Pages

Thursday 24 October 2019

ساهيوال سانحو ۽ انصاف لاءِ ڀٽڪندڙ عوام

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ دهشتگردن هٿان عام ماڻهن جي مارجڻ وارا واقعا ته هن ملڪ ٿيندا رهندا آهن پر سيڪيورٽي ادارن هٿان به ڪجهه اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جيڪي ڪئميرا جي اکين ۾ قيد ٿي چڪا آهن، اهي ويڊيو سڄي دنيا ۾ وائرل به ٿيون آهن پر افسوس جو اهڙن واقعن ۾گهٽتائي نه اچي رهي آهي، اسان جي ملڪ ۾ حفاظت ڪندڙ اهلڪارن پاران عام شهرين کي تذليل ڪرڻ وارا واقعا به معمول بڻيل آهن ۽ اهي ويڊيو به وائرل ٿي رهيون آهن، ڪڏهن اسلام آباد ته ڪڏهن وري مري، مطلب ته اهو ڪو شهر نه بچيو آهي، جتي عام شهري کي تذليل جو نشانو نه بڻايو هجي، ڪڏهن اهلڪار روڊن تي روڪي  عام شهرين جي تذليل ڪن ٿا ته ڪڏهن آپريشن جي نالي تي گهرن ۾ داخل ٿي چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو وڃي ٿو، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته هتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن ۽ پڇڻ وارو ڪو به نه آهي پر اها ڳالهه هاڻ چوديواري جي تقدس ۽ شهرين جي تذليل کان وڌي وئي آهي، 19 جنوري تي جڏهن نيوز چينل جي آفيس ۾ ويٺو هئس ته اوچتو مختلف چينلز تي خبر هلي ته ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي جو مقابلو ٿيو آهي  ۽ هڪ عورت سميت ڪجهه دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن  اسان جي رپورٽر اها خبر موڪلي ۽ هن چيو ته سوشل ميڊيا ۽ پرڏيهي ميڊيا تي خبر مختلف آهي پر  وڌيڪ آئون پوليس اهلڪارن کان پڇي اوهان کي ٻڌايان ٿو، جڏهن مون ڪجهه پرڏيهي چينلز تي ساهيوال سانحي جي خبر ڏٺي ته اتي اهي خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته سيڪيورٽي ادارن گاڏي نه روڪڻ تان فائرنگ ڪري زال ۽ مڙس ۽ ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، جڏهن اسان اهي ويڊيون ڏٺيون سين ته اسان کي به خبر ٿوري مختلف لڳي پر اسان جي قومي ميڊيا تي اهي خبرون هيون ته سي ٽي ڊي ڪامياب ڪارروائي ڪري دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ٻن ٻارڙن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، پوليس پاران بيان جاري ڪيو ويو ته سي ٽي ڊي مٿان گاڏي ۾ ويٺل جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾  خليل، سندس زال، ڌيءُ ۽ پاڙيسري  ڊرائيور ذيشان گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو آهي، جڏهن ته ٻه ٻارڙا به زخمي ٿيا آهن، پوليس ان کان اڳ به هڪ ٻيو موقف جاري ڪري چڪي هئي، ان ۾ چيو ويو هو ته دهشتگرد عورت سميت چار ڄڻا مارجي ويا آهن، پر جيئن جيئن وقت گذري رهيو هو، تيئن تيئن پوليس پنهنجو موقف تبديل ڪري رهي هئي، اهو ٿيڻو به هو، ڇاڪاڻ ته اهو مقابلو پوليس نه پر سي ٽي ڊي ڪيو هو ۽ بيان به سي ٽي ڊي کي ڏيڻ گهرجي ها پر جيئن ته پوليس ذريعي اها خبر وائرل ڪرائي وئي، تنهن جي ڪري اصل حقيتون اچڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ويو پر سوشل ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا تي ٻڙڌڪ متل هو، جڏهن جاچ ٿي ته سي ٽي ڊي به پنهنجو موقف تبديل ڪيو، جنهن کانپوءِ هڪ کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو. جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمن پاران واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو هو، تنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان واقعي جو نوٽِس ورتو ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو. جيڪا جاچ ٽيم جوڙي وئي، ان جو به وڏو ڪمال هو، ويڊيو ۾ اهي سمورا اهلڪار نظر به اچي رهيا هئا پر ان باوجود مقتولن جي وارثن کي گهرائي نشاندهي ڪرائڻ لاءِ چيو ويو، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته جاچ  ٽيم وارثن کان ڇو پئي نشاندهي ڪرائي، جيڪڏهن ويڊيو موجود آهي ته پوءِ  نشاندهي ڪرائڻ جي ڪهڙِي ضرورت هئي پر ان باوجود معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ لاءِ تاريخ مٿان تاريخ هلندي رهي پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو ۽ سياسي، سماجي تنظيمون خاموش ٿي ويهي رهيون ان جو ٻيو سبب اهو به هو، ته هن ملڪ ۾ هي ڪو اهو پهريون واقعو نه هو، جنهن ۾ محافظن هٿان ڪو عام شهري ماريو ويو هجي، هن ملڪ ته ڇا ته سڄي دنيا جو قانون آهي ته ڪنهن کي به مارڻ جو اختيار نه آهي، جيڪڏهن اوهان ڪنهن تي الزام آهي ته اوهان ان کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾  هڪ اهڙي ويڊيو وائرل ٿي هئي، ڪراچي ۾ به ۾ رينجرز اهلڪارن هٿان نوجوان سرفراز شاهه کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ٽي وي چينل اها ويڊيو ڏيکاري، ان جو  ته ڏيوالو نڪري چڪو آهي، نوجوان جي موت تي پاڪستاني ميڊيا سان گڏ انٽرنيشنل ميديا به مذمت ڪئي هئي. اهو معاملو اتي نه ٿو رڪجي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ايف ڊبليو او جي اهلڪارن ۽ ڊرائيورن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي ۽ ڳالهين دوران هڪ اهلڪار جو اوچتو دماغ خراب ٿي ويو ۽ ٿيڻو به هو، ڇاڪاڻ ته هي نئون پاڪستان آهي، هڪ اهلڪار کيس روڪيندي رهيو پر هو نه مڙيو ۽ سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ ٽي ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. ڪاٺوڙ لنڪ روڊ تي ٽرانسپورٽرن ۽ ٽول پلازه تي ويٺل سيڪيورٽي عملي وچ ۾ جهيڙي بعد فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ٽن درائيورن جي قتل جي ايف آءِ آر صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ، ايم اين اي آغا رفيع الله، ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقي، پي ٽي آءِ ايم پي اي ربستان خان، ٽرانسپورٽر اڳواڻ ۽ ايم پي اي شهباز پاران ٽرانسپورٽرن سان ڊگهين ڳالهين بعد ٽرانسپورٽر شير ايوب خان پٽ مزمل خان جي مدعيت ۾ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 232/19 قلم 363،324/34 تحت داخل ڪئي وئي، اسٽيڊنگ ڪميٽِ پاران چيو ويو ته شهرين جا شناختي ڪارڊ ڏسڻ ايف ڊبليو او جو اختيار ناهي.

بهرحال ڪاٺوڙ ۾ به مارجي ويل ڊرائيورن جي ويڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ اهلڪار کي سڌي ريت فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، ان کان اڳ ڪراچي ۾ رحيم شاهه نالي هڪ پنج وقت نمازي شخص هڪ سنڌي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ کيس ڪيترائي ڪلاڪ روڊ تي تڙپائيندو رهيو پوليس به  سنڌي نوجوان کي گاڏي ۾ ويهاري مٿس ٽوڪون ڪندي رهي، جڏهن اها ويڊِيو وائرل ٿي ته هر هڪ ماڻهو ان عمل کي تمام گهڻو غلط سمجهيو، ايتري قدر جو هڪ صحافي جڏهن ان معاملي کي اٿارڻ ۽ رحيم شاهه جو اصل چهرو، جيڪو سندس ڏاڙهي پٺيان لڪيل هو بي نقاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿس دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري کيس حراست ۾ ورتو ويو ، جڏهن  ان صحافي جي سڏ تي شاهراهه فيصل تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ سندس ان سڏ کي لبيڪ ڪيو ۽ شاهراهه فيصل پهتي، ايتري قدر جو  انهيءَ بهادر صحافي کي حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ  ڪجهه دهشتگردن سندس گهر تي به قبضي جي ڪوشش ڪئي، جنهن  جي ويڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جتي هڪ شخص  گهر ۾ قبضو ڪري ويٺل هو، جنهن کي دروازو ٽوڙي ٻاهر ڪڍيو ويو، ايتري قدر جو کيس عدالت ۾ به پيش ڪيو ويو، جيئن ٿورو معاملو ٺريو ته کيس آزاد ڪيو ويو.  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ اهم انڪشاف ٿيو هو، ايمبولينس ڊرائيور جي بيان موجب، ارشاد رانجهاڻي جو قتل ايمبولينس ۾ ٿيو هو. ايموبلينس ڊرائيور بيان ڏنو هو ته هو پوليس انسپيڪٽر علي گوهر سميت ارشاد رانجهاڻي کي اسپتال ڏانهن روانو ٿيو ته ملزم رحيم شاهه موٽرسائيڪل تي آيو ۽ ايمبولينس کي روڪرايو، هو موٽرسائيڪل تان لٿو ته هن جي هٿ ۾ پستول هو، جنهن چيو ته سڀ اڳيان ڏسو ۽ پوءِ ايمبولينس جو دروازو کليو ۽ گولي جي آواز آئي ۽ ارشاد رانجهاڻي جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون، جنهن بعد اسپتال پهچڻ تي ارشاد فوت ٿي ويو هو. ڊرائيور چيو ته رحيم شاهه جي خوف کان هو خاموش هيو. اها خبر سڄي ميڊيا تي به نشر ٿي پر ان باجود رحيم شاهه قاتل کي ايئن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جو هو ڪو ادارن جو مهمان هجي، نه ته کيس هٿڪڙيون لڳايون ويون ۽ نه ئي وري کيس ڳچي ۾ هٿ وجهي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، کيس عزت سان عدالت ۾ آندو ويو، ٻئي طرف صحافي مشتاق سرڪي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايتري قدر جو سندس ڪپڙن تي رت لڳل واريون  تصويرون به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون ۽ مطالبو ڪيو ويو هو ته کيس آزاد ڪيو وڃي، مطلب ڳالهه جي ته هتي طاقتورن لاءِ الڳ قانون آهي ۽ غريبن لاءِ هڪ ڌار قانون ٺاهيو ويو آهي،  

بهرحال ڳالهه هلي رهي آهي، ساهيوال سانحي جي ته لاهور جي دهشتگردي جي خاص عدالت ۾ ساهيوال سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڪيس جي جوابدارن صفدر حسين، احسن خان، رمضان، سيف الله، حسنين ۽ ناصر نواز شريف پيش ٿيا، ان کان اڳ ساهيوال سانحي ۾ عدالت مقتول ذيشان جي ڀاءُ جي ڀاءُ احتشام سميت گڏيل طور تي 49 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا هئا، مقتول خليل جي ٻارن عمير، منيبا ۽ ڀاءُ جليل سميت ٻين به پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا هئا.جوابدارن جي وڪيلن سرڪاري شاهدن جي بيانن تي آڏي پڇا مڪمل ڪئي، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻ بچيو آهي رحيم شاهه، ڏسون ٿا ان جو فيصلو ڪهڙو ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته رحيم شاهه کي عزت سان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ عدالت سندس ضمانت رد ڪري چڪي آهي پر سنڌ جو عوام اڄ به ارشاد رانجهاڻي جي خون جي انصاف لاءِ روڊن تي اچڻ لاءِ تيار آهي،  ايتري قدر جو ڪجهه سنڌي رحيم شاهه جي حمايت به ڪري رهيا  آهن پر سندس ڪٽنب اڄ به انصاف لاءِ ڀٽڪي رهيو آهي، اميد آهي ته هي ڪيس ساهيوال سانحي وانگر نه ويندو ۽ ارشاد رانجهاڻي جي خون سان انصاف ٿيندو.

No comments:

Post a Comment