Pages

Tuesday 16 May 2017

سنڌ اندر پکڙجندڙ چڪن گونيا وائرس

صاحب خان ڀٽي
چوندا آهن ته صحت وڏي نعمت آهي پر ان نعمت جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن انسان مختلف بيماري ۾ مبتلا  ٿي ويندو آهي،ڪجهه بيماريون آهن جن جو علاج ناممڪن هوندو آهي پر ڪجهه اهڙيون بيماريون هونديون آهن جن جو علاج  موجود هوندو آهي ۽ انهن بيمارين کان بچاءُ لاءِ احتياط به ضروري هوندو پر افسوس جو ننڍڙي لاپرواهي سبب  هزارين ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، هونءَ ته ٻين ملڪن صحت، تعليم سميت ٻيون سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري هوندي آهي پر  اسان جي ملڪ ۾صحت، تعليم جون سهولتون هوندي به نه هئڻ جي برابر هونديون آهن، ان جو سڀ کان سبب اهو آهي جو  حڪمرانن طرفان اسپتالون ته کوليون ويون  آهن پر بيمارين کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي ويندي آهي ۽ نه ئي  صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر ڪيا ويندا آهن، اهڙو مثال سنڌ جي راجڌاني ڪراچي مان به لڳائي سگهجي ٿو، جتي صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر نه هئڻ سبب شهري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ مليريا بيماري تمام گهڻو پکڙجي  وئي هئي جنهن بعد مڇرن کان بچاءُ ۽ مليريا بابت جاڳرتا مهم هلائي وئي هئي، ان کان پوءِ وري ڊينگي به منهن ڪڍيو هو، جنهن سبب تمام گهڻا ماڻهو متاثر ٿيا هئا ان وقت به ڊينگي کي ڪنٽرول ڪرڻ  لاءِ ڪوششون ڪيون ويون هيون، هن ڀيري ڊينگي جهڙي بيماري منهن ڪڍيو آهي، جنهن جي شروعات سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي جي ملير واري علائقي کان شروع ٿي آهي،
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مليريا ۽ ڊينگي کان پوءِچڪن گونيا منهن ڪڍيو آهي، جنهن ۾تمام گهڻا ماڻهو ٿيا آهن، ان حوالي سان صحت جي عالمي اداري جي ٽيم به ڪراچي پهتي جنهن متاثر ماڻهن جي چڪاس ڪئي ۽ انهن جا جزا ورتا ته جئين معلوم ٿي سگهي ته واقعي انهن کي چڪن گونيا ٿيو آهي يا وري ڪا ٻي بيماري ٿي آهي. چڪن گونيا جي ٽيسٽ جي حوالي سان ماهر ڊاڪٽرن سڀ کان پهرين مليريا ۽ ڊينگي جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي،  اهو ان ڪري ڏنو آهي جو ان بيماري جي علامت به مليريا ۽ دينگي  وائرس جيان ئي ٿئي ٿي، فرق صرف ايترو آهي جو مليريا ۽ ڊينگي وائرس ۾ مبتلا شخص ٿورو گهمي ڦري سگهندو آهي پر چڪن گونيا وائرس ۾ مبتلا شخص هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويندو آهي ۽ سندس جسم جو ساهه ختم ٿي ويندو  آهي مطلب ته چڪن گونيا ۾ مبتلا شخص کي هلڻ ڦرڻ جي سگهه نه هوندي آهي، ماهر ڊاڪٽر چڪن گونيا وائرس ۾ مبتلا شخص کي گهڻو پاڻي پيئڻ  جي صلا ح ڏني آهي، ايتري قدر جو ڪجهه ماڻهو ته نم جا پن پاڻي ۾ گرم ڪري اهو پاڻي پيندا آهن ته جئين اها بيماري ختم ٿي وڃي، ڪجهه ماڻهو ته پپيتي جي پنن جو جوس ٺاهي پيئندا آهن ته جئين سندن چڪن گونيا وائرس ختم ٿي وڃي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اهڙن طريقن سان ڪجهه ماڻهن کي فائدو به ٿيو آهي، ماهر ڊاڪٽر چيو آهي ته چڪن گونيا موتمار بيماري نه  آهي، ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد ختم ٿي ويندي آهي،
جيڪڏهن چڪن گونيا جو بروقت علاج ڪيو وڃي ته اهو شخص جلد صحتياب ٿي سگهي ٿو، ان سان گڏ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ مڇر مار اسپري به ضرور ڪرايو وڃي ته جئين ٻيو ڪو ماڻهو ان وائرس ۾ مبتلا نه ٿئي. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته چڪن گونيا مڇر جي چڪ هڻڻ سبب ڦهلجي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ هڪ شخص کي چڪن گونيا ٿيو ته پوءِ اهو  مڇر جي چڪ هڻڻ سبب سڄو علائقي ٿي سگهي ٿو، مطلب ته جيڪڏهن هڪ شخص چڪن گونيا ۾ مبتلا ٿي ويو ته ان شخص کي چڪ هڻندڙ مڇر ۾ چڪن گونيا وائرس اچي ويندو آهي، جيڪڏهن اهو ڪنهن ٻئي شخص کي چڪ هڻندو ته اهو شخص به ان بيماري ۾ به مبتلا ٿي ويندو آهي، ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته چڪن گونيا ۾ مبتلا شخص  جي جسم۾ ساهه مڪمل طور ختم ٿي ويندو آهي ۽ کيس کنگهه سان گڏ زڪام ٿيندو آهي، ماهر ڊاڪٽرن جو اهو به چوڻ آهي ته چڪن گونيا ۾ مبتلا شخص جي جسم تي نشان به ٿي ويندا آهن، ڊينگي وائرس ۾ مبتلا مريض کي به اهي ئي سموريون شيون ٿينديون آهن پر فرق صرف ايترو هوندو آهي ته ڊينگي وائرس وارو ٿورو هلڻ ڦرڻ جي لائق هوندو  آهي پر چڪن گونيا جي متاثر شخص  کي هلڻ ڦرڻ جي سگهه نه هوندي آهي. چڪن گونيا (CHIKV) وائرس مڇر جي چڪ ذريعي هڪ شخص کان ٻي شخص ڏانهن منتقل ٿيندو آهي، چڪن گونيا  جي متاثر شخص کي هڏن ۾ تڪليف ٿيندي آهي ۽ سندس سڄي جسم جا هنڌ لڏي ويندا آهن ۽ هو آهستي آهستي صحتياب ٿيندو آهي،
چڪن گونيا ٻارڙن ۽ پوڙهن کي تمام گهڻو نقصان پهچائندو آهي، ڇاڪاڻ ته چڪن گونيا جي وائرس ۾ مبتلا شخص کي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته چڪن گونيا جي هزار  متاثرن مان هڪ شخص جي فوت ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي. چڪن گونيا وائرس مڇر جي ٻن قسمن  ايڊيز البوپڪٽس ۽ ايڊيز ايجپٽي ذريعي هڪ شخص کان ٻي شخص ڏانهن منتقل ٿيندو آهي، ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته چڪن گونيا جو سڀ کان بهتر طريقو آهي اهو جو جن علائقن ۾ متاثر ماڻهن رهن ٿا يا وري جن علائقن ۾ چڪن گونيا جا ڪيس سامهون آيا آهن انهن علائقن ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ته جئين ان بيماري تي ضابطو آندو وڃي.چڪن گونيا جو سڀ کان پهريون ڪيس 1952ع ۾ آفريقي ملڪ تنزانيا ۾ ظاهر ٿيو هو ۽ ان وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ايشيا ۽ آفريقا ٿيا هئا، ان کان پوءِ 2000ع ۾ يورپ ۽ آمريڪا ۾ به چڪن گونيا جا ڪيس ظاهر ٿيا هئا ۽ 2014ع ۾ لکين ماڻهو چڪن گونيا ۾ مبتلا ٿي ويا هئا ۽ آهستي آهستي اها بيماري مختلف علائقن ڏانهن پکڙجي لڳي هئي، ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته چڪن گونيا گرم علائقن ۾ تمام گهڻو پکڙجندي آهي،
2014ع ۾ آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ به چڪن گونيا جي متاثرن جو انڪشاف ٿيو پر ان کان پوءِ ڪو به ڪيس  هن وقت تائين آمريڪا ۾ رپورٽ نه ڪيو ويو آهي، مطلب ته چڪڪن گونيا ۾ ڪو به شخص هن وقت مبتلا نه آهي. اهو صرف ان ڪري ٿيو آهي جو انهن ملڪن ۾ صحت تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويندو  آهي ۽ عوام کي صحت جهڙيون بنيادي سهولتون به فراهم ڪيون وينديون آهن ۽ ان سان گڏ ماڻهن کي مختلف بيمارين بابت آگاهي به ڏني ويندي ته جئين ماڻهو صفائي سٿرائي سان گڏ احتياط به ڪن ته جئين موذي بيمارين کان بچي سگهجن پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ نه ته صحت جون ڪي خاص سهولتون فراهم ڪيو ويون آهن ۽ نه ئي وري  صفائي سٿرائي جا انتظام ڪيا ويا آهن جنهن سان سڄي ملڪ ۾ مختلف بيماريون منهن ڪڍي رهيون آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن جيڪڏهن هن وقت ملڪ ۾ مليريا ۽ ڊينگي کان پوءِ چڪن گونيا تي ضابطو آندو وڃي ها ته اڄ ماڻهو چڪن گونيا جي مرض ۾ مبتلا نه ٿين ها، هونءَ ته ماهر ڊاڪٽر اهو چوندا رهندا آهن ته صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي ته جئين ماڻهو بيمارين کان بچي سگهن پر افسوس جو ڪراچي ۾ اڄڪلهه گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ گهٽين ۾ گندو پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي،
ڪو زمانو هوندو هو جو هن ملڪ ۾ مڇرن کي مارڻ لاءِ اسپري ڪرايو ويندو پر افسوس جو اڄڪلهه مڇرن کي مارڻ واري اسپري جي ته ڳالهه پري آهي  هتي ته گندگي کي به نه پيو هٽايو وڃي. جنهن سبب ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن خاص طور تي چڪن گونيا جو خطرو تمام گهڻو وڌي ويو آهي. هونءَ ته ڪراچي جي ميئر ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ سمورين اسپتالن ۾ هنگامي حالتون ڪري ڊاڪٽرن ث پيرا ميڊيڪل عملي جون موڪلون رد ڪيون هو پر ان باوجود تيزيءَ سان  وڌندڙ چڪن گونيا وائرس تي ضابطو ايندر نظر نه پيو اچي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي جو ڪو اهڙو علائقو ناههي بچيو جتي گندگي نه هوندي هجي ۽ ڪا اهري اسپتال به شايد ناي رهي جتي چڪن گونيا، ڊينگي ۽ مليريا ۾ مبتلا ماڻهن جا ڪيس ظاهر نه ٿيا هجن. جڏهن چڪن گونيا ۾مبتلا ماڻهن جو انگ وڌي ويو هو تڏهن سنڌ سرڪار پاران صحت واري اداري کي خط لکيو ويو هو، جنهن کان پوءِ چڪن گونيا جي خاتمي لاءِ 9 رڪني ٽيم سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي پهتي هئي، جنهن متاثر علائقن جو دورو به ڪيو هو.هاڻ  اها حڪومت جي ذميواري  آهي ته جن به علائقن ۾ چڪن گونيا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن انهن علائقن ۾ مڇر مار اسپري فوري طور ڪرايو وڃي ته جئين ٻيا ماڻهو چڪن گونيا وائرس کان بچي سگهن.

No comments:

Post a Comment