کي ڇڏي صرف پاناما جو راڳ ڳائي رهيون آهن. جيڪڏهن سياسي پارٽيون دهشتگردي ۽ بجلي جي بحران تي ڌيان ڏين ها ته  اڄ هن ملڪ اندر خوشحالي ۽ امن قائم ٿي وڃي ها. بهرحال ڪجهه ڏينهن اندر پاناما معاملو به ختم ٿي ويندو ۽ شايد چونڊ به ٿين، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته پوءِ ٻيهر ملڪ اندر سياسي پارٽين جو راڳ شروع ٿي ويندو  وري ٻي ڪا پارٽي اچي مختلف پارٽين سان اتحاد ڪري هن ملڪ جون واڳيون سنڀاليندي.

sahibalisindhi@gmail.com


 

No comments:

Post a Comment