Pages

Wednesday 23 October 2019

آصف زرداري، نوازشريف جي خراب طبيعت ۽ ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ هڪ دفعوٻيهر سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ حڪومت مخالف احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، نوازشريف جي حڪومت ۾ پي ٽي آءِ  ڪيترائي ڏينهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ۽ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيو هو پر اوچتو پاناما جو  روڊ رولر آيو ۽ نواز ليگ کي ٻهاري ويو ۽ ڌرڻا هڻندڙ پارٽي جو وجود آيو، جنهن اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اهي سڀ واعدا پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڀ ڪجهه الٽو ئي ٿي ويو، ملڪي معشيت تباهه ٿي وئي، ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، فيڪٽريون بند ٿي ويون، ايتري قدر جو 24 ڪلاڪ پي ٽي آءِ کي ڪوريج ڏيندڙ ميڊيائي ادارن جو ڏيوالو نڪري ويو، ڪيتريون ئي چينلز  ۽ اخباري ادارن مان ماڻهن کي فارغ ڪيو ويو پر حڪومت پنهنجي ناڪامي تسليم ڪرڻ بدران سمورو الزام آصف علي زرداري ۽ نوازشريف تي مڙهي ڇڏيو، پي ٽي آءِ سرڪار چيو ته ملڪ جي تباهه ٿيل معشت جي ذميوار ماضي جون حڪومتون آهن، جن قرض ورتو ۽ اهو قرض ادا ڪرڻ لاءِ کين وڌيڪ قرض کڻڻو پئجي رهيو آهي، جيڪڏهن عام ماڻهو وياج تي پئسا کڻندو آهي ۽ ادا ناهي ڪري سگهندو ته ان کي  ٻيو  ڪير به قرض نه ڏيندو آهي پر اسان جو ملڪ دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن کي قرض مٿان قرض ملي رهيو آهي، هڪ قرض  لهي ئي نه ٿو ته مٿان ٻيو قرض کنيو ويندو آهي، حڪمران ايندا آهن ۽ پنهنجا خرچ ڪڍي هليا ويندا آهن پر عوام کي انهيءَ قرض جي ڪري سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي آهي پر  سياستدانن کي ڪو به فرق نه پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن سياستدان جا گهر هن ملڪ گهٽ پرڏيهه ۾ گهڻا هوندا آهن، اڪثر سياستدانن جا ٻار به پرڏيهه ۾ ئي رهندا آهن ۽ انهن  جو ڪاروبار به پرڏيهه ۾ هوندو آهي، تنهن ڪري ملڪ جي معشيت تباهه ٿي وڃي يا بهتر انهن سياستدانن کي ڪو به فرق نه پوندو آهي. هن وقت به ملڪ جي معشيت تباهي ڪناري پهتل آهي، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن، حڪومت رڳو لنگر خانا کولي عوام کي دلاسو ڏيڻ ۾ پوري آهي ته هاڻ بهتري اچي ويندي، ايتري قدر جو وزيراعظم عمران خان کي اهو بيان به ڏيڻو پئجي ويو ته ماڻهن کي صبر نه آهي، 13 مهينن ۾ تبديلي جو ٿا پڇن؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي صحيح به آهي ته 13 مهينن ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ڏکو هوندو آهي. پر منهنجي سوچ موجب، اهو سوال تڏهن وزيراعظم کي ڪرڻ گهرجي ها جڏهن ملڪ ۾ ساڳي صورتحال هجي ها جيڪي صورتحال نوازشريف جي دور ۾ هئي، ڀلي پي ٽي آءِ سرڪار ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ دير ڪري ها پر ملڪ ۾ ادارا ته بند نه ڪري ها، معشيت تباهه ته نڪري ها، ملڪ کي قرضن جي دٻڻ ۾ ته نه ڦاسائي ها، هن وقت چيو پيو وڃي ته تاريخ ۾ پهريون تمام گهڻو قرض ورتو ويو آهي، جيڪو ماضي جي حڪومتن به نه ورتو آهي. آخر اهو قرض ڇو کنيو ويو، عوام کي ته روزگار ته مليو پر جيڪي نوڪرين ته هئا، انهن کي برطرف ڪرڻ جو سلسلو آخر ڇو شروع ٿيو، آخر حڪومت اهڙا ڪهڙا قدم کنيا جو ملڪ ۾ معشيت تباهه ٿي وئي ۽ فيڪٽريون بند ٿي ويون، ان جو هڪ جواب آهي جو موجوده کنيل قرض جي قسط ادا ڪرڻ لا  آءِ ايم ايف جا شرط منظور ڪيا ويا ۽ عوام تي ٽيڪسن جو ايترو ته بار وڌو ويو جو واپاري طبقو به ان کي برداشت نه ڪري سگهيو، جيڪي خواب پي ٽي آءِ ڏيکاريا، اهي پورا ته نه ڪيا ويا پر جيڪي ماڻهو سڪون سان پنهنجي زندگي گهاري رهيا هئا، انهن جو جيئڻ به جنجال ٿي ويو آهي.
هن وقت هر طرف حڪومت خلاف آواز اٿي رهيو آهي ۽ تبديلي جو لفظ ٻڌندو عوام ڪاوڙ ۾ اچي وڃي ٿو، ايتري قدر جو هاڻ حڪومتي وزير به تبديلي جو نالو کڻڻ کان لنوائي رهيا آهن. ان جو  هڪ ئي سبب آهي جو هاڻ عوام حڪومت خلاف روڊن تي اچڻ لاءِ تيار ٿي ويوآهي،  جنهن کي حقيقي معنيٰ ۾ تبديلي به چئي سگهجي ٿو پر حڪومت اڃا به پنهنجي موقف تي قائم آهي ته هنن ملڪ کي سنواري ڇڏيو آهي پر وزيراعظم  عمران خان   چئي رهيو آهي ته کيس بهتر ٽِيم نه ملي آهي. هڪ شخص صحافي کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن سرفراز احمد کي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي هٽائي سگهجي ٿو ته پوءِ ڇا عمرن خان جيڪا غلطي تسليم ڪئي آهي ته کيس ٽيم سٺي نه ملي آهي، هاڻ کيس  برطرف ڪيو ويندو ته ان تي صحافي چيو ته ڪرڪيٽ ۽ سياست ۾ وڏو فرق آهي؟  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت فنڪار توڙي اداڪار به سياست ۾ لهي پيا آهن، جن فنڪارن ۽ اداڪارن هڪ وقت نماز به نه پڙهي هوندي، اهي به مولانا فضل الرحمان کي درس  ڏئي رهيا آهن ته اوهان اسلام جي خدمت ڪيو، آزادي مارچ نه ڪيو، لڳي ايئن ٿو ته هر ماڻهو  پنهنجو ڪم ڇڏي ٻين جو ڪم ڪرڻ  لاءِ تمام گهڻو ميدان تي لٿل آهي. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجو ڪم ڪري ته بهتر ٿيندو، هونئن به اسان جي ملڪ جي فلم انڊسٽري توڙِي ڊراما انڊسٽري زوال پزير آهي، ان تي فنڪارن کي ڳالهائڻ گهرجي پر جيئن ته سياستدانن خلاف ڳالهائڻ سولو ڪم آهي ۽ ان تي فنڪارن ۽ اداڪارن کي ڳالهائڻ کان ڪير روڪي به نه ٿو سگهي ته اهي به ميدان تي لهي پون ٿا، جيئن اڳ ۾ ميڊيا تي رڳو اهو ئي ٻڌندا هئاسين ته  نوازشريف ۽ آصف زرداري ملڪ کي لٽيو آهي ۽ اهي چور آهن پر هاڻ  ملڪ جو عوام چئي رهيو آهي ته موجوده حڪمرانن کان اهي چور ئي  لک ڀيرا بهتر هئا، جن جي حڪومتن ۾ روزگار هو، ماڻهو خوشحال هئا، هن حڪومت ته غريب عوام جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي.
بهرحال هي حڪومت تاريخ جي پهرين حڪومت نه آهي، جنهن ۾ سياستدانن کي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو هجي، ان کان اڳ به ڪيترائي سياستدان جيل ڪاٽي چڪا آهن، ايتري قدر جو عدالتن ذريعي هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڦاهي تي به چاڙهيو ويو ، بينظير ڀٽو کي عدالتن کي منهن ڏيڻو پيو، نوازشريف ۽ آصف علي زرداري به جيل ڪاٽي چڪا آهن، هاڻ به موجوده حڪومت ۾ جيل اندر آهي پر انهن ٻنهي جي حڪومتن ۾ ڪو به سياسي قيدي نه هو پر هيءَ واحد جمهوري حڪومت آهي، جنهن کي اپوزيشن سليڪٽيڊ چئي رهي آهي ۽ حڪومت سليڪٽيڊ لفظ تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش به ڪئي، ان جو مثال قومي اسيمبلي مان ملي ٿو، جتي سليڪٽيڊ لفظ تي پابندي لڳائي وئي هئي پر ان باوجود اپوزيشن عمران خان کي سليڪٽيڊ چئي رهي آهي. جيئن ته موجوده صورتحال ۾ هڪ طرف عوام ۾ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ته مٿان وري مولانا فضل الرحمان اسلام آباد جو رخ ڪيو آهي، جيئن جيئن  آزادي مارچ جي تاريخ ويجهو اچي رهي  آهي، تيئن تيئن عوام ۾ هڪ جوش ۽ ولولو پيدا ٿي رهيو آهي، سخت پابندين باوجود جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان جو ذڪر ٿي رهيو آهي، ميڊيا تي سندس تقريرون لائيو هلائڻ تي بندش باوجود سوشل ميڊيا تي جي يو آءِ ڪارڪن توڙي عام ماڻهو فضل الرحمان جي تقريرن کي شيئر ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. جيڪي شيون اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي نشر نه ٿيون ٿين، اهي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، حڪومت سمجهي ٿي ته مولانا کي ڪير به نه ٿو ٻڌي پر هن وقت مولانا فضل الرحمان پاڻ کي مڃرائڻ ۾ مڪمل طور ڪامياب ٿي ويو آهي. ايتري قدر جو ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون به سندس پٺيان هلڻ تي مجبور ٿي ويون آهن. نوازشريف ۽ آصف زرداري به اخلاقي طور آزادي مارچ جي حمايت ڪري چڪا آهن پر سياسي ڇڪتان جتي حڪومت جون ننڊون حرام ڪيون آهن، اتي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ نوازشريف جي طبيعت به خراب ٿي وئي آهي، هڪ طرف ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن کي پنهنجي اڳواڻن جي طبيعت جي خراب هجڻ تي ڳڻتي آهي ته مٿان وري آزادي مارچ جون تياريون به ڪرڻيون آهن هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر مولانا فضل الرحمان حڪومت سان ٺاهه ٿو ڪري يا وري اسلام آباد ۾ آزادي مارچ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو؟
سوشل ميڊيا تي هڪ ناليواري صحافي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کي ٿانو خريد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ دڪاندار شيخ رشيد کي ٿانو ڏيکاري رهيو آهي پر ان دڪان ۾ شيخ رشيد کانسواءِ ٻيو ڪو گراهڪ موجود نه آهي، صحافي جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد جي خريداري سان سمورو سامان وڪرو نه ٿيندو ، ڇاڪاڻ ته جيئن شيخ رشيد دڪان ۾ اڪيلي گراهڪ طور نظر اچي رهيو آهي، ايئن ملڪ جي ٻين دڪاندارن جو حال آهي، دڪانن ۾ گراهڪ نه آهن ۽ دڪاندار ۽ واپاري پريشان آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ملڪ اندر مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي ۽ ٽيڪسن جي رڪارڊ اضافي کانپوءِ عام ماڻهو  جي خريداري واري سهپ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ به  عام ماڻهو پريشان ٿي ويو  آهي پر حڪومت کي ڪو به فرق نه ٿو پئي، جيڪڏهن حڪومت  رڳو هلندڙ ادارا ئي سنڀالي ها ته عوام تبديلي جو پڇاڻو نه ڪري ها؟ بهرحال هن وقت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف جي طبيعت انتهائي خراب آهي، آئين ۽ قانون موجب  ٻنهي جو حق آهي ته کين بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي عام قيدي نه آهن، هڪ هن ملڪ جو صدر رهي چڪو آهي ته ٻيو وري ملڪ جو وزيراعظم  رهيو آهي. جيڪڏهن اهڙن شخصيتن سان به اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو ته آخر عام ماڻهو تي ان جو ڪهڙو اثر پوندو. گهٽ ۾ گهٽ انهن کي  پنهنجي مرضي موجب علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏهن حڪومت  وٽ علاج لاءِ پئسا نه آهن ته آصف زرداري ۽ نوازشريف پنهنجي خرچي تي به علاج ڪرائي سگهن ٿا، حڪومت  واضح طور ٻنهي کي ٻڌائي ته وٽن ايترا وسيلا نه آهن، جو انهن جو علاج ڪري سگهي، شهباز شريف اڳ ئي چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن نوازشريف کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار عمران خان ئي هوندو. هن وقت  ملڪ جا ٻئي وڏا سياستدان جيل جي اندر آهن ۽ ٻنهي جي طبيعت به خراب  ٿي وئي آهي، جنهن سبب حڪومت کي آئين ۽ قانون تحت  ٻنهي کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment