Pages

Sunday 14 May 2017

ننڌڻڪو عوام ۽ سياسي جماعتون

صاحب خان ڀٽي
عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد 2017ع کي چونڊن جو سال قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي وزيراعظم نوازشريف خلاف احتجاج به ڪري رهيون آهن ته ٻي طرف وري ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي تي ڇتي تنقيد سان سياسي طاقت جو به مظاهرو ڪري رهيون آهن، هن وقت ڪراچي ۾ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪندي نظر اچي رهيو آهي، ان حوالي سان گذريل ڏينهن ملين مارچ به ڪيو ويو، مطلب ته پيپلزپارٽي بجلي جي بحران تي احتجاج ڪندي ايندڙ چونڊن لاءِ تياريون ڪري رهي آهي ته پي ايس پي صرف ڪراچي ۾ گند گچري ۽ پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف سنڌ سرڪار خلاف مظاهرا ۽ ملين مارچ ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف سربراهه به هڪ قدم پوئتي نه هٽايو  آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به وزيراعظم نوازشريف کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ طرفان ايبٽ آباد ۾ به سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ٿوري وقت ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو، هونءَ ته چونڊن ۾ باقي ڪجهه مهينا ئي بچيا آهن پر جيڪڏهن ان کان اڳ ئي وزيراعظم نوازشريف پنهنجي عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي ٿو ته سڄو ڪريڊٽ تحريڪ انصاف ڏانهن هليو ويندو، ڇاڪاڻ ته شروعات کان هن وقت تائين صرف پي ٽي آءِ واحد جماعت آهي جيڪا وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي رهي آهي،
جڏهن پيپلزپارٽي جو حڪومتي دور هو ته ان وقت به پاڪستان عوامي تحريڪ سربراهه مولانا طاهر قادري احتجاج ڪندو هو ۽ نوازشريف به پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي پر پيپلزپارٽي اڳ به هو چوندي هئي ته هو جمهوريت خاطر نوازشريف جو ساٿ ڏئي رهي آهي ۽ هاڻ به اهو ئي چيو پيو وڃي بس فرق ايترو آهي جو نوازسرڪار پيپلزپارٽي جي وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو پر پيپلزپارٽي هن وقت تائين اهڙو ڪو به قدم نه کنيو  آهي جنهن سان جمهوري يا وري نواز سرڪار کي ڪو نقصان پهچي ها، بهرحال هن وقت سموريون سياسي پارٽيون ميدان تي لٿل آهن صرف بلوچستان ۾ سياست ڪرڻ کان ٿورو پاسو ڪيو پيو وڃي، هن ڀيري سمورين پارٽين طرفان صرف پنجاب ۽ سنڌ ڏانهن ئي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ ڪي پي جي به ڪجهه علائقن ۾ به سياسي پارٽين طرفان سياسي  طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. باقي رهي ڳالهه بلوچستان جي ته ان صوبي ۾ سياسي پارٽيون پنهنجي سياست چمڪائڻ کان لنوائي رهيون آهن ان جو سڀ کان سبب اهو آهي ته اتان جون حالتون انتهائي خراب ٿي ويون آهن جنهن سبب اتي دهشتگرد ڪڏهن مذهبي پارٽين جي جلس جلوسن تي حملو ڪن ٿا ته ڪڏهن پورهيتن کي نشانو بڻائڻ ٿا، ان جي ڪري بلوچستان جون حالتون انتهائي خراب ٿي ويون آهن.
 هن وقت بلوچستان سان گڏ ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ امن امان جي صورتحال سواليه نشان بڻيل  آهي، جڏهن کان ملڪ ۾ تازو دهشتگردي جا واقعا پيش آيا آهن تنهن ڏينهن کان بلوچستان ۾  سياسي پارٽين جا جلسا نظر نه اچي رهيا آهن. باقي سنڌ جي گادي شهر ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ٿورو گهٽ احتجاج ڪندي نظر اچي رهي آهي باقي ان پارٽي جو اڳوڻو ڪارڪن ۽ هاڻوڪو پي ايس پي سربراهه ڊاڪٽر مصطفي ڪمال تمام گهڻو سرگرم نظر اچي رهيو آهي ۽ لڳي رهيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جون واڳيون سنڀالي ورتيون آهن  جنهن سبب کيس ڪراچي جا بنيادي مسئلا ياد اچي ويا  آهن، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ جي برابر آهي ۽  سڄو شهر ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، جنهن سبب مختلف سياسي تنظيمون ان ڪچري تي به پنهنجي سياست چمڪائي رهيون آهن، ڪجهه عرصو اڳ ته  ڪجهه ماڻهن گٽرن جا ڍڪڻ نه هجڻ تي به سياست ڪئي هئي پر هاڻ پاڻي، بجلي ۽ گند ڪچري جي مسئلن تي سياست ڪري ايندڙ چونڊن لاءِ رنڊڪون ختم ڪرڻ جو به سلسلو شروع ٿي ويو آهي،
جيڪڏهن پي ايس پي سربراهه ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جي سنڌين وسندين ڏانهن به ٿورو ڌيان ڏئي سندس  اڳوڻي دور ۾ ٿيل سنڌي وسندين سان ٿيل ناانصافين جو ازالو به ٿي سگهي ٿو پر افسوس جو پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جي ٻين سمورن علائقن جو دورو ته ڪري ٿو ته جتي ڪو به سنڌي ڳالهائيندڙ نه آهي پر انهن علائقن جو دورو نه ٿو ڪري جن علائقن ۾ سنڌي رهن ٿا، مطلب ته سنڌي وسندين کي پيپلزپارٽي توڙي ٻين جماعتن مڪمل طور ننڌڻڪو  بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب اهي سمورا علائقا بنيادي سهولتن کان محروم بڻجي ويا آهن. ايتري قدر جو وفاقي سرڪار به ڪراچي جي سنڌي وسندين ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته اهي سنڌي وسنديون بلڊر مافيا جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهيون آهن، اهو سبب آهي جو بلڊر مافيا سنڌي وسندين کي ڊاهرائيندي رهي آهي ۽ سنڌ سرڪار به انهن آڏو بيوس بڻيل آهي، جيڪڏهن بلڊر مافيا ايڏي طاقتور نه هجي ها ته پيپلزپارٽي  جي به سنڌ ۾ حڪومت آهي پر ان باوجود به ڪراچي جي  قديم سنڌي وسندين کي ليز نه پيو ڪيو وڃي، اهو صرف ان ڪري جو پيپلزپارٽي به نه ٿي چاهي ته  ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کي حق ملي سگهي. جيڪڏهن ڪراچي جون سموريون سنڌي وسنديون جتي صرف سنڌي رهن ٿا انهن کي ليز ڪيو وڃي ته  ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن سنڌين جا سمورا خدشا ختم ٿي ويندا، جڏهن سيد قائم علي شاهه وڏو وزير هو ته ان و قت سنڌي وسندين کي ليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا هئا پر ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد قائم علي شاهه  اهو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو هو، جنهن تي ڌرتي ڌڻين ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو هو پر ان باوجود پيپلزپارٽي تي ڪو به اثر نه پيو هو،
هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي عوام سان رابطا شروع ڪيا آهن تڏهن به ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين ۾ رهندڙن جو اهو مطالبو آهي ته جلد کان جلد سنڌي وسندين کي ليز ڪيو وڃي ته جئين بلڊر مافيا دهشتگردن کان سنڌي وسندين ۾ رهندڙ ماڻهن جي جند آجي ٿي سگهي نه ته اهي ڪنهن به وقت ڪنهن ڪنهن سنڌي وسندي تي چڙهائي ڪرائيندا رهندا ۽ غريب ماڻهن جا اجها ڊهندا رهندا. بهرحال هن وقت پي ايس پي سربراهه ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال کي ڪراچي ۾ پاڻي نه فراهم ٿيڻ ۽ بجلي جي بحران جو خيال آيو  آهي ۽ ان حوالي سان گذريل ڏينهن ملين مارچ به ڪيو ويو پر ان باوجود سنڌ سرڪار طرفان ڪو به اهڙو خاص قدم نه کنيو ويو آهي جنهن سان بجلي جي لوڊشيڊنگ  ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بحران ختم ٿي سگهي، هاڻ ڏسڻو اهو ته عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد جيڪو چونڊن بابت چيو آهي اهو سچ ثابت ٿيندو يا وري چونڊون مقرر وقت ۾ ٿيندو، هونءَ ته پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري به چيو آهي ته هن سي پيڪ جو منصوبو بلوچستان جي عوا م لاءِ ڏٺو هو پر اهو اسلام آباد هليو ويو. هڪ طرف نوازسرڪار سي پيڪ جو سڄو ڪريڊٽ پاڻ کڻي رهي آهي ته مٿان وري پيپلزپارٽي به ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن بهرحال هن وقت وزيراعظم نوازشريف ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير چين ۾ موجود آهن جتي ون بيلٽ روڊ فورم ۾ شرڪت به ڪئي آهي، نوازسرڪار چئي رهي آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون پر شيخ رشيد چونڊون هن سال ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

No comments:

Post a Comment