Pages

Monday 28 October 2019

جهنڊن جي ڏنڊن کان ڊنل پي ٽي آءِ سرڪار

صاحب خان ڀٽي
جي يو آءِ ف مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جتي اپوزيشن کي هڪ هنڌ گڏ هلڻ تي مجبور  ڪري ڇڏيو آهي ته اتي ئي حڪومت جون ننڊون به حرام ٿي ويون آهن ۽ حڪومت مولانا جي مارچ کي روڪڻ لاءِ مختلف حربا هلائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،شروعات ۾ جي يو آءِ جي تنظيم انصارالاسلام تي پابندي لڳائي وئي، ڇاڪاڻ  ته انهيءَ تنظيم جي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڏنڊن واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ نادرا طرفان جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله جو سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيو ويو ۽ کيس غير ملڪي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته هو سينيٽر به رهي چڪو آهي پر آخر نادرا جون اکيون ان وقت ڇو کليون جڏهن آزادي مارچ شروع ٿيڻو وارو هو، اهو سلسلو اتي نه روڪيو، تنهن کانپوءِ جي يو  آءِ اڳواڻ مولانا مفتي ڪفايت الله کي گرفتار ڪيو ويو، پر جڏهن پي ٽي آءِ اسلام  آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو ته ان وقت ڪنهن  به وڏي اڳواڻ جي گرفتاري نه ٿي هئي ۽ نه ئي کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، ايتري قدر جو 126 ڏينهن حساس علائقي اسلام آباد  ۾ ڌرڻو هنيو ويو هو، ايتري قدر جو ججن کي به سپريم ڪورٽ وڃڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي، چيني صدر جو دورو به ملتوي ٿيو هو، هاڻ جڏهن پي ٽي آءِ ڌرڻي کانپوءِ حڪومت ۾ آئي آهي ته  وزيراعظم عمران خان چئي رهيو  آهي ته ڌرڻن سان ملڪي معشيت تي اثر  پئي ٿو، پر جڏهن پي ٽي آءِ پاڻ 126 ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪڙو چاڙهي رکيو ڪو به ادارو انهن خلاف ڪارروائي  ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ته ان وقت شايد پي ٽي آءِ کي ملڪ کي ٿيندڙ نقصان جي ڪا به پرواهه نه هئي پر ان باوجود نواز ليگ سرڪار ان وقت صبر جو مظاهرو ڪيو هو پر ان باوجود پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ٿيو اهلڪارن تي تي تشدد ڪيو ويو ، ايتري قدر جو پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي حملي جو ڪيس اڄ به عدالتن ۾ هلي رهيو آهي، جنهن جو فيصلو اڄ به اچي رهيو آهي، ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين جا سربراهه اڄ جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيا آهن، جيئن سنڌ ۾  اڳ صحافين کي ٻڪري چوڪري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو هو، ايئن سياستدانن  تي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيو آهي، عجيب ڳالهه اها آهي ته جيڪڏي سياستدان پيپلزپارٽي  ۽ نواز ليگ کي ڇڏي پي ٽي آءِ  ۾ شموليت اختيار ڪري وٺڻ ٿا، انهن تي ڪو به ڪيس نه ٿو هلي، جيڪڏهن نوازشريف ۽ آصف علي زرداري جي حڪومت تي ڪرپشن جا الزام آهن ته پوءِ جيڪي  سياستدان هن وقت پي ٽي آءِ ۾ آهن، اڪثريت انهن جي  آهي،  ڇا انهن تي ڪو  به الزام نه هوندو؟
بهرحال پي ٽي آءِ ۾ شامل سياستدانن خلاف نيب ڪا به جاچ هن وقت تائين شروع نه ڪري ڇڏي آهي ۽ اپوزيشن جو مطالبو آهي ته سڀني خلاف احتساب ٿيڻ گهرجي، رڳو سياستدانن جو ئي احتساب ڇو ٿي رهيو آهي؟ هاڻ ڏسڻُ اهو آهي ته اهو احتساب ڪڏهن شروع ٿيندو، جڏهن سمورا ڪرپٽ ماڻهو نيب جي تحويل ۾ هوندا پر جيئن ته هاڻ ملڪ جون حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن ۽  اڪثر ماڻهو خوش ٿي رهيا آهن ته هو پراڻي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ طرف وڃي رهيا آهن پر ڪجهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موجوده حڪومت وئي ته ٽين قوت اچي ويندي پر انهن لاءِ هڪ ڳالهه واضح ٿيڻ ضروري آهي ته ملڪ جون حالتون انتهائي خراب آهن، هڪ طرف ڪشميرين ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي ته ٻئي طرف وري سوشل ميڊيا تي ڪشميرين جي احتجاجن مان به ڪاوڙ صاف نظر اچي رهي آهي،جماعت اسلامي اڳواڻ سراج الحق چيو آهي ته ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ڪشمير ڪاز کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي،  اها ڳالهه به درست آهي پر پي ٽي آءِ سرڪار ۽ اپوزيشن جي ڪشمير ڪاز تي گڏ نه ويهڻ ۽ سنجيدگي نه وٺڻ سبب اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ايوان ۾ به ڪشمير تي بحث ٿيندو آهي ته ان وقت به اپوزيشن خلاف واويلا ڪئي ويندي آهي ۽ جواب به حڪومت کي ساڳيو ملندو آهي، تنهن جي ڪري اهو ته ٿيڻو ئي هو.
هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ طوفان جو خطرو آهي ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ سامونڊي پاڻي داخل ٿي چڪو آهي، ڪيترائي ڳوٺ به پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن، جيئن جيئن طوفان ويجهو اچي رهيو آهي، طوفان ۾ به تيزي اچي رهي آهي ۽ سامونڊي طوفان سبب عوام ۾ خوف به پکڙيل آهي، اڳتي هلي ڇا ٿيندو، ايئن پي ٽي آءِ  سرڪار جيڪا پاڻ کي سونامي سڏرائيندي هئي، اها به جي يو آءِ  جي آزادي مارچ واري طوفان کان ڊنل نظر اچي رهي آهي، جيئن جي يو آءِ جو آزادي مارچ اسلام آباد ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي، تيئن تيئن پي ٽي آءِ سرڪار لاءِ آزمائش جي گهڙي وڌندي پئي وڃي، سمورا حربا اڳ ئي استعمال ٿي چڪا آهن، دهشتگردي جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي ته اتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڇا پيا ڪن؟ ڇا انهن جو ڪم سيڪيورٽي کي بهتر ڪرڻ نه آهي؟ جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي ڌرڻي تي ڪا به دهشتگردي جو خطرو نه ٿيو هو ته پوءِ آخر مولانا جي حڪومت تي اهڙا حربا ڇو پيا استعمال ڪيا پيا وڃن، پي ٽي آءِ سرڪار پاران دهشتگردي جو خدشو ظاهر ڪرڻ هڪ چينل کي ڌر بڻائي  جي يو آءِ کي ٽارگيٽ ڪرڻ  مان  لڳي ٿو ته  دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي.
هڪ طرف سامونڊي طوفان ته ٻئي طرف وري جي يو آءِ جو آزادي مارچ سڄي ملڪ جي عوام جو ڌيان ڇڪائي ڇڏيو آهي، هر هڪ ماڻهو رڳو اهو ئي سوچي رهيو آهي ته آخر طوفان ۽ جي يو آءِ   جي آزادي مارچ  مان ڪهڙو نقصان ٿيندو؟ جيئن ته سامونڊي طوفان ڪنهن به وقت ٺاپر اچي سگهي ٿي، جيڪڏهن نه آئي ته ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويندا، ايئن جي يو آءِ جي آزادي مارچ  کي روڪڻ لاءِ حڪومت مداخلت بند نه ڪئي ته ڪو به اهڙو واقعو پيش اچي سگهي ٿو، جنهن سان پي ٽي آءِ سرڪار جو هلڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو، جيئن ته پي ٽي آءِ سرڪار  کي ڏيڍ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ۽ اڍائي سال کان پوءِ مڊٽرم اليڪشن بابت بحث ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هلي رهيو  آهي ۽ چونڊن جو ذڪر ان ڪري ٿي رهيو آهي جو مولانا فضل الرحمان حڪومت کان استعيعفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ پنهنجي انهيءَ فيصلي تي ثابت قدم به آهي پر وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو ۽ هو استعيفيٰ نه ڏيندو؟  پر جيئن ته مولانا جو آزادي مارچ پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي، تيئن حڪومت جي حمت عملي ۾ هن وقت تائين ڪا به تبديلي نظر نه آئي آهي، هڪ ٽي وي چينل نئون بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي ته ماڻهو آخر ڪيترا مولانا سان گڏ آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پي ٽي آءِ جڏهن ڌرڻو هنيو ته ان وقت ڪيترا ماڻهو گڏ هئا، ان تي بحث نه ٿيو هو پر جڏهن نوازليگ، پيپلزپارٽي ۽ هڪ عام ماڻهو پنهنجي مرضي سان مولانا فضل الرحمان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي ته اتي بدديانتي  واري صحافت ڪندڙ چينل پاران اهو بحث شروع ڪرائڻ جو ڪهڙو مقصد هو، جنهن ته جي يو آءِ اڳواڻ راشد سومري چيو ته اسان کي هڪ خانگي ٽي وي چينل ( اي آر واءِ ) جي ناڪاري ۽ هاڪاري ڪوريج جي ڪا به ضرورت نه آهي، اهو چينل سندن خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي.
بهرحال حڪومت پاران  جي يو آءِ جي تنظيم انصارالاسلام تي پابندي جو نوٽفڪيشن جاري ڪرڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جمعيت علماءِ اسلام جي تنظيم انصارالاسلام جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته اها تنظيم پرائيوٽ مليشيا نه آهي، اها اسان جي تنظيم جمعيت علماءِ اسلام جو  حصو آهي. جنهن تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته  اها خانگي مليشيا ناهي  پر انهن وٽ ڏنڊا ته آهن، جنهن تي وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته جهنڊن سان گڏ ڏنڊا ته هوندا آهن، جمعيت علماءِ اسلام هڪ سياسي  جماعت آهي، جيڪا اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ ٿيل آهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن اهي سياسي جماعت جا ميمبر آهن ته اهو نوٽيفڪيشن غير اثرائتو آهي آهي. جڏهن انهيءَ ڪيس ۾ ڏنڊن جو ذڪر ٿيو ته مون کي پڪ ٿي وئي آهي ته پي ٽي  آءِ سرڪار جي يو آءِ جي جهنڊن ۾ لڳل ڏنڊن کان ئي ڊنل آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته مليشا تي پابندي لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي حڪومت کي ڪا به ضرورت نه پئي ها، جيئن ته هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ سرڪار عدالتن جو در کڙڪايوڳ آهي پر هن ڀيري ٿورو فرق ضرور  آهي، ڇاڪاڻ حڪومت چاهي به ته آزادي مارچ کي روڪي نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ سرڪار هڪ ٻه ڏينهن نه پر 126 ڏينهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو جيئن ته ته مولانا فضل الرحمان اهو واضح چئي ڇڏيو آهي ته سندن آزادي مارچ ڪجهه ڏينهن لاءِ آهي، پي ٽي آءِ وانگر 126 ڏينهن جو نه هوندو، هڪ طرف حڪومت ڏننڊن کان ڊنل آهي ته ٻي طرف وري واپاري طبقو به هن حڪومت خلاف ميدان تي اچي ويو آهي ۽ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي، هڙتال جو  اعلان سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر اوچتو ڇو ڪيو ويو، هن ڌرڻي کان به اڳ به اهو اعلان ڪري سگهجي پيو پر جڏهن مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ وقت هڙتال جو اعلان ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. اهو سوال واپاري تنظيمن کان ٿيڻ گهرجي ته اوچتو هڙتال جو سڏ ڪنهن جي چرچ تي ڏنو ويو آهي. جيئن ته آزادي مارچ کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊن جي خوشبو اچي رهي آهي ۽ عام ماڻهو کي به پڪ ٿي وئي آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊون ٿيڻ واريون آهن پر جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته ملڪ جو وزيراعظم ڪير ٿيندو؟  ان تي به ڪيترن ئي صحافين۾ بحث شروع ٿي ويو آهي، ڪجهه صحافين جو خيال آهي ته جيئن عمران خان ڌرڻو هڻي وزيراعظم ٿيو، ايئن مولانا فضل الرحمان به ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويندو. ڪجهه جو چوڻ آهي ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو، هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائيندو، هن وقت ته رڳو آزادي مارچ شروع ٿيو آهي، جڏهن اهو اسلام آباد پهچندو، پوءِ وڃي صورتحال واضح ٿيندي ته هي حڪومت گهر ويندي يا وري ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندي، ان لاءِ اسان کي ٿورو  انتظار ڪرڻو  پوندو، ڇاڪاڻ ته سياستدان پاڻ ئي چئي رهيا آهن ته عمران خان سليڪٽيڊ وزيراعظم آهي، جيڪڏهن اهو سليڪٽيڊ آهي ته پوءِ سليڪٽر کيس ايترو جلدي گهر وڃڻ ٿوري ڏيندو

No comments:

Post a Comment