Pages

Friday 11 October 2019

تبديلي سرڪار جو ڌرڻن کان لنگر تائين جو سفر.!

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ سياسي ڇتاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهي آهي پر ان وڏي تبديلي 2018ع جي چونڊن ۾ نظر آئي، جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي حڪومت هئي، ان کان به اڳ به سندس حڪومت جو تختو هڪ آمر  اونڌو ڪيو هو ۽ کيس جلا وطن ڪيو هو، اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي جو ڪنهن آمر هڪ عوامي چونڊيل وزيراعظم جو تختو ڪيو هجي، ان کان به بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو ۽ کيس جلاوطني گذارڻي پئي هئي پر آصف علي زرداري اهو واحد صدر جنهن پنهنجي حڪومت جا پنج سال پورا ڪيا پر ان دوران کيس نوازشريف جي ڌرڻن واري سياست ۽ هڪ جج کي بحال ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد ڏانهن رخ ڪرڻو پيو هو پر آصف زرداري نوازشريف جي اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ئي افتخار چوڌري کي بحال ڪري ڇڏيو هو ، هي اهو جج هو جنهن کي آمر هٽائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ججن جي بحالي جي تحريڪ هلي ۽ وڪيلن، سياستدانن ان تحريڪ جو ساٿ ڏنو هو، ايتري قدر جو ان جو نتيجو 12 سانحي ۾ به نظر آيو هو، ان وقت پيپلزپارٽي ججن جي بحالي جي تحريڪ جو حصو بڻيل هئي پر جڏهن  محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي کي اقتدار مليو ته هن ججن کي بحال ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم ورتو پر جڏهن نوازشريف جو دٻاءُ مٿن وڌي ويو ته ان وقت مجبورن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا هئا ۽ جج کي بحال ڪرڻو پئجي ويو هو، ان کانپوءِ نوازشريف جي ڌرڻن ۽ عدالت وڃڻ جي سياست جي ڪري پيپلزپارٽي کي ٻن وزيراعظمن کي عدالتن کي منهن ڏيڻو پيو، ايتري قدر جو يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽڻو پئجي ويو آهي، راجا پرويز اشرف کي وزيراعظم اچڻ پيو پر نوازشريف کي خبر نه هئي ته سندس به حڪومت اچڻي آهي، جڏهن نوازشريف چونڊن ۾ کٽي اقتدار سنڀاليو ته لڳي پيو ته پيپلزپارٽي به اهڙا ئي ڪم ڪندي حڪومت لاءِ ڏکيائون پيدا ڪندي پر ايئن نه ٿيو، هن ڀيري پيپلزپارٽي نوازشريف جي اقتدار ۾ ڪا به رنڊڪ نه بڻي پر تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ  سندس حڪومت لاءِ رڻ ٻاري ڏنو، هر وقت حڪومت خلاف واويلا شروع ڪئي وئي، پر پيپلزپارٽي  نوازشريف جي اقتدار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به حربا استعمال نه ڪيا ڇو جو پيپلزپارٽي جمهوريت تي يقين رکندي آهي پوءِ ڀلي ڪراچي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي وڃن، ان جو ثبوت پيپلزپارٽي جي اقتدار مان ملي ٿو، جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ته ڪراچي ۾ سرعام دهشتگرد ڀتو وٺندا هئا، ايتري قدر جو ماڻهن جو قتل عام ٿيندو رهيو پر پيپلزپارٽي ماڻهن کي بچائڻ ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪو به قدم نه کنيو هو. روز هڙتالون ٿينديون هيون پر ان باوجود به ان وقت جي سرڪار خاموش تماشائي بڻيل هوندي آهي.
بهرحال جڏهن پيپلزپارٽي جي اقتدار جو سج لهي ويو ته نوازشريف اقتدار ۾ آيو ۽ هن ايندي ئي ڪراچي ۾ هڪ وڏو آپريشن شروع ڪرايو ۽ جيڪو شخص لنڊن ۾ ويهي مارڻ جون ڌمڪيون ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪندو هو، ان تي پابندي لڳائي وئي، ايتري قدر جو دهشتگردن خلاف آپريشن به ٿيو، جنهن دوران وڏي تعداد ۾ نيٽو جا هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي هئي، آپريشن کانپوءِ ڪراچي ۾ امن به قائم ٿيو ۽ ماڻهن سک جو ساهه کنيو، ايتري قدر جو ملڪ ترقي جي دڳ تي هلڻ شروع ٿيو، ڪاروبار به بهتر ٿيو، ملڪ ڏانهن سيڙپڪارن رخ به ڪيو پر افسوس جو ڌرڻن جي سياست هن ملڪ کي کائي وئي ۽ هڪ اهڙي حڪومت وجود ۾ آئي، جنهن کي اڄ ڪلهه جا سياستدان سليڪٽيڊ چئي رهيا آهن پر انهن کي هن حڪومت خلاف ٻاهر نڪرڻ جي همت نه ٿي ٿئي، نوازشريف پنهنجي ڌي سان گڏ ۽ آصف علي زرداري پنهنجي ڀيڻ سان گڏ جيل ۾ آهن، پر ان باوجود سندن پارٽي جا ڪارڪن روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن پر هاڻ هڪ شخص هن تبديلي سرڪار  جي خاتمي لاءِ روڊن تي نڪتو آهي، جنهن جي پيپلزپارٽي اخلاقي حمايت ڪري رهي آهي، نوازشريف به جيل ۾ آهي پر هن وقت تائين انهن جي پاليسي واضح نه ٿي سگهي آهي. ڪڏهن چيو ويندو آهي ته هو مولانا فضل الرحمان سان گڏ آهن ته ڪڏهن وري مولانا کي ڌرڻو نه هڻڻ جي سفارش ڪئي ويندي آهي.
بهرحال ڌرڻي جي تاريخ ۾ تبديلي به آندي وئي آهي پر پي ٽي آءِ سرڪار جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، جيڪي  پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اڳ نوازشريف جي حڪومت کي ڌمڪيون ڏيندا هئا ته هو بل ساڙي ڇڏيندا پر ڏيندا نه ۽عوام کي چوندا هئا ته هو بجلي، گيس ۽ پاڻي  جا بل نه ڀرن ته جيئن حڪومت جو خاتمو اچي سگهي، ايتري قدر جو پي ٽي آءِ ڪيترائي ڀيرا ڌرڻا به هنيا ۽ اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪارن تي تشدد به ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ ان کي ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ ملڪ کي اربين کربين روپين جو نقصان پهچايو پر ان باوجود نوازشريف انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته انهن پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن، جنهن سان هو مقابلو نه پيو ڪري سگهيو پر پي ٽي آءِ سرڪار ايندي ئي سنڌ مان هڪ نه پر ٽي ٽي وڏيون  گرفتاريون ڪيون، جيڪي ناممڪن هو، ڪنهن به نه سوچيو هوندو ته هاڻ آصف علي زرداري جيل ۾ ويندو ۽ نه ئي وري ڪنهن اهو سوچيو هو ته آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر  کي به جيل ڪاٽڻي پوندي پر اهو سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ سرڪار ڪري ڏيکاريو. خورشيد شاهه جنهن سکر کي لنڊن بڻائي ڇڏيو هو، ان کي به گرفتار ڪيو ويو پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته عوام سندس گرفتاري تي روڊن تي نه آيو، ان کان وڌيڪ ماڻهو ته راڻا ثناءُ جي گرفتاري تي روڊن تي آيا، ايتري قدر جو راڻا ثناءُ الله جي تڪ جي عوام هڙتال ڪري سخت احتجاج به رڪارڊ ڪرايو هو، ايتري قدر جو سندس زال گڏيل قومن کي به خط لکيو هو ته کيس بي گناهه گرفتار ڪيو ويو آهي. شابش ته راڻا ثناءُ الله ۽ سندس بهادر زال کي آهي، جنهن مڙس جي گرفتاري تي گڏيل قومن سان رابطو ڪيو پر آصف علي زرداري ڀيڻ سميت جيل ۾ پيو آهي پر پيپلزپارٽي گرفتاري لاءِ اهڙو ڪو خاص رد عمل ظاهر نه ڪري سگهي آهي پر جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وٽ نه ته ڪا سيٽ آهي ۽ نه ئي وري اقتدار ۾ آهي پر ان باوجود پي ٽي آءِ سرڪار کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري رهيو آهي. ان سڄي عمل ۾ مولانا فضل الرحمان ان ڪري ڪامياب ٿي رهيو آهي جو  عوام موجوده حڪومت کان تنگ اچي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ سرڪار ملڪي معشيت جو ٻِيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ عوام کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ايترا ٽيڪس لڳايا ويا آهن جو غريب عوام ته پريشان آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي  پر هن ڀيري امير طبقو به ٽيڪسن سبب تمام گهڻو پريشان ٿي ويو آهي، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، سيڙپڪار ملڪ ڇڏي بنگلاديش جو رخ ڪري رهيا آهن ۽ تبديلي سرڪار ميديني واري رياست جو ڏٽو ڏئي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جڏهن اقتدار ۾ نه هو ته هن چيو هو ته هڪ سال اندر ملڪ ۾ تبديلي جا اثر نظر نه ايندا پر ڏيڍ سال ٿيڻ وارو آهي پر هن  ملڪ ترقي ته نه ڪئي پر پوئتي ضرور هليو ويو آهي، ملڪي معشيت تباهه ٿي وئِي آهي، ڊالر آسمان سان ڳالهائي رهيو آهي، مهانگائي چوٽ تي چڙهي وئي آهي، پيٽرول 70 روپين کان وڌي سئو کان وڌي ويو آهي پر ان باوجود اسان جو وزيراعظم چئي ٿو ته عوام کي صبر نه  آهي، 13 مهينن اندر تبديلي جو پڇين ٿا.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ملڪ جي عوام کي واقعي صبر نه آهي، جيڪڏهن صبر هجي ها ته پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏين ها، ڇاڪاڻ ته ان وقت پيٽرول به سستو هو، روز اسان نون نون منصوبن جي افتتاح ٻڌندا هئاسين پر هن حڪومت رڳو اهي ئي خبرون ٻڌون ٿا ته اڄ حڪومت چائنا کان قرض ورتو، اڄ حڪومت سعودي کان قرض ورتو، اڄ حڪومت ملائيشيا کان قرض ورتو، اڄ حڪومت آءِ ايم ايف وٽ گوڏا کوڙي ڇڏيا، هر طرف ماڻهو بيروزگاري سبب پريشان نظر اچي رهيا آهن، هن حڪومت ايندي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ،  پي ٽي آءِ ته غريب ماڻهن کي گهر ڏيڻ جو واعود ڪيو هو پر ان تي ڪو به عمل نه ٿيو، گهر ته ماڻهن کي نه مليا پر بي گهر ضرور ڪيو ويو، اهو لڪاءُ  اتي دنگ نه ٿو ٿئي، ان سان گڏ ٽِيڪس مٿان ٽيڪس ۽ آءِ ايم ايف جي عوام دشمن مطالبن تي لبيڪ چئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو، رڳو قرض وٺڻ جي بهاني ملڪ جو ٻيڻو ٻوڙي ملڪي معشيت کي تباهه ڪيو ويو. مطلب ته موجوده حڪومت ۾ رڳو قرض وٺڻ جون خبرون ٻڌي رهيا آهن، هي اهو ئي وزيراعظم عمران خان آهي، جنهن چيو هو ته هو مري ويندو پر قرض نه کڻندو؟
بهرحال تبديلي سرڪار ملڪ کي قرضي ڪرڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، ماڻهو بي روزگار ٿيا ويا آهن پر ان باوجود حڪومت ڪي به قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي نه آهي پر هڪ قدم حڪومت  ضرور کنيو آهي، اهو قدم اهو آهي ته  هاڻ بيروزگار ۽ غريب ماڻهن کي کاڌو کارائڻ لاءِ لنگر خانا کوليا آهن ۽ چيو ويو آهي ته جيستائين روزگار جا موقعا پيدا نه ٿا ٿين، عوام هنن لنگر خانن مان گذارو ڪري، جيڪڏهن تبديلي سرڪار کي لنگر خانا ئي کولڻا هئا۽ عوام کان پنڻ تي مجبور ڪرڻو هو ته پوءِ نوازشريف جي حڪومت هن حڪومت کان سئو ڀيرا بهتر هئي، جنهن شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ بي روزگارن کي روزگار ڪرڻ لاءِ گاڏيون هلائڻ لاءِ ڏنيون وينديون هيون،ڇا عوام ووٽ لنگر خانن لاءِ ڏنو هو. ان جو جواب تبديلي سرڪار کي ضرور ڏيڻو پوندو. جڏهن ملڪ ۾ شهباز شريف اقتدار ۾ هو ته هن سستي روٽي شروع ڪئي هئي، جنهن تي عمران خان کيس تنقد جو نشانو بڻايو هو، ايتري قدر جو جڏهن ليپ ٽاپ شاگردن کي ڏنا ويا ته ان تي به ڪرپشن جو راڳ الاپيو ويو هو پر اهي شاگرد تمام گهڻو خوش آهن، جن  کي نوازشريف جي حڪومت ۾ ليپ ٽاپ مليا، اڄ به اهي ليپ ٽاپ ڏسي خوش ٿين ٿا، جن کي روزگار لاءِ گاڏيون مليون، اهي اڄ به گاڏيون هلائي پنهنجي گهر جو گاڏو هلائي رهيا آهن نه ته پيپلزپارٽي به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪري عوام کي پنڻ تي مجبور ڪيو.
بهرحال هاڻ ملڪ جو عوام تمام گهڻو وڌندڙ مهانگائي ۽ بي روزگاري جي ڪري پريشان آهن ۽ هڪ مسيحا جي انتظار ۾ هو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جو موجوده حڪومت عوام لاءِ نڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ هيون، جيڪي عوام جي حقن لاءِ روڊن تي اچڻ ۽ عوام جي قيادت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي پارٽيون حڪومت کان پنهنجي جند آجي نه ٿيون ڪرائي سگهن ته عوام کي ڪهڙو فائدو ڏئي سگهن ٿيون پر عوام جنهن مسيحا جو انتظار ڪري رهيو هو اهو هاڻ اچي ويو آهي، عوام ان انتظار ۾ هو ته ڪو ايندي جيڪو سندن آواز بڻجندو، ، ان وقت مولانا فضل الرحمان هن ملڪ جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ميدان تي لٿو آهي. هاڻ سڄي ملڪ جي عوام جون نظرون مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي تي لڳل آهن، هاڻي ڏسڻو رڳو اهو ئي آهي ته مولانا هن تبديلي سرڪار آڏو ڪيترو ثابت قدم رهي ٿو ؟ هن وقت جيڪڏهن پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پنهنجي ڪارڪنن کي روڪڻ به چاهين ته اهي مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ وڃڻ کان نه ٿيون روڪي سگهن ڇاڪاڻ ته عوام هاڻ بيزار اچي چڪو آهي، واپاري به روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار آهن، غريب عوام به هاڻ مولانا فضل الرحمان سان گڏ آهي، ڪجهه شرپسند ان کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش به ڪري رهيا آهن، مولانا جي ڪردار ڪشي به ڪري رهيا آهن پر کين ڪجهه به هٿ نه اچي رهيو آهي، جڏهن اهي مولانا خلاف ڳالهائن ٿا ته کين اهڙو ئي جواب ملي ٿو، ڀلي اهو جي يو آءِ جو هجي، يا پيپلزپارٽي يا وري ڪنهن ٻي پارٽي جو، سڀ ماڻهو هاڻ مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي خلاف ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، ڪجهه تبديلي پسندن کي اڃا به هن حڪومت ڪجهه اميدون آهن، جيڪي مولانا خلاف واويلا ڪندا نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت مولانا فضل الرحمان هڪ قدم به پوئتي وڌايو ته ملڪ اندر هڪ انقلاب به اچي سگهي ٿو، جنهن جي ڪري مولانا صاحب کي گهرجي ته هن وقت ملڪ جي عوام جون اميدون رڳو اوهان ۾ آهن ۽ اوهان ئي موجوده حڪومت جي عذاب کان ڇٽڪارو ڏياري سگهوٿا

No comments:

Post a Comment