Pages

Friday 4 October 2019

ملڪي معشيت ۽ واپارين جون آرمي چيف وٽ دانهون

صاحب خان ڀٽي
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ملڪي معشيت سبب عام ماڻهو سان گڏ واپاري ۽ سيڙپڪاري طبقو به تمام گهڻو پريشان ٿيو آهي، هر شي مهانگي ٿيندي پئي وڃي، کير، کنڊ، اٽو ۽ ٻيون عام واهپي وارين شين جا اگهه آسمان سان ڳالهائي رهيا آهن ۽ عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي ۽ موجوده حڪومت معشيت جي تباهي جو سمورو ملبو ماضي جي حڪومت تي وجهي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو حڪومتي نمائندن کان معشيت بابت سوال ڪري ٿو ته اهي ڪاوڙجي اهو ئي جواب ڏين ٿا ته اهو سڀ ڪجهه زرداري ۽ نواز شريف جي ڪري ٿي رهيو آهي ۽ اهي ٻئي ان جا ذميوار آهن، انهن قرض کنيا، جنهن جا اثر اڄ ملڪ تي پئجي رهيا آهن پر هاڻ پي ٽي آءِ سرڪار جي ڪرپشن واري ڦوڪڻي مان هوا نڪري  وئي آهي ۽ عوام اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن آصف علي زرداري ۽ نواز شريف چور هئا ۽ انهن ملڪي خزانو لٽيو ته پوءِ ان وقت معشيت تباهه ڇو نه هئي، ڊالر  جي قيمت ايتري نه وڌي هئي، جيتري هن 13 مهينن اندر وڌي آهي، اڳ ۾ پيٽرول 70 تائين في ليٽر ملي ويندو هو، ان جي اگهه ۾ به تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ بجلي ۽ گئس جا اگهه ايترا نه هئا، جيترا موجوده حڪومت وڌايا آهن، جيڪڏهن ڏٺو  وڃي ان ڳالهه ۾ ڪو به شق نه آهي ته ماضي جي حڪومتن ۾ معشيت  ۾ بهتري اچي رهي هئي ۽ سيپڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وئي هئا پر ان باوجود پي ٽي آءِ سرڪار پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ تي ڪرپشن جي تنقيد ڪندي رهي آهي پر انهيءَ ٻنهي پارٽين کان اڳ هڪ آمر پرويز مشرف جي حڪومت قائم هئي، جنهن جي دور ۾ آمريڪا کي پاڪستان جا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني و ئي، ان بابت پي ٽي آءِ سرڪار جي وات مان هڪ لفظ به نه ٿو نڪري، ايتري قدر جو هڪ آمر جي حڪومت ۾ دهشتگردي عروج تي هئي ۽ روز ڪو نه ڪو ڌماڪو ٿيندو هو پر ان حڪومت تي شايد پي ٽي آءِ سرڪار جي نظر نه ٿي پئي. بهرحال هڪ آمر جي حڪومت ايشيا جي سڀ کان وڏي ليڊر محترمه بينظير  ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ ان سان گڏ ڪيترائي بي گناهه ماڻهن کي شهيد به ڪيو ويو ۽ ڪيترائي گهر اجڙي ويا پر انهن اجڙيل گهرن جي ڪنهن به سار نه لڌي، انهن ماڻهن پنهنجون شاهدتون هن ملڪ جي جمهوريت لاءِ ئي ڏنيون  هيون ۽ پوءِ هڪ آمر جي پڄاڻي ٿي ۽ پيپلزپارٽي کيس ملڪ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، اڄ  ڪلهه اهو دبئي ۾ آهي ۽ پاڪستان اچڻ جو نالو به نه ٿو وٺي، پرويز مشرف جي دور ۾ هڪ مافيا پارٽي کي ايترو ته مضبوط ڪيو ويو هو، جيڪا ڪنهن کي به مارڻ ۾ نه ڊڄندي هئي، روز ڪراچي ۾ لاش ڪيرايا ويندا هئا ۽ ڀتا خوري عروج تي هئي پر ان وقت به معشيت ايتري ڪمزور نه هئي، جيڪا اڄ ڪلهه آهي، ان وقت واپارين ۽ سيپڙپڪار ڪاروبار جي لحاظ کان پريشان نه هئا رڳو پنهنجون جانيون بچائڻ لاءِ هڪ دهشتگرد تنظيم کي ڀتو ڏيندا هئا،
اهو ڀتي جو پيسو  ڪراچي ۾ موجوده دهشتگرد ان کي لنڊن ۾ موڪليندا هئا، پر چوندا آهن ته ظالم جو ظلم گهڻو دير تائين هلي ناهي سگهندو، ان جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي، پيپلزپارٽي تمام گهڻي ڪوشش به ڪئي ته ڪراچي جي صورتحال تي ضابطو آندو وڃي پر حڪومت ختم ٿيڻ جي خدشي ۾ پيپلزپارٽي سرڪار دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ۽ جڏهن نوازشريف جي حڪومت آئي ته ڪراچي جي گهر گهر مان ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو ۽ ٻين علائقن مان رينجرز  جديد هٿيار هٿ ڪري رهي هئي ۽ اهي هٿيار  شايد هن ملڪ جي پوليس ۽ ٻين ادارن وٽ به نه هوندا، جن دهشتگردن جو ڪراچي تي مڪمل ڪنٽرول هو،  انهن کان هٿيار کسڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ امن ٿي ويو آهي ۽ وقتي  طور دهشتگردن کي واڙيو ويو، اڃا  به ڪراچي جو عوام پريشان آهي ته متان انهن دهشتگردن کي وڌل پٽو ٻيهر کوليو ويو ته ڪراچي جو امن ٻيهر تباهه ٿي سگهي ٿو، منهنجي چوڻ جو مطلب ته جڏهن روز ملڪ ۾ ڌماڪا ٿيندا هئا ۽ ماڻهو شهيد ٿيندا هئا پر ان وقت به ملڪي معشيت جي اهڙي صورتحال نه هئي، جيڪا اڄ ڪلهه آهي.
هونئن ته پي ٽي آءِ سرڪار تمام وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي ته ملڪي معشيت بهتر ٿي رهي آهي ۽ ملڪ خوشحال ٿي رهيو  آهي پر زمينون حقيقتون ڪجهه ٻيون آهن، هر طرف امير طور غير طبقو تمام گهڻو پريشان آهي، ڪيترائي ادارا بند ٿي چڪا آهن ۽  ڪجهه ادارا بند ٿيڻ تي در تي پهچي ويا آهن، ڪرپشن جو راڳ ڳائي حڪومت ماڻيندڙ پي ٽي آءِ سرڪار اهو اعلان ڪيو هو ته سندن حڪومت ايندي ته پيٽرول سستو ٿي ويندو، ڊالر جو اگهه گهٽجي ويندو، ماڻهن کي مفت ۾ گهر تيار ڪري  ڏنا ويندا، پر افسوس جو حڪومت ايندي ئي ٽيڪسن جو اهڙو ته پهاڙ ڪيرايو جو ان جي ڪهر کان نه ته  اسان جهڙو غريب ماڻهو بچي سگهيو ۽نه ئي  امير طبقو بچي سگهو، هن وقت ملڪي معشيت جي حالت تمام ڪمزور ٿي چڪي آهي پر ان باوجود ملڪ کي هلائيندڙ چئي رهيا آهن ته ملڪ درست دڳ تي هلي رهيو آهي ۽ ملڪي معشيت ۾ ماضي جي ڀيٽ تمام  گهڻي بهتري آئي آهي، هوڏانهن وفاقي وزير اعجاز شاهه جي هڪ ويڊيو به منظر عام تي آئي آهي، جنهن ۾ هو ٻڌائي رهيو آهي ته نوازشريف جي حڪومت ۾ ٻه يا ٽي ماڻهو نه هجن ها ته هو چوٿون  ڀيرو به حڪومت ۾ اچي سگهيو پئي ۽ اهو به چيو ته جيڪڏهن نثار علي خان جي به نوازشريف ڳالهه مڃي ها ته نوازشريف جو مسئلو حل ٿي وڃي ها، ان جو مطلب ته حڪومت کي ڪرپشن جي ڪري نه  رڳو چئن ماڻهن جي ڪري  حڪومت کي ڪيرايو ويو، هاڻ ان ۾ڪيتري صداقت آهي، پاڻ ئي بڌائي سگهن ٿا.
بهرحال نوازشريف جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ جيڪي واپاري مٺائيون ورهائي رهيا هئا، اهي اڄ ٻئي هٿ مٿي تي رکي دانهون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اها رڳو سنڌ جي صورتحال نه آهي، پنجاب ۾ ته ڪيتريون ئي صنعتون بند ٿي چڪيون آهن پر حڪومت کي ان جي ڪا به پرواهه نه هي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته واپارين معشيت جي خراب صورتحال کي ڏسندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي آهي ۽ اتي وڃي پنهنجون دانهون ڪيون آهن ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه  مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ته  قومي سلامتي جا معيشت سان ويجها لاڳاپا آهن ۽ خوشحالي سيڪيورٽي ضرورتن ۽ معاشي ترقي ۾ توازن جي فعالي آهي.آرمي چيو اهو به چيو ته حڪومت سان سهڪار ۽ ان جي مخالف قوتن جي حمايت نه ڪئي وڃي، مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين،  اخباري خبرن موجب واپاري وفد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه کي الله جا واسطا به ڏنا ۽ چيو ته يونٽس بند ٿي رهيا آهن، مسئلا حل نه ٿي اته ڪاروبار بند ٿي ويندو ۽  ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، واپارين اهو به چيو ته ڇاپن باوجود ڪجهه نه مليو، ڪرپشن جو ريٽ وڌي ويو آهي، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته جي ڊي پي گهٽ هجي ۽ ٽيڪس وڌي وڃي، هاڻ ڏسڻو آهي ته آخر ڪئين هي موجوده حڪومت معشيت جي بحالي لاءِ قدم ٿي کڻي، ڇاڪاڻ ته هاڻ معشيت جي بهتري وارو ڊرامو وائکو ٿي چڪو آهي، معشيت ۾ ڪا به بهتري نه آئي آهي، جيڪڏهن ملڪي معشيت ۾ بهتري اچي وئي هجي ته واپاري  پنهنجون دانهون وزيراعظم عمران خان ڏانهن کڻي بدران  آرمي چيف ڏانهن کڻي نه وڃن ها، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته واپاري طبقو پي ٽي آءِ سرڪار جي قدمن کان مڪمل طور مايوس ٿي ويو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو واپاري طبقي عمران خان ڏانهن وڃڻ بدران آرمي چيف ڏانهن وڃڻ مناسب سمجهيو.
بهرحال واپارين پاران  الله جا واسطا ڏيڻ مان صاف ظاهر ٿي ويو آهي تمام جلد ملڪ ۾ وڏو بحران اچڻ  وارو آهي،  جنهن کان عام ماڻهو تمام گهڻو متاثر ٿيندو، جيڪڏهن ملڪي معشيت بهتر نه ٿي  سگهي ته ڪاروبار  مڪمل طور ختم ٿي ويندو، صنعتون بند ٿي ويندو ۽ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا ، تڏهن ڦرن، چورين جون  وارداتون ٻيهر وڌي وينديون،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ٻيهر ملڪ اندر بدامني وڌندي پئي وڃي، ايتري قدر جو اسٽريم ڪرائم ۾ به واڌ اچي وئي آهي، ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ کدڙن فقيرن جي ويڊيو  به شيئر ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کدڙا فقير دانهون ڪري رهيا آهن ته کين هي تبديلي واري حڪومت نه ٿي کپي،  کدڙن فقيرن جون دانهون آهن ته اڳ ڦورو کدڙن کي نه ڦرندا هئا پر هاڻ کين بخش نه ٿا ڪن، حڪومت امن قائم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي،  هن وقت ڏٺو وڃي ته  معشيت سان گڏ بدامني  به وڌي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت  تڪڙا قدم نه کنيا ۽ ملڪي معشيت ۾ بهتري نه آندي  ته ماڻهو روڊن تي هوندا ۽ حڪومت کي جلد وڃڻو پئجي ويندو

No comments:

Post a Comment