Pages

Monday 15 May 2017

سنڌ ۾ ڌاڙيل ۽ پنجاب ۾ ڪرپشن جو راڄ

صاحب خان ڀٽي
پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير  علي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل  راڄ قائم آهي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف  سربراهه چئي رهيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن،، هاڻ خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر سچو ڪير آهي، نوازسرڪار سچي آهي يا وري پي ٽي آءِ جو موقف درست آهي، پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته سنڌ ۾ واقعي ڌاڙيل جو راڄ قائم آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ وسيلن جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي، اهو صرف ان ڪري ئي ٿي رهي آهي جو هتي ڌاڙيل سنڌ وسيلن تي قابض آهن ان جي ڪري ئي اڄ سنڌ اندر گيس ۽ بجلي جو بحران تمام گهڻو وڌي ويو آهي، قدرتي وسيلن سان مالا مال هن ديس ۾ نه ته بجلي جي بهتر نموني فراهمي ڪئي پئي وڃي ۽ نه گيس فراهم ڪيو پيو وڃي، ان جي ڪري هتان جو عوام تمام گهڻو پريشان آهي پر ان باوجود وفاقي توڙي صوبائي سرڪار ڪي به قدم نه کنيا آهن. هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاناما ليڪس تي نواز ليگ مٿان ڇتي تنقيد ڪندو رهيو آهي پر ڊان ليڪس معا ملي ته ٿورو هٿ هلڪو رکيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ وفاقي گهرو وزارت به ڊان ليڪس واري حساس معاملي تي  چيو آهي ته قومي سلامتي واري معاملي تي  هو ڪنهن به قسم جي تنقيد برداشت نه ڪندا، ان حوالي سان ايف آءِ اي کي به  حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج جي تضحيڪ ڪري ته ان خلاف سخت قدم کنيو وڃي ان سان گڏ پاڪ فوج تي به تنقيد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڏٺو وڃي ته اهو عمل بهتر به آهي پر ان جي آڙ ۾ جيڪڏهن نواز سرڪار سمجهي ته ڊان ليڪس معاملي ۽ پاناماما ليڪس معاملي تي قوم کانئن سوال نه ڪندي ته اها  سندن ڀُل آهي،
باقي رهي ڳالهه سوشل ميڊيا جي ته ان تي پابندي لڳائڻ جون ڪيتري ئي عرصي کان سازشون ٿي رهيون آهن جنهن جي ڪري ڪڏهن جذباتي بيانن کان ڪم ورتو پيو وڃي ته ڪڏهن وري مختلف بل پاس ڪيا پيا وڃن ته جئين سياستدانن ۽ غلط ڪم ڪندڙن خلاف ڪو به شخص سوشل ميڊيا تي آواز اٿاري نه سگهي پر ان باوجود ڪجهه ماڻهو اهڙن اشوز کي سوشل ميڊيا تي کڻي رهيا آهن جيڪي هتان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کي ڏيکارڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي، ڪجهه اهڙا اشوز به سوشل ميڊيا تي اڀريا آهن جن جو سپريم ڪورٽ پاڻ به نوٽيس ورتو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ اسٽيج ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو جنهن جي خبر ڪنهن به ميڊيا تي نه هلي هئي پر اها خبر سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو پکڙجي وئي هئي پر ان باوجود ته اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ان کي نه هلايو هو پر جڏهن سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو ۽ رپورٽ طلب ڪئي ته اها خبر مجبورن پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي نشر ڪرڻي پئجي وئي هئي،
بهرحال اڄ سوشل ميڊيا کي لغام وجهڻ سان غريب ماڻهن جا حق ئي غضب ٿيندا.. بهرحال وزيراعظم نوازشريف چيو هو ته رمضان المبارڪ مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي ۽ اهڙي هدايت بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي به ڪئي وئي ه ئي پر گذريل ڏينهن پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي رمضان ۾ بجلي بند ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته رمضان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي سگهي ٿي، ان مان صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته وفاقي سرڪار رمضان المبارڪ مهيني ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِڪي خاص قدم نه کنيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب پاناما ليڪس ۽ ڊان ليڪس معاملو به ٿي سگهي ٿو پر اهڙن معاملن سان عوام جو ڇا وڃي جيڪي واعده قوم سان ڪيا ويا آهن، انهن تي عمل ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي ته بجلي جو خاتمو آندو ويندو، رمضان المبارڪ مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي ته مٿان وري پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي  وزيراعظم نوازشريف جي ڏنل بيان جي ابتڙ ڳالهائي رهيو آهي. جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته وفاقي سرڪار صرف بيانبازي کان  ئي ڪم وٺي رهي آهي ۽ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ عملي طور ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن.  ايتري قدر جو عابد شير علي اهو بيان به ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ چئني صوبن ۾ مسلم ليگ نون جي حڪومت قائم ٿيندي ۽ اهو به چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي جنهن کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو. عابد شير علي اهو به چيو ته ماضي ۾ 20 ڪلاڪ به لوڊشيڊنگ رهي پر هنن بجلي جي بحران تي ضابطو آندو آهي.
 جيڪڏهن عابد شير علي جي  سنڌ بابت  ڏنل بيان تي غور ڪنداسين ته  ان ۾واقعي ڪو شڪ به نه هوندو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جمهوري حڪومت هجي يا آمريت جو دور هجي، ٻنهي  دورن ۾ سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي برابر ٿيندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ تمام گهڻو پوئتي آهي، سنڌ جي  پاڻي تي به ڌاڙو هنيو پيو وڃي ته سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ به ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن سنڌ مان نڪرندڙ گيس  ۽ ڪوئلي  مان بجلي تيار ڪري سنڌ  کي ڏني وڃي ها ته اڄ هتي بجلي جو بحران پيدا نه هجي ها ۽ نه ئي هتان جا آبادگار پاڻي جي ڦڙي لاءِ  تڙپن ها، جيتوڻيڪ اڄ وزيراعظم نوازشريف اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي پر ان باوجود اڄ به سنڌ جا ڪيترائي اهڙا علائقن آهن جتي نه ته بجلي جي فراهمي بهتر نموني سان ڪئي پئي وڃي ۽ نه گيس فراهم ڪيو پيو وڃي پر ان باوجود سنڌ جا ماڻهو خاموش آهن ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ گيس  بحران  تي صرف احتجاج  ئي ڪري رهيا آهن پر ان باوجود حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،
هڪ طرف سرحد تي ڇڪتاڻ ته ٻي طرف وري بلوچستان حساس بڻجي ويو آهي، روز بلوچستان جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ ڌماڪو ٿي رهيو آهي، ڪڏهن پورهيتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ته ڪڏهن وري سڪيورٽي فورسز جي گاڏين ويجهو ڌماڪا ڪيا پيا وڃن پر ان باوجود حڪومت بلوچستان معاملي تي قوم کي آگاهه  نه ڪري رهي آهي ۽ نه ئي بلوچستان ۾ تباهه ٿي ويل  امن امان جي صورتحال  بابت بريفنگ ڏني پئي وڃي، اهو سبب آهي جو اڄ سڄي دنيا  جي سياحن پاڪستان اچڻ ڇڏي ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر پئجي وئي آهي ته پاڪستان اندر سڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي. اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو ڪڏهن ڀارت سرحد تي ايل او سي جي ڀڃڪڙي  ڪري رهيو آهي ته ڪڏهن  وري افعانستان سرحد تي فائرنگ ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به دهشتگرد  ڪارروايون ٿي رهيون اهن پر ان باوجود نوازسرڪار صرف پاناما ۽ ڊان ليڪس واري معاملي تي پاڻ کي جند آجي ڪرائي فخر محسوس ڪري رهي آهي، باقي رهي ڳالهه ملڪ اندر امن امان جي صورتحال جي ته جيڪو به دهشتگردي   جو شڪار ٿي رهيو آهي انهن جي وارثن سان صرف حڪومت ڏک جو اظهار ڪري رهي آهي. جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران خاندان کي 60 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت مليل آهي، سياسي ۽ اخلاقي طور تي حڪمران ٽولي جي ساک ختم ٿي چڪي اهي، ان کان اڳ جماعت اسلامي جو امير سراج الحق وزيراعظم نوازشريفکان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪندو رهيو آهي پر حڪومت پنهنجي ضد تي قائم آهي، هونءَ ته باقي ڪجهه ڏينهن ئي نوازسرڪار کي بچيا آهن پر پاناما ليڪس ۽ ڊان ليڪس معاملي تي حڪومت کان استعيفيٰ وٺڻ اپوزيشن جماعتن جو مقصد بڻجي ويو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر اپوزيشن جماعتون نوازسرڪار کي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون يا وري چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون.

No comments:

Post a Comment