Pages

Saturday 26 October 2019

مولانا جو مارچ، جهاز تيار بيٺو آهي ؟

صاحب خان ڀٽي
پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ياسمين راشد چيو آهي ته جهاز تيار بيٺو آهي، ميان محمد نوازشريف علاج لاءِ جٿان چاهي  ڊاڪٽرز گهرائي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ هڪ سوال جو جواب ته سڀني ماڻهن کي ملي ويو آهي، جيڪي پڇي رهيا هئا ته آخر  جي يو آءِ ف  جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي کان حڪومت کي ڇا ٿيندو؟ جيئن ها حڪومت کي ڪجهه  ٿئي يا نه ٿئي، اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته حڪومت جون ننڊون  حرام ٿي ويون آهن ۽ حڪومت کي گوڏا کوڙڻ پئجي ويا آهن، جنهن جو مثال رهبر ڪميٽي سان ملاقات مان به ملي ٿو، جيڪڏهن حڪومت مولانا جي مارچ کان ڊنل نه هجي  ها ته  وزيراعظم عمران خان اپوزيشن سان ڳالهائڻ تيار ئي نه  ٿئي ها پر   ڳالهين واري صورتحال باوجود مولانا فضل الرحمان پنهنجي آزادي مارچ واري بيان تان   عمران خان جيان يوٽرن نه ورتو آهي ۽ پنهنجي بيان تي ثابت قدم آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو هر حال ۾ حڪومت جي رٽ قائم رکندا پر جڏهن پي ٽي آءِ سرڪار کان صحافي برادري سندن اسلام  آباد ۾ لڳايل 126 ڏينهن جي ڌرڻي بابت پڇي ٿي ته ان تي عمران خان جي سرڪار ناراض ٿي وڃي ٿي، ايتري قدر جو هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کي استعمال ڪيو پيو وڃي، اليڪشن کان اڳ نواز ليگ جي اقتدار واري دور ۾ ميڊيا تي  اشتهار هلندا هئا ته  نوازشريف چور آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها به قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر ان وقت ڪنهن به اهو سوال نه ڪيو ته آخر ميڊيا تي اهڙي قسم جا اشتار ڇو هلي رهيا آهن، آخر انهن ٽي وي چينلز جي چيلهه ان وقت چٻي ٿي، جڏهن عمران خان جي حڪومت قائم ٿي ۽ صحافتي ادارن جو ڏيوالو نڪرڻ شروع ٿي ويو، جيئن ته ان وقت تبديلي جو نشور هر هڪ تي ڇانيل هو ۽ ملڪ جو عوام به چاهي پيو ته هاڻ تبديلي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان وقت عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاريا ويا هئا، پيٽرول جيڪو 70 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو، اهو عوام کي مهانگو لڳي رهيو هو، ڊالر لڳ ڀڳ 100 روپيا  هو، ان تي به تبديلي جي خواهش رکندڙن کي مهانگو نظر اچي رهيو  هو پر جڏهن تبديلي آئي ته سڀني جا آنڊا ٻاهر نڪري آيا ۽ عوام توڙي صحافتي ادارن کي حقيقت ۾ تبديلي نظر اچي وئي ته آخر تبديلي ڪيئن ٿيندي آهي، هاڻ جڏهن ڪو به تبديلي جو لفظ ٻڌي ٿو ته کيس گار لڳي ٿي ۽ عوام تبديلي جو لفظ ٻڌڻ به پسند نه ٿو ڪري، ان جو مثال سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ويڊيو ۽ عام ماڻهن سان ڳالهيون ڪرڻ مان ئي ملي ٿو، رڳو هڪ طبقو آهي، جيڪو اڃا به تبديلي کي گهڻو پسند ڪري ٿو، اهو جيڪو پي ٽي آءِ جو سپورٽر آهي پر جلد ان طبقي جون به اکيون کلڻ واريون آهن، ڇاڪاڻ ته سرڪاري نوڪري رکندڙ ماڻهن کي تبديلي تمام گهڻي پسند هئي هاڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته کوڙ سارا ادارا خانگائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽ سرڪاري ادارن مان به ماڻهن کي برطرف ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪڏهن سرڪاري ملازم برطرف ٿيا ته شايد ڪافي حد تائين تبديلي جا سپورٽرز به يوٽرن وٺي ويندا؟
بهرحال اهو سڀ ڪجهه ته مهانگائي جي ڪري ٿي رهيو آهي پر عام ماڻهو به سوال ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن  پي ٽي آءِ جي نظر ۾ نوازشريف ۽ آصف علي زرداري چور هئا ته انهن جي دور ۾ ايتري مهانگائي ڇو نه هئي ۽ ماڻهو بيروزگار گهٽ ڇو هئا ۽ ڊالر جو اگهه گهٽ ڇو هو، اوچتو پي ٽي آءِ جي سرڪار ۾ ڊالر مهانگو ڇو ٿي ويو؟ آخر  ادارا ڇو بند ٿي ويا ۽ مهانگائي ايتري ڇو  وڌي وئي؟ واپاري ۽ سيڙپڪار تنگ ٿي وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ بدران آرمي چيف سان ملاقات ڇو ڪئي؟ پر هن وقت تائين انهن سوالن جو جواب نه ملي سگهيو آهي پر هن وقت حقيقي تبديلي ضرور نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته شايد حڪومت کي ٽف ٽائيم ملي سگهي ٿو، جيئن ته مون نه عمران خان جي ڌرڻي جي حمايت ڪئي هئي ۽ نه ئي وري مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي حمايت ڪيان ٿو پر زميني حقيتون اهي ئي آهن ته هن ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگار موجوده حڪومت جي کنيل قدمن جي ڪري ٿي آهي، جيڪڏهن مولانا حڪومت کي ٽف ٽائيم  ڏنو ته هن ملڪ جو معشيت تباهه ٿي ويندي، جيڪا ڪافي حد تائين تباهه به ٿي چڪي آهي ۽ اڳتي هلي اڃا وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا.  جيڪڏهن مولانا جي سياست تي هڪ نظر ڦيرجي ته هن وقت نوازشريف ۽ آصف علي زرداري کان وڌيڪ مولانا فضل الرحمان  هڪ  وڏو سياستدان ٿي اڀري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٽڪراءُ اهڙن ادارن سان ٿي رهيو آهي،  جن بابت نوازشريف ۽ آصف زرداري کي ڳالهائڻ جي جرئت به نه هجي  پر مولانا فضل الرحمان  هر وقت اهو ئي چئي رهيو آهي ته هو  ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، سندس مقابلو عمران خان جي سرڪار سان آهي، جنهن جي ڪري ڪنهن ٽي قوت کي وچ ۾ نه اچڻ گهرجي، جيڪڏهن ٽي قوت مداخلت ڪئي ته ڌرڻو ڊي چوڪ بدران جي ايڇ ڪيو هوندو.
هڪ طرف حڪومت جي يو آءِ فضل الرحمان  سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ٻي طرف مٿس پابنديون لڳائي رهي آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا جيڪا اڳ عمران خان  جي گارين واريون ويڊيو به آڌي رات جو به ڏيکاريندي هئي اها ميڊيا اڄ مولانا فضل الرحمان جا بيان  ايڊٽ ڪري ڏيکاري رهي آهي، ڇا اها صحافت جو ٻٽو معيار نه آهي،  حڪومت چئي رهي آهي ته مولانا فضل الرحمان  جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي نه آهي ته پوءِ آخر مولانا جو ساڳئي پريس ڪانفرنس ميڊيا تي ڪجهه ٻي آهي ته وري سوشل ميڊيا تي ان جو رنگ ٻيو ڇو آهي؟ جيڪڏهن عمران خان  طرفان ٻين سياستدانن کي چور چوڻ واريون پريس ڪانفرنسون نشر ٿي سگهن ٿيون ته مولانا فضل الرحمان جي  پريس ڪانفرنس تي ايڏي سختي ڇو ڪئي وئي آهي؟
بهرحال  مولانا فضل الرحمان جي ڪوريج بابت حڪومت ئي  بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ميڊيا تي خبرون نشر ٿي رهيون آهن مولانا جي مارچ مدرسن جي شاگردن کي شرڪت نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جو خطرو آهي پر ان وقت جڏهن دهشگردي عروج تي هئي،  روز ڌماڪا ٿيندا هئا پر 126 ڏينهن ڌرڻن باوجود پي ٽي آءِ  جي ڌرڻن تي ڪو به حملو نه ٿيو، سوات ۾ آپريشن به هلي رهيو هو،  آمريڪا طرفان سرحد ويجهو ڊرون حملا به ڪيا ويندا هئا، ڪراچي ۾ به دهشتگردي ٿيندي هئي ، بلوچستان ۾ ڌماڪا ٿيندا هئا پر ان باوجود ڌرڻي ۾ ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو پر اهو ضرور ٿيو ته سيڪيورٽي ادارن تي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن پاران حملو ڪيو ويو ۽ اهلڪار زخمي به ٿيا هئا پر ان باوجود ان وقت جي حڪومت ڪنهن به دهشتگردي جو خدشو ظاهر نه ڪيو هو ۽ نه ئي عمران خان جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائ هئي هر وقت ميڊيا تي رڳو عمران خان ئي ڇانيل رهندو هو، جيئن  اڳ ۾ لنڊن جو هڪ شخص ڇانيل هوندو هو؟
بهرحال پي ٽي آءِ سرڪار  ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٿي سگهي ٿي، ان سان گڏ جي يو آءِ جي هڪ ذيلي تنظيم تي به پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ان جو باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان ڳالهيون گهٽ ۽ڌمڪيون وڌيڪ ڏنيون پيون وڃن. هڪ طرف ميڊيا ذريعي مولانا کي خبردار ڪيو پيو وڃي ته دهشتگردي جو خطرو آهي ٻئي طرف وري آزادي مارچ کي روڪڻ لاءِ هر هڪ حربو استعمال ڪيو پيو وڃي.  جيئن ته مولانا جي مارچ کان پوءِ حڪومت وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن سبب مولانا سوشل ميڊيا توڙي عوام تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته واقعي هن وقت مولانا مذهبي سياستدان کي هٽي ڪري هڪ اهم سياستدان ٿي ويو آهي، جنهن جي پٺيان عوام نڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو  ئي آهي ته  پي ٽي آءِ سرڪار جيڪي ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳايا آهن، ان سان  امير توڙي غريب جي زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي  آهي ۽ ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن.  جيڪڏهن پي ٽي آءِ سرڪار مهانگائي  کي نه وڌائي ها ته اڄ عوام پي ٽي آءِ خلاف نه هجي ها.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي ڪري حڪومت جو ڌيان نوازشريف ۽ آصف زرداري تان هٽي ويو آهي ۽ انهن سان نرمي اختيار ڪئي وئي آهي، نوازشريف ۽ آصف زرداري کي ساڳي ئي بيماري آهي پر ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد چئي رهيو آهي ته نوازشريف کان وڌيڪ بيماري آصف علي زرداري آهي پر  زرداري نواز ليگ وانگر رڙيون نه پيو ڪري، هن اهو به چيو ته نوازشريف جي خاندان وٽان ڪجهه نه نڪرندو باقي آصف علي زرداري ڪجهه ڏئي سگهي ٿو. ان مان ئي مطلب نڪتو ته حڪومت جو  انهن سياستدانن کي گرفتار ڪرڻ جو مقصد ئي پئسا ڪڍڻ هو. بهرحال هن وقت نوازشريف کي طبي بنيادن تي ضمانت ملي و ئي آهي ۽ مٿان مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ به آهي ۽ ان حوالي سان عدالتن ۾ درخواست به داخل ڪرائي وئي ته مولانا  کي ڌرڻي کان روڪيو وڃي پر عدالتن اها درخواست رد ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ ته  انهن عدالتن ته عمران خان کي ڌرڻي کان نه روڪيو هو ۽ عمران خان جي ڌرڻي دوران ججن کي سپريم ڪورٽ وڃڻ ۾ به ڏکيائون به پيش آيون هيون پر ان وقت ڪنهن جي زبان مان هڪ لفظ به نه نڪتو هو. پر جيئن ته درخواست رد ٿي وئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته عدالتي جنگ واري ڦوڪڻي مان به هوا نڪري وئي آهي، رهي ڳالهه هاڻ وڃي حڪومت ڏاڍ جي ته اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته حڪومت  آزادي مارچ کي روڪڻ لاءِ ڪيتري طاقت جو استعمال ڪري ٿي، جيئن ته عمران خان  واضح چئي ڇڏيو آهي، ته ڪجهه به ٿي پئي پر هو استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ فوج سندس پٺيان آهي. پر ان ڳالهه کي ماڻهن سنجيدگي سان ناهي ورتو ڇاڪاڻ ته عمران خان پاڻ ئي چوندو آهي ته  جيڪو سياستدان يوٽرن نه ٿو وٺي اهو وڏو سياستدان نه آهي، متان هو وڏو سياستدان ٿيڻ لاءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي؟ اهو به ڪجهه ڏينهن ۾ ئي خبر پئجي ويندي پر  حالتن کي ڏسندي لڳي ٿو ته اپوزيشن به مڊٽرم اليڪشن جو انتظار ڪندي ، انهيءَ حڪمتي عملي تحت ئي موجوده حالتن کان ڇٽڪارو حاصل ٿي سگهي ٿو؟ رهي ڳالهه جهاز تيار بيٺو آهي ته ان جو اشارو نوازشريف ڏانهن گهٽ پر  پي ٽي آءِ ڏانهن تمام گهڻو وڌيڪ وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته جهانگير ترين جو جهاز هر وقت تيار ئي بيٺو هوندو  آهي، ڀلي اها وقت سينيٽ جي چونڊ جو هجي يا وري قومي اسيمبلي جي چونڊ جو هجي، جهاز جي اڏڻ سان  تبديلي اچي ويندي آهي، هاڻ ڏسون ٿا ته جهانگير ترين جو اهو جهاز ڪڏهن ٿو اڏام ڀري؟

No comments:

Post a Comment