Pages

Tuesday 22 October 2019

ڌرڻي کان خوفزده حڪومت ۽ مارشل لا جون ڌمڪيون

صاحب خان ڀٽي
مديني واري سرڪار جي دعويدار ۽ تبديلي جو نعرو هڻي اقتدار ۾ ايندڙ پي ٽي آءِ جي وزيرن ۽ مشيرن جون ننڊون جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حرام ڪري ڇڏيون آهن ۽ آزادي مارچ کي روڪڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪئي وئي آهي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد پنهنجي وزارت کي ته الائي ڪيئن هلائي رهيو آهي؟ ان جي خبر ته نه ٿي پئي پر پيغام پهچائڻ وارو ڪم تمام سٺي نموني سان ادا ڪري رهيو آهي. مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي بابت شِخ رشيد پيغام ڏيندي چيو آهي ته آزادي مارچ سان مارشل لا جو رستو  کوليو پيو وڃي پر ان باوجود هر طرف مولانا جي مارچ جو چرچو ٿي رهيو آهي ۽ مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ملڪ جي عوام لاءِ هڪ اميد جڳائي آهي، جنهن سبب مذهبي توڙي سيڪيولر مولانا جي مارچ جي حمايت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اهو  تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي جو هڪ مذهبي جماعت جي حمايت ۾ سڄو ملڪ هڪ ٿي ويو آهي، ان جو سڀ کانوڏو  ڪارڻ يوٽرن وزيراعظم عمران خان جا کنيل قدم آهن، جنهن  اقتدار کان اڳ چيو هو ته عام واهپي جي شين جا اگهه روز وڌي رهيا آهن، جنهن سبب نوازشريف جي حڪومت کي گهر موڪلڻو پوندو، ان جي ڪري سڀني کي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻو پوندو پر هاڻ عمران خان نيازي چئي رهيو آهي ته ڌرڻن سان ملڪ جو نقصان ٿيندو، جنهن سبب مولانا جي ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪئي وڃي، ايتري قدر جو مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش به ڪئي وئي آهي پر مولانا  جو هڪ مطالبو آهي ته عمران خان استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي ، جيئن اڳ ۾ عمران خان نوازشريف کان مطالبو ڪندو هو. پر ان وقت ايتري مهانگائي نه هئي ۽ عوام به ايترو تنگ نه هو، ڇاڪاڻ ته نوازشريف اهو واحد وزيراعظم هو، جنهن ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ٻرن ۾ لڪڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو هو، ايتري قدر جو معشيت ۾ به بهتري آئي هئي پر تبديلي جو نعرو هڻي اقتدار ۾ ايندڙ جيڪي پاڪستان جي عوام سان واعدا ڪيا، انهن تان يوٽرن وٺي ڇڏيو، پيٽرول 70 روپيا في ليٽر وڪرو ٿيندو هو پر تبديلي سرڪار ايندي ئي پيٽرول جو اگهه سئو کان وڌائي ڇڏيو پر ان وقت به تبديلي جي لالچ ۾ ٻڏل عوام کي ڪجهه خبر نه پئي ۽ ان وقت سجاڳ ٿيا، جڏهن هر اداري جو ڏيوالو نڪري چڪو هو،هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا هئا، جيڪي ادارا ترقي ڪري رهيا هئا، اهي بند ٿيڻ لڳا ۽ عوام پي ٽي آءِ سرڪار کان تنگ ٿي ويو پر عوام جي قيادت ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ لڳي پئي هئي ۽ نوازشريف به ڪٽنب سميت جيل ۾ هو، جنهن سبب ملڪ جون ٻئي وڏيون پارٽيون عوام جي قيادت ڪرڻ جي قابل نه هيون پر مولانا فضل الرحمان عوام جي خواهش کي ڏسندي موجوده حڪومت کان ڇٽڪاري لاءِ آزادي مارچ جو اعلان ڪيو، جنهن تي لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، جتي به مولانا فضل الرحمان جلسو ڪري ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي وڃن پيا، اڳ ۾ مولانا جي جلسن ۾ رڳو مذهبي ماڻهو شرڪت ڪندا هئا پر هاڻ  هر طبقي جا ماڻهو شرڪت ڪن ٿا، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو ئي آهي جو ملڪ جو عوام حڪمرانن جي کنيل قدمن کان بيزار ٿي چڪو آهي.
بهرحال پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اڳ چوندو هو ته جيڪڏهن سندس حڪومت ۾ پنج ماڻهو به روڊن تي نڪتا ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو پر افسوس جو هاڻ هزارين ماڻهو نڪرن ٿا پر استعيفيٰ ڏيڻ تي پري جي ڳالهه آهي عمران خان ته انهن کي جمهوري حق کان به محروم ڪري رهيو آهي ۽ کين احتجاج کان به روڪي رهيو آهي، ڇا هن ملڪ ۾ رڳو خلائي مخلوق جي حامين وٽ ئي احتجاج ڪرڻ جو جمهوري حق آهي، عام ماڻهو کي نه آهي؟ ڇا مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ سندس جمهوري حق نه آهي؟ جيڪڏهن ناهي ته پوءِ عمران خان ته اسلام آباد ۾ ڪيترائي ڏينهن ڌرڻو هنيو ۽ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو به ٿيو ته پوءِ ان جو حق کيس ڪنهن ڏنو هو؟ پر شايد هن ملڪ ۾ ان سوال جو جواب ملندو ئي نه؟ ڇاڪاڻ ته هتي جمهوريت من پسند ماڻهن لاءِ ئي هوندي آهي، جيئن عمران خان ۽ مذهبي جماعتن کي ته ڌرڻي جي اجازت ڏني وئي هئي ۽ ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف کي به ڌرڻن کي روڪڻ جي طاقت نه هئي ادارن کي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو هو ته ڪو به ادارو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو ۽ چيو ويندو هو ته اهي اسان جي  ماڻهو آهن  ۽ نه چاهيندي به نوازشريف ڌرڻي کي برداشت ڪرڻو پيو، ان وقت  عمران خان کي ملڪ کي ٿيندڙ نقصان جي ڪا به پرواهه نه هئي.
هن وقت  جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جون تياريون عروج تي پهتل آهن ۽ عوام جون نظرون به انهيءَ ڌرڻي تي کتل آهن،  سخت پابندين  باوجود مولانا جي ڪوريج کي روڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي رهيون آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب سوشل ميڊيا آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي لفظ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ٻڌائڻ کان لنوائي رهي آهي، اهي لفظ سوشل ميڊيا تي تيزي سان شيئر ٿي رهيا آهن، قومي اردو ميڊيا تي مولانا فضل الرحمان جي خلاف فنڪار توڙي اينڪر پرسن ڳالهائي رهيا آهن پر انهن ساڳين ئي صحافين جون جڏهن پوسٽون سوشل ميڊيا تي پڙهنداسين ته اهي به مولانا جي حمايت ڪري رهيا آهن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مولانا خلاف  ڳالهائڻ سندن مجبوري آهي يا وري ڪو دٻاءُ آهي؟ اهو ته اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، پر مولانا جي مارچ کي روڪڻ جون حڪومتي ڪوششن سمجهه کان پري آهن، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ  آزادي مارچ کان ٿورو لنوائي رهيون آهن پر ان باوجود مولانا فضل الرحمان ثابت قدم آهي. حڪومت پاران جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ -ف) جي ذيلي تنظيم انصار الاسلام کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته صوبائي سطح تي انصار الاسلام کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو صوبن جي مشاورت سان ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي باري ۾ گهرو وزارت کي آگاهه ڪيو ويو آهي.جنهن مان صاف ظاهر آهي ته حڪومت ڪو به اهڙو غلط قدم کڻڻ کان پاسو نه ڪندي، جنهن سان حالتون خراب ٿين، موجوده حڪمرانن آزادي مارچ کي چٿڻ لاءِ هرممڪن تياري ڪري ورتي آهي، ان جو ثبوت هڪ خانگي ٽي وي چينل جي اينڪر پرسن جي ڳالهين مان به لڳي ٿو، جنهن پنهنجي پروگرام ۾ چيو ته مولانا فضل الرحمان مارچ دوران همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، تنهن جي ڪري ماڻهو پنهنجا ٻار مارچ ۾ نه موڪلين، لڳي ٿو ته اهو به فضل الرحمان کي هڪ پيغام ڏنو ويو آهي ته ڌرڻو نه هنيو وڃي.
بهرحال جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان .جو مارچ ڪامياب ٿيندو يا نه؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته ملڪ جو عوام هن حڪومت کان ڇٽڪارو چاهي ٿو، رڳو عام ماڻهو  نه پر واپاري  ۽ سيڙپڪار به هن حڪومت کان بيزار ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ته هر سرڪاري اداري جا ماڻهو رڙيون ڪري رهيا آهن، رڳو هڪ اداري جي ؟  انهيءَ اداري جي ملازمن اڄ ڏينهن تائين نه ته پگهارن لاءِ احتجاج ڪيو آهي ۽ نه ئي وري سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪيون آهن پر باقي سمورن ادارن جي ملازمن جون رڙيون پري پري کان ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ۽ آزادي مارچ به انهيءَ ڪري ڪامياب ٿيندو، جيڪڏهن ملڪ جو ڏيوالو نه نڪري ها ته مولانا فضل الرحمان پٺيان ايڏي وڏي انگ ۾ عوام نه نڪري ها. هن وقت حڪومت انهيءَ جي ڪري ئي پريشان آهي ته ڪيئن به ڪري مولانا کي ڳالهين لاءِ راضي ڪيو وڃي پر وزيرن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي ايترو جلد فارغ ٿيڻ نه ڏنو ويندو پر مولانا جو هڪ ئي مطالبو آهي ته عمران خان جي استعيفيٰ کان سواءِ ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. ايتري قدر جو جي يو آءِ (ف) جي باوردي محافظ دستي جي هڪ وڊيو به وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏٺو ويو ته مولانا فضل الرحمان محافظ دستي کان سلامي وٺي رهيو آهي.جنهن ويتر حڪومت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ مارشل لا جو پيغام پهچائيندڙ وفاقي وزير شيخ رشيد جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي وچ وارو رستو ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. شيخ رشيد اهو به چيو آهي ته هو ان ڳالهه جو حامي آهي ته جيڪڏهن مولانا کي فيس سيونگ ڏيڻي پئي ته اها به ڏينداسين.
بهرحال جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان اسلام آباد ۾ احتجاج جي اعلان کانپوءِ  حڪومت هر قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهچندڙ کي کاڌي پيتي جون شيون فراهم نه ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ايتري قدر جو مولانا جي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي پيسن تي به کاڌي جون شيون نه ملنديون؟هاڻ اهو فيصلو ٿي ويو آهي يا ان بابت ان غور ويچار ڪيو پيو وڃي، ان بابت شيخ رشيد ئي بهتر نموني سان ٻڌائي سگهي ٿو، جيئن هن مارشل لاءِ واري ڌمڪي وارو پيغام مولانا فضل الرحمان ڏانهن پهچايو آهي، مولانا جي ڌرڻي کي نظر ۾ رکندي مختلف هنڌن تي ڪنٽينر رکي روڊن کي به بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ايتري قدر جو پوليس طرفان گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.ان ڏس ۾ اسلام آباد جي شمس ڪالوني ٿاڻي ۾ جي يو آءِ (ف) جي ٻن ڪارڪنن خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب مولانا شفيق الرحمان ۽ مولانا محمد ارشاد آزادي مارچ ۽ ڌرڻي جي سلسلي ۾ بئنر هنيا ۽ عوام کي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اڪسائي رهيا هئا، پوليس جي پهچڻ تي ٻيا فرار ٿي ويا پر ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت اپوزيشن پارٽين لاءِ روڊن تي احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي ڇڏيو، جمهوريت بچائڻ لاءِ حڪومت ۽ عمران خان کي وڃڻو پوندو.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت مارشل لا جو رستو کولڻ لاءِ مولانا جي ڌرڻي کي روڪي ٿي يا وري جمهوريت  کي قبول ڪري مولانا فضل الرحمان کي سندس احتجاج جو جمهوري  حق ڏئي ٿي، جيئن ته هي حڪومت پاڻ به ڌرڻو هڻي  اقتدار ۾ آئي آهي ۽ موجوده حڪومت ۾ ڪهڙيون اميدون ڪري سگهون ٿا، پي ٽي آءِ جڏهن ڌرڻو هنيو ته ان وقت به مذهب جو سهارو ورتو هو، هڪ ملو هر وقت انقلاب جون ڳالهيون ڪندو هو، جڏهن عمران خان اقتدار ۾ آيو ته هن چيو ته سندس انقلاب اچي ويو آهي ۽ هو هي ملڪ ڇڏي وري پرڏيهه هليو ويو پر ايڏي مهانگائي ان وقت نه هئي، جيتري هن وقت آهي، بيروزگاري ان وقت ايتري نه هئي، جيتري هن وقت آهي، پر ان انقلابي مُلي کي شايد هاڻ مهانگائي نظر نه ٿي اچي يا وري کيس پنهنجو حصو پتي ملي ويو آهي جو کيس انقلاب ياد نه پيو اچي. بهرحال وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڌرڻي جي خلاف آهن، انهيءَ ٻنهي جي هڪ ئي سوچ آهي ته ڌرڻي سان ٽين ڌر کي موقعو ملندو، اتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن عمران خان ڌرڻو هنيو ته ان وقت مارشل لا ڇو نه لڳو هاڻ جڏهن مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي واري آئي آهي ته ان وقت ٽين قوت جون ڳالهيون ڇو ٿي رهيون آهن؟ هن وقت عالمي سطح تي جيڪي اسان جي ملڪ جي پوزيشن آهي، ان کان هر هڪ ماڻهو واقف آهي، هڪ طرف پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ آهي ته ٻئي طرف وري ڀارت به ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ايران سان به ڪنهن به وقت صورتحال خراب ٿيڻ جو خدشو به آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ايئن جهيڙو هلي ٿو ته جيئن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلي رهيو آهي پر بس فرق ايترو آهي جو ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کان پري آهن، جنهن سبب جنگ ٿيڻ جو گهٽ آهي، عمران خان پاڻ ئي چيو هو ته هڪ طرف ڀارت، ٻئي طرف ايران ته ٽين طرف واري افغانستان ۾ آهي هو ته هڪ گرم تئي تي ويٺو آهي. هاڻ اهڙي صورتحال ۾ مارشل لا جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه ٿيون اچن، هن وقت ملڪ قرضن جي دٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ملڪ کي سنڀالڻ ايترو سولو به نه آهي، مون کي ته لڳي ٿو ته مارشل لا جون ڌمڪيون به مولانا جي ڌرڻي کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ آهن ۽ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي ڌرڻي جي حمايت نه ڪرڻ لاءِ هڪ پيغام آهي.

No comments:

Post a Comment