Pages

Sunday 6 October 2019

مولانا جو مارچ، نون صوبن جو رينگٽ، آخر ڇو؟

صاحب خان ڀٽي
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ واري اعلان کانپوءِ  پي  ٽي آءِ سرڪار سنڌ جي صورتحال کي ڪشمير کان به بدتر بڻائي ڇڏيو آهي، ڪجهه شرپسندن کي استعمال ڪندي سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو ويو آهي ۽ اهو وار وفاقي سرڪار جي آشيروارد سان ڪيو ويو آهي، جنهن تي سنڌ جي عوام سخت رد عمل سامهون اچي رهيو آهي ۽ ڪراچي جي گهٽي گهٽي ۾ ريليون ڪڍڻ جا اعلان به ٿي رهيا آهن،  خبر نه ٿي پئي ته حڪومت آخر ڪشمير جي وڏي اهم اشو کي ڇڏي ملڪ  اندر ڏڦيڙ ڇو پکيڙي رهي آهي، جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان ڌرڻو اسلام آباد ۾ هڻڻ وڃي رهيو آهي، پي ٽي آءِ سرڪار اهو ڪارنامو اڳ ئي سرانجام ڏئي چڪي آهي، ايتري قدر جو اهلڪارن  تي تشدد به ڪيو ويوهو پر مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ اڃا وقت آهي، اعلان کي هڪ ٻه ڏينهن مس گذريا آهن ۽ حڪومت جون ننڊون حرام ٿي وين آهن، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ڌرڻي کان ڀڄڻ جي ڪوششون ڪري رهيو آهي پر جيڪي جيل ۾ قيد آهن، مطلب ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زراري مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي ڪاميابي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن، جيڪي قيادت آزاد آهي، اهي ڌرڻي کان پاسو ڪندي نظر اچي رهي آهي ۽  جيڪا قيادت جيل اندر آهي، اها قيادت مولانا فضل الرحمان   جي حمايت ۾ لٿل آهي.
بهرحال مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو ڪامياب ٿئي يا شروع ئي نه ٿئي، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر سياسي قيادت ۽ عسڪري قيادت طرفان واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪو به حالتون خراب ڪندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پر ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته مخالف ڌر اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي هو ڪنٽينر  فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر افسوس جو وزيراعظم عمران خان ان واعدي تان به يوٽرن وٺي رهيو آهي ۽ مولانا فضل الرحمان کي ڌرڻي جي  اجازت نه پئي ڏني وڃي. آزادي مارچ کان اڳ ئي جي يو آءِ آفيس تي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 3 ڄڻا شهيد به ٿيا، جنهن تي جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اها ادارن جي ناڪامي آهي، جيڪي چئي رهيا آهن، ملڪ اندر امن قائم ٿي ويو آهي.هڪ طرف حڪومت لاءِ پاڙيسري ملڪن سان حالتون بهتر نه آهن ته ٻئي طرف وري حڪومت پاڻ ئي ملڪ اندر حالتون خراب ڪندي نظر اچي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي واري اعلان کان پوءِ آخر ايم ڪيو ايم کي نون صوبن جي ياد ڇو آئي آهي، اها ايم ڪيو ايم آهي، جنهن جا  اڳواڻ لنڊن ۽ نيويارڪ ۾ پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيا آهن پر ان باوجود انهيءَ پارٽي تي نه ته پابندي لڳي آهي ۽ نه ئي وري انهن خلاف ڪا ڪارروائي ٿي رهي آهي.
بهرحال ماضي ۾ انهيءَ پارٽي جي ڪرتوتن کان سڀ واقف آهن پر خبر نه ٿي پئي ته انهيءَ پارٽي تي الاءِ ڪهڙن فرشتن، خلائي مخلوقن جو هٿ آهي، جو انهي پارٽي جي ماڻهن تي 12 مئي، بلديا سانحو ۽ ٻيا کوڙ سارا  ڪيس آهن پر انهن خلاف ڪو به ڪارروائي لاءِ تيار نه آهي، سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته آخر هر حڪومت انهن کي پنهنجي جهولي ۾ ڇو ويهاريندي آهي؟ پيپلزپارٽي، نواز ليگ، تحريڪ انصاف توڙي آمريت جي دور ۾ به اهي حڪومت سان گڏ هوندا آهن ۽ پنهنجا مطالبا منظور ڪرائيندا رهندا آهن پر هن ڀيري اها جماعت سنڌ دشمني تي سرعام لهي آهي، مشرف جي دور ۾ به انهيءَ تنظيم کي سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي جرئت نه هئي پر پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جا سنڌ دشمن عنصر سنڌ فساد ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، اها ڪوشش ان وقت  ٿي رهي آهي، جڏهن مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ سرڪار جي خاتمي لاءِ آزادي مارچ ڪري رهيو آهي، ان وقت سنڌ ۾ فساد پکيڙڻ جي سازش ڪنهن رٿي آهي؟ ان بابت ڪجهه به چئي نه ٿو چئي سگهجي، پر ايترو  ضرور ياد آهي ته جڏهن سنڌ ۾ قومپرستن جا لاش اڇلايا پئي ويا ۽ انهن کي زندهه ساڙي شهيد ڪيو پئي  ويو ته ان وقت به اهڙي قسم جو ڊرامو رچايو ويو آهي ۽ محبت سنڌ ريلي تي حملو ڪري ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو هو، هاڻ جڏهن حڪومت خلاف جي آءِ يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف ڊي  چوڪ اسلام آباد  وڃڻو وارو آهي ته ان وقت سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي ئي تنظيم سنڌ اندر فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ريليون ڪڍڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن ريلين کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪهڙي سياسي کچڙي پچڻ واري آهي، ان کان اسان سڀ اڻڄاڻ آهيون پر جيڪو ڊرامو حڪومت شروع ڪرڻ واري آهي، اهو ملڪ لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي پر افسوس جو حڪومت ان بابت ڪجهه به نه سوچي رهي آهي، سنڌ دشمنن کي خبر آهي ته سنڌي پنهنجو سر قربان ڪري ڇڏيندا پر سنڌ جي وحدت خلاف هڪ لفظ به نه ٻڌندا ۽ ان مان ئي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي ميدان تي آندو ويو آهي، اڳ ئي مولانا فضل الرحمان جي ماڻهن تي حملو ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت جون ننڊون مولانا جي ڌرڻي سبب حرام ٿي ويون آهن، جيڪڏهن مولانا راضي ٿي ويو ته ايم ڪيو ايم پاران شروع ڪيل نون صوبن جو ڊرامو ختم ٿي ويندو، ٻي صورت ۾ اهو ڊرامو خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويندو؟
 پي ٽي آءِ سرڪار  جو وفاقي وزير  شيخ رشيد چئي رهيو آهي ته مولانا اسلام آباد نه پهچي سگهندو،  سرڪار چئي رهي آهي ته  مولانا کي اسلام  آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت  ئي نه ڏني ويندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  مولانا ڪجهه عرصي کان حڪومت  کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهيو هو پر اهي ٻئي پارٽيون حڪومت کي ٽم ٽائيم ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه هيون ۽ رڳو  نيب کان پنهنجي جند آجي ڪرائڻ  جي ڪوششن ۾ رڌل هيون پر هاڻ حالتون تبديل ٿي ويون آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب آهي جو عوام حڪومت  جي ڪيل فيصلن کان تمام گهڻو مايوس ٿي چڪي آهي، هر طرف مهانگائي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،  واپاري طبقي جون به دانهون نڪري ويون آهن،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ سرڪار اها واحد پارٽي  آهي، جنهن غريبن سان گڏ  امير طبقي  جي به چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو ثبوت واپاري برادري جي آرمي چيف سان ملاقات مان ملي ٿو.
بهرحال هن وقت سنڌ خلاف سازش ۽ مولانا فضل الرحمان جي جلسي  کي روڪڻ لاءِ  ڀرپور ڪوشش  ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ  مولانا فضل الرحمان خلاف بيان ڏئي رهيا آهن ۽ سنڌ اندر ايم ڪيو ايم سنڌ دشمني تي لهي  آيا آهن،  ايم ڪيو ايم  پاران سنڌ دشمني واري ڳالهه ڪا  نئين نه آهي پر عجيب صورتحال آهي ته وفاق به ان جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، اهو تاريخ ۾  پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته وفاق به سنڌ دشمن پارٽي جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، اڳ ۾ وفاق ڪڏهن به کليل طور سنڌ دشمن پارٽي جي حمايت نه ڪئي هئي پر هن ڀيري  وفاق جو اصل چهرو به سامهون اچي رهيو آهي ته وفاق سنڌ بابت ڇا سوچي رهيو آهي، جنهن  ملڪ کي ٺاهيو ۽  ان ڌرتي  کي ٽوڙڻ لاءِ وفاق  جو ڪوششون واقعي افسوسناڪ عمل آهي، جيڪڏهن مولانا صاحب جو ڌرڻو ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ضرور ملي وينديون ۽حالتون به تبديل ٿي وينديون  پر ان کان پهرين ضروري آهي ته مولانا فضل الرحمان کي گهرجي ته سندس ڌرڻي کان اڳ جيڪا سنڌ اندر سازش رٿي  وئي آهي، ان کي ناڪام بڻائي، ڇاڪاڻ ته  جيڪڏهن سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي پٽو نه وڌو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون، جنهن جو اثر مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي تي به پئجي سگهي ٿو. 

No comments:

Post a Comment