Pages

Sunday 13 October 2019

جنگي جنون ۾ ورتل ترڪي ۽ ڪردن جو واهيل رت

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا، جيڪو هن وقت دنيا ۾ سپر پاور طور سامهون اچي چڪو آهي، جنهن جو دنيا تي پنهنجي طاقت جو استعمال ڪا نئين ڳالهه نه آهي،عراق، افغانستان ۽ شام کانپوءِ هاڻ آمريڪا ڪهڙي ملڪ ۾ تباهي جو سوچي رهيو آهي، ان بابت ڪو به نه ٿو سوچي سگهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا رڳو پنهنجي مفاد بابت ئي سوچيندو آهي، جڏهن شام ۾ داعش جي دهشتگردن خلاف آمريڪا کي ڪارروائي ڪرڻي هئي ته هن ڪردن جي مدد ورتي ۽ انهن جي مدد به ڪئي پر هاڻ آمريڪا پنهنجي گهڻي قدر فوج ترڪي مان ڪڍي ڇڏي آهي ۽ افغانستان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر اڃا تائين طالبان سان سندن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون سگهيون آهن پر اوچتو شام مان فوج ڪڍڻ واري فيصلي کان پوءِ لڳي رهيو هو ته شايد اتي امن قائم ٿي سگهندو پر ايئن ممڪن نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ترڪي به تيل حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ۽ عرب ملڪن ۾ ئي تيل جا وڏا ذخيرا آهن، جنهن جي ڪري آمريڪا ۽ يورپ سميت دنيا جا اڪثر ملڪ هلي رهيا آهن ۽ تيل حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ترڪي به شام رستي تيل جي جي گهرج کي پورو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي پر ڪرد سندس آڏو هڪ رڪ جي ڀت بڻيل آهي، جنهن کي ٽوڙڻ لاءِ هو هٿ پير هڻي رهيو آهي، ترڪي کي اهو رستو تڏهن مليو، جڏهن آمريڪا داعش جي دهشتگردن کي چٿڻ جي دعويٰ ڪئي، شام مان وڃڻ جو فيصلو ڪيو، فيصلي جو ٻڌندي ئي ترڪي پنهنجي فوج کي تيار ڪري مسلمانن تي ايئن بمباري ڪئي، جيئن ڪو غير مسلم ملڪ مسلمانن جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي.
هونئن ته ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي دنيا ۾ ان ڪري وڌيڪ شهرت ملي، جڏهن ترڪ فوج سندس تختو اونڌو ڪيو پر عوام فوجي بغاوت کي ڇٿڻ لاءِ روڊن تي نڪتو ۽ فوج کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو، دراصل اها فتح رجب طيب اردگارن جي نه هئي اها فتح عوام جي هئي، جيڪا فوجي آمريت خلاف هئي پر رجب طيب اردگان اها فتح پنهنجي طاقت کي سمجهي رهيو آهي ۽ انهيءَ طاقت جي نشي ۾ هو هاڻ مسلمانن تي بمباري ڪرڻ به فخر محسوس ڪري رهيو آهي، ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي اتر شام ۾ ڪيل بمباري سبب هزارين گهر تباهه ٿي چڪا آهن، ڪيترائي ماڻهو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ايتري قدر جو مظلوم ڪرد پنهنجي معصوم ٻارڙن کي  بچائڻ لاءِ دربدر ڀٽڪي رهيا آهن، مائرون پنهنجي زخمي ٿيل معصوم ٻارڙن کي هٿن ۾ کڻي طيب اردگان کي پٽي رهيون آهن.فرانسيسي امدادي تنظيم ايم ايس ايف جو چوڻ آهي ته اتر شام ۾ ببماري کانپوءِ اسپتالون بند ٿي ويون آهن ۽ عملو به پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ ڀڄي ويو آهي. گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇڪتاڻ سبب 70 هزار کان وڌيڪ شهري راس العين ۽ تل ابياد جي علائقين ۾ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا ويا آهن، جڏهن ته عالمي ميڊيا تي جيڪي ويڊيو نشر ٿي رهيون آهن، شايد جي سرڪاري توڙي خانگي ٽي چينلز شايد نه ڏيکاريون هجن، آخر ڪو ترڪ صدر رجب طيب اردگان کان ڪير اهو پڇندو ته آخر ڇو آبادي وارن علائقن تي بمباري ڪئي وئي، جيڪڏهن ترڪي جي فوج ايڏي بهادر هئي ته زميني رستي اچي ڪرد ويڙهاڪن سان وڙهي ها، باقي   داعش جي ستايل مظلومن تي بمباري ڪري ڪهڙو ڪارنامو ڪيو آهي. آخر جيڪو بي گناهه ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن، ان جو حساب ڪير ڏيندو؟
سوشل ميڊيا تي ترڪ صدر تي سخت تنقيد به ٿي آهي، ايتري قدر جو يورپي ملڪن به مٿس سخت تنقيد ڪئي آهي، جنهن تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن مٿس تنقيد بند نه ٿي هو مهاجرن جا دروازا يورپ لاءِ کولي ڇڏيندو، اهڙي ڌمڪي کانپوءِ يورپ طرفان به تنقيد بند ٿي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪا، سعودي عرب ۽ ٻين ڪجهه ملڪن پاران نالي ماتر مذمت ڪئي وئي آهي، جڏهن پاڪستان طرفان ترڪي جي حمايت ڪئي وئي آهي. جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪشمير ۽ فلسطين تي ظلم تي اسان جي ملڪ جو عوام آواز ته اٿاري رهيو آهي پر شام ۾ جيڪو مسلمان ملڪ مسلمانن جو رت وهائي رهيو آهي، ان تي خاموشي ڇانيل آهي، جيئن چين ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم کي ڏيکارڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي. ترڪي صدر جي سعودي عرب، مصر، يورپ سميت ٻين ملڪن کي 36 لک مهاجرن لاءِ يورپ جا دروازا کولڻ واري ڌمڪي سمجهه کان ٻاهر آهي. جنگي جنون ۾ ورتل ترڪي جو ڪهڙو به منصوبو هجي پر انسانيت جو قتل عام رجب طيب اردگان کي اهڙي انجام تائين پهچائيندو، جيئن عراقي صدر صدام حسين پهتو آهي، آمريڪا  جي جنگ وڙهندڙ کي اڄ تائين ڪو به فائدو نه پهتو آهي، ترڪ صدر رجب طيب اردگان ڪنهن جي اشاري تي هليو پيو اهو ته صاف ظاهر آهي، آمريڪا جي خاموشي به سواليا نشان بڻيل آهي.
بهرحال ترڪي جي بمباري ۾ هزارين گهر اجڙي چڪا آهن پر هن وقت تائين ڪنهن به ترڪي کي بي گناهه ماڻهن جي مارڻ واري سلسلي کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي، هن وقت ترڪي جنگي جنون ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، گهرن مٿان بمباري ڪرڻ سان دهشتگرد مرن يا نه مرن پر معصوم ۽ بي گناهه ماڻهو ضرور شهيد ٿي رهيا آهن، جيڪي به بي گناهه ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن، انهن کي دهشتگردن سان ڳنڍيو پيو وڃي. هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته ترڪي رڳو شام جو اتر وارو علائقو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن سان کيس فائدو ٿيندو ۽ هو سرحدي علائقي تي پنهنجو ڪنٽرول حاصل ڪري تيل جو ڪاروبار ڪرڻ چاهي ٿو، باقي رهي ڳالهه دهشتگردن کي مارڻ جي ته داعش جي دهشتگردن جي مدد ترڪي ئي ڪئي آهي، هي اهي ئي دهشتگردن آهن، جن دنيا ۾ مسلمانن جو ئي رت وهايو آهي، اسلام ۽ دين جو نالي تي انهن دهشتگردن رڳو مسلمانن جو رت وهائي مذهب کي بدنام ڪيو آهي پر ترڪي کان اهو ڪو به پڇڻ وارو نه آهي ته آخر ڪردن سندن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جو بي گناهن جو قتل عام ڪري رهيو آهي، ميڊيا تي خبرون آهن ته اتر شام ۾ بي گناهه ڪردن جي قتل عام کانپوءِ هاڻ ترڪي ۾ رهندڙ ڪردن کي به قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اتان جي ميڊيا ڪجهه به ڏيکارڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ان جا به ٻه سبب ٿي سگهن ٿا ته هڪ ته حڪومت طرفان پابندي لڳائي وئي آهي جا ميڊيا پاڻ اهڙين خبرن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار نه آهي.
هي پهريون ڀيرو ڪردن تي حملو نه ٿيو آهي، ان کان اڳ به شام ۾ بشارت الاسد جي دور ۾ به ڪردن جو قتل عام ڪيو ويو هو، جنهن تي ايران، سعودي عرب، ترڪي حمايتي بڻيل  هئا، جن ڪردن جي قتل عام تي هڪ لفظ نه ڳالهايو هو، هن ڀيري سعودي عرب ٿوري تبديلي آئي آهي، ترڪي پاران ڪيل بمباري جي سعودي عرب طرفان مذمت ڪئي وئي آهي.  اپريل 2018ع ۾ شام جي علائقي دوما ۾ ڪيمائي حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، هن وقت وري ترڪي  ڪردن کي ڇٿڻ لاءِ ڪارروايون ڪري رهيو آهي ۽  آمريڪا جنهن ڪردن جي مدد سان داعش جهڙن خطرناڪ دهشتگردن کي چٿڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اهو به سمورو تماشو ڏسي رهيو آهي ۽ سوچي رهيو آهي ته هو  ڪهڙو فيصلو ڪري. هڪ طرف آمريڪا سعودي ۾ وڌيڪ فوج موڪلي آهي ته ٻئي طرف وري شام مان فوج ڪڍڻ کانپوءِ حالتون خراب ٿي ويون آهن، آمريڪا جو چوڻ آهي ته ترڪي کي شام ۾ فوجي ڪارروائي جي اجازت آمريڪا  نه ڏني آهي پر کين ڳڻتي آهي ته دهشتگردن کي مارڻ جي بهاني ترڪي مذهبي اقليتن کي نشانو نه بڻائي. آمريڪي بچاءُ واري وزير مارڪ ايسپر چيو آهي ته اولهه اتر شام ۾ ترڪي ۽ شامي ڪردن ۾ هلندڙ ويڙهه تي آمريڪا پريشان آهي ۽ ڳالهه جو ڪو به امڪان نه آهي ته ٻنهي مان ڪا به ڌر ويڙهه بند ڪرڻ جي خواهشمند نه آهي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ڪردن کان سرحدي علائقو خالي ڪرائي سيف زون بڻايو ويندو ۽ اتي ترڪي ۾ موجود ٽي ملين کان وڌيڪ مهاجرن کي آباد ڪيو ويندو، روسي صدر ولاديمير پيوٽن جو چوڻ هو ته شام ۾ ترڪي فوجي آپريشن داعش جي واپسي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، شام جي اترين حصي ۾ ڪردن جي قيد ۾ موجود داعش ويڙهاڪ ترڪ فوجي آپريشن سبب فرار ٿي سگهن ٿا.هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ترڪي ۽ ڪرد ويڙهاڪن  وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ  خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن اها خبر ميڊيا تي مون ڏٺي ته ڊونلڊ ٽرمپ ٻنهي ڌرين ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻ چاهي ٿو ته مون کي نريندر مودي ۽ عمران خان واري ٽياڪڙي ياد اچي وئي، جڏهن عمران خان  آمريڪا ۾ موجود هو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ مسڪرائيندي چيو هو ته  ڪشمير معاملي تي ڀارت ۽ پاڪستان سان ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن عمران خان پاڪستان موٽي آيو ته نريندر مودي ته  ڪشمير ۾ ظلمن جا پهاڙ کڙا ڪري ڇڏيا ۽ ڪشمير کي پنهنجي ملڪ جو  حصو بڻائي ڇڏيو ۽ اسان جا سياستدانن چوڻ لڳا ته اڳ اسان  سوچيندا هئاسين ته والاريل ڪشمير ڪيئن حاصل ڪرڻو آهي ۽ هاڻ سوچي رهيا آهيون ته آزاد ڪشمير کي ڪيئن بچائڻو آهي؟ ڊونلڊٽرمپ هن ڀيري وري ڪردن ۽ ترڪي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ  جي ڳالهه ڪئي آهي، لڳي ٿو ته اها ٽياڪڙي به ڪشمير معاملي واري جهڙي هوندي؟ بهرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ڪهڙي ٽياڪڙي هوندي پر جيڪڏهن ڪردن  تي ٿيندڙ ظلم بند نه ٿيو ته داعش وري دنيا لاءِ  وڏي تباهي آڻيندي، جنهن کي روڪڻ آمريڪا جي وس به نه هوندو، انهيءَ ڪري آمريڪا کي گهرجي ته ترڪي تي پابندي لڳائڻ جو سوچڻ بدراني اخلاقي طور مسلمانن جو  رت وهائيندڙ ملڪ کي لغام ڏي ته آبادي وارن علائقن تي بمباري نه ڪئي وڃي ۽  عام شهرين جو قتل عام بند ڪيو وڃي، جيڪي ترڪي فوج جي فائرنگ ۽ بمباري ۾ عام شهري مارجي رهيا آهن، ان جو به ذميوار ترڪي ڪرد ويڙهاڪن کي قرار ڏئي رهيو آهي. هن وقت عالمي برادري جي خاموشي به سمجهه کان ٻاهر آهي، گڏيل قومن کي گهٽ ۾ گهٽ ترڪي کي بمباري ڪرڻ کان روڪڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي پر شايد ترڪي کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، جنهن سبب ترڪي هڪ انسان نه پر نسلن جا نسل ختم ڪرڻ لاءِ شام ۾  بمباري ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ شامي حڪومت ڪيمائي هٿيار الائي ڪٿان هٿ ڪري عام شهرين تي استعمال ڪيا ۽ هاڻ ترڪي بمباري ڪري شامي شهرين جو قتل عام ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ترڪي صدر رجب طيب اردگان جي جنگي جنون کانپوءِ کيس هاڻ ٻيهر اقتدار ملڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي ۽ ترڪي ۾ تمام جلد انهيءَ ظلم خلاف آواز اٿڻ وارو آهي. جنهن کي روڪڻ رجب طيب اردگان جي وس ۾ نه هوندو.

No comments:

Post a Comment