Pages

Monday 7 October 2019

ملڪي معشيت تي ٿيندڙ تجربا ڪڏهن بند ٿيندا؟

صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف جي حڪومت  جو جڏهن به ذڪر ٿيندو، ان وقت مهانگائي  ۽ ٽيسڪن  کي به ضرور ياد ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اها واحد حڪومت آهي، جنهن جي اچڻ کان اڳ پيٽرول سستو هو، ڊالر جو اگهه گهٽ هو ۽ مهانگائي به گهٽ  هئي پر  ان  باوجود تبديلي سرڪار عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاريا صحافي برادري راتن جون راتون جاڳي گذاري پي ٽي آءِ جي ڌرڻن کي ڪوريج ڏني، اڄ اهي صحافي پنهنجي نوڪري بچائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، ڪجهه صحافين  کي نوڪري تان ڪڍيو ويو ته هن حڪومت  ٽي وي چينلز  ۽ اخبارن کي هلائڻ تمام ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي، جنهن سبب پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن کي نوڪرين تان ڪڍڻ پوندو، اڄ ڪلهه اهي صحافي خاموش ٿي ويا آهن، جيڪي چوندا هئا ته  عمران خان به هڪ موقعو ملڻ گهرجي، ايتري قدر جو ٽي وي چينلز تي حقيقي سياستدانن کي چور  چور جا اشتهار هلايا ويا نه ته پيميرا ان جو نوٽيس ورتو ۽ نه ئي وري اليڪشن ڪميشن ان تي ڌيان ڏنو، اهڙا اشتهار به هلايا ويا  ته آصف علي زرداري ۽ نوازشريف ملڪ کي لٽيو آهي؟  ۽ عوام کي يقين ڏياريو ويو ته پي ٽي آءِ   جي حڪومت اچڻ کانپوءِ هن ملڪ  جي تقدير ئي تبديل ٿي ويندي ۽ ملڪ جو لٽيل ناڻو واپس ڪرايو ويندو پر افسوس جو هاڻ ته نوان نوان قانون اچي رهيا آهن، جنهن ذريعي ڪرپٽ سياستدان لٽيل ناڻي مان ڪجهه  حصو ڏئي پنهنجي جند آجي ڪري پنهنجو دامن پاڪ ڪري سگهن ٿا، ڇا اها آهي مديني واري رياست جو تصور جنهن ۾ غريب ماڻهن تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو  ۽ ڪرپٽ ماڻهن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون، وزيراعظم عمران خان جڏهن اپوزيشن ۾ هو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر ان متاثر اهلڪارن کي انصاف نه ملي سگهيو، ايتري قدر جو پي ٽي آءِ سرڪار تي پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملي  جو ڪيس به داخل ڪرايو ويو پر ان ڪيس  جو فيصلو اچي نه سگهيو آهي.
آئون هڪ ماهوار ميگزين ۾ به ڪم ڪندو آهيان، جتي هونئن ته اسان پنج کان وڌيڪ ماڻهو ڪم ڪندا آهيون پر ميگزين کي تيار ڪرڻ لاءِ اسان ٻه ڄڻا روز هوندا آهيون، جڏهن ميگزين جي آفيس کلي  هئي ته ان وقت آئون ۽ هڪ منهنجو دوست اتي نوڪري لاءِ ويو هو، جتي اسان کان ڪم بابت پڇيو ويو ته اوهان ڪهڙو ڪهڙو ڪم ڪندا آهيون، جيڪو ڪم اچي پيو، اسان ٻنهي انهن کي ٻڌايو پر منهنجي دوست چيو ته مون کي آءِ ٽي جو به ڪم ايندو آهي، نيٽ ورڪنگ به ڪندو آهي ۽ ڪمپيوٽر  رپئيرنگ جو ڪم به ايندو آهي، ان تي ميگزين جا مالڪ خوش ٿيا ۽ چيو ته اهو ته تمام ڀلو جو ان کي ايترو ڪم اچي ٿو، اسان جا پئسا بچي ويندا ۽ انهن فيصلو ڪيو ته ان کي وڌيڪ پئسا  ڏيندايسن ته هو اسان جا ٽيڪنيڪل مسئلا حل ڪري ڏيندو، ڪجهه  مهينن تائين  ڪمپيوٽر صحيح هليا ۽ برسات کانپوءِ اوچتو ڪمپيوٽرز  هلڻ ڇڏي ڏنو ۽ آن نه ٿيا، جنهن تي منهنجي دوست ڪمپيوٽر کي کوليو، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس، جڏهن ميگزين جي مالڪن پڇيو ته سسٽم ۾ ڪهڙو مسئلو آهي، هن جواب ڏنو ته  ڪمپيوٽر جو مڌر بورڊ خراب ٿي پيو آهي، اهو صدر مان وٺي اچڻو پوندو، جڏهن اهو مڌر بورڊ گهرايو ويو ته به ڪمپيوٽر نه هليو ۽  پوءِ وري هن چيو ته ريم به خراب اٿس، ان کانپوءِ ريم گهرائي وئي ته جيئن سسٽم آن ٿي سگهي پر سسٽم  ته به نه هليو، وري هن سوچيو ڀلا ڇو نه هارڊ ڊسڪ تبديل ڪري ڏسان، پر هارڊ ڊسڪ تبديل ڪرڻ باوجود ڪمپيوٽر هلڻ جو نالو ئي نه وٺي، ڪافي خرچو به ٿي چڪو  هو ۽ ايتري رقم ۾ هڪ ٻيو ڪمپيوٽر به اچي سگهي پيو پر منهنجي دوست همت نه هاري، سسٽم هلي وري بند ٿي وڃي پيو، آخر  ۾ هو پريشان ٿي ويو يار اڄ ته مالڪ   مون تي تمام گهڻو ڪاوڙجي ويندا، جڏهن هن مون  کان مشور ڪيو ته مون کيس چيو ته ان کي ڪنهن دڪان تي کڻي وڃ، اتانهن ٺهرائي اچ، مالڪن کي ڪهڙي خبر پوندي ۽ هن دير ئي نه ڪئي، ڪمپيوٽر دڪان تي کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو، مون کي هن چيو ته تون به مون سان گڏ هل ته جيئن هن ڪمپيوٽر  کي موٽرسائيڪل تي کڻائڻ ۾ مدد ڪري سگهي، مان هن سان گڏ ويس، جڏهن دڪان تي پهتس ته هن   پي سي ۾ پنهنجي پاور سپلاءِ  جي تار نئين لڳائي ته ڪمپيوٽر هلي پيو ۽  ڪمپيوٽر ريپئرنگ واري چيو ته ڪمپيوٽر ته صحيح آهي، ڪهڙي خرابي اٿس، منهنجو دوست پريشان ٿي ويو ۽ چيائين پوءِ هلي ڇو نه پيو؟ هن چيو ته متان اوهان جي پاور سپلاءِ خراب هجي؟ جڏهن  اسان تار نئين خريد ڪري ڪمپيوٽر کي آفيس ۾ اچي هلايو ته اهو آن ٿي ويو ۽ سندس پريشاني ختم ٿي وئي، اهو سلسلو اتي نه روڪيو، جڏهن هڪ ڪمپيوٽر کي هو ٺاهڻ ۾ تيار ٿي ويو ته ٻيو سسٽم هينگ ٿي ويو، هن  سوچيو ته متان ونڊوز  ۾ “ Error  ارر اچي ويو هجي، هن ونڊوز ڪئي پر  اثر نه ٿيو، هن  وري ريم تبديل ڪري ڏٺي ته به سسٽم نه هليو، هن  مون کي ٻڌايو يار  آئون ته ڦاسي ويس، اجائي مون چيو ته مون کي سڀ ڪم ايندو آهي، هاڻ ڇا ڪيا؟ مون  هن کي چيو ته يار مسئلو ننڍڙو آهي، وري ڪمپيوٽر ريپئرنگ واري ڏي کڻي وڃ،  ڪهڙو روز روز خراب ٿيندا، ٻه ٽي سئو ڏئي مسئلو حل ڪرائي اچي. پر هن ڀيري وري پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪيا پر ناڪام ويو، جڏهن ٻيهر اسان ساڳئي ڪمپيوٽر رپئرنگ واري وٽ پهتاسين ته هن چيس ته يار ونڊوز جو مسئلو آهي، 2 سئو لڳندا، هن چيو ته يار نه ونڊوز جو مسئلو نه آهي، مون کي ونڊوز ڪرڻ ايندي آهي، مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، ونڊوز ٿئي نه ٿي، لڳي ٿو ته هارڊ ڊسڪ خراب اٿس، هن کلي چيو  ته بائوز سيٽنگ ڪئي اٿيس، هن چيو ته بائيوز سيٽنگ جي ڪڏهن ضرورت پوندي ئي آهي نه مان ته ايئن ونڊوز ڪندو آهيان.بهرحال ڳالهه کي اتي ئي ختم ڪريون ٿا، ڪمپيوٽر رپيئرنگ ڪندڙ بائوز سيٽنگ ڪري ڪمپيوٽر  کي آن ڪري ڏنو ۽ اسان جو مسئلو حل ٿي ويو ۽ هن آفيس اچي ميگزين مالڪن کي سڌو چيو ته سر مون کي رڳو ونڊوز ڪرڻ ايندي آهي، ٻيو ڪم نه ايندو آهي. ان قصي کي ٻڌائڻ جو مقصد ته اسان جي ملڪ تي به اڄ اهڙو وزيراعظم مڙهيل آهي، جنهن کي ملڪ هلائڻ نه ٿو اچي  پر اهو نوان نوان تجربا ڪري ملڪ جي خزاني کي خالي ڪري رهيو آهي، ڪمپنيون بند ٿي رهيون آهن، انساني حياتيون بچائيندڙ دعوائون غريب ماڻهن جي پهچ کان ڏور ٿي ويون آهن ۽ اسان جي ملڪ جو وزيراعظم مٿي جو سور آهي ته پيٽ جي سور جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪڏهن پيٽ ۾ سور آهي ته ڄنگهه جو علاج ڪري ٿو، هوڪرڪيٽ ته سٺي نموني کيڏي سگهي ٿو پر ملڪ هلائڻ سندس وس کان ٻاهر آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته واپاري وزيراعظم عمران خان وٽ دانهن کڻي وڃن ها آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وٽ حاضري ڏيڻ نه وڃن ها ۽ اتي وڃي دانهون نه ڪن ها.  
ملڪ جي  اٻوجهه عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاريندڙ پي ٽي آءِ سرڪار  ايندي ئي دعويٰ ڪئي هئي ته  غريبن کي نوڪريون ڏنيون وينديون پر افسوس ماڻهن کي نوڪريون ته نه مليون پر لکن جي تعداد  ۾ ماڻهو بي روزگار  ضرور ٿيا آهن،  غريبن کي اها خاطري ڪرائي وئي هئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ايندي ئي انهن کي رهڻ لاءِ گهر ڏنا ويندا پر انهن غريبن کي گهر ته نه مليا پر  جن غريبن وٽ پنهنجا گهر هئا، انهن جا اجها ڊاهي انهن کي بي گهر ڪيو ويو. حڪومت چيو ته هو حددخليون برداشت نه ڪندا، جنهن سبب گهر ڊاهيا پيا وڃن ۽ اهو به چيو ويو ته اهي گهر غيرقانوني طور  ٺاهيا ويا آهن، جڏهن غِرقانوني گهرن جي اڏاوتن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هليو ته سڀ کان پهرين تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي  اسلام  آباد ۾ بني گالا واري گهر جو به ذڪر ٿيو ۽ سپريم ڪورٽ حڪومت ڏنو ته بني گالا   واري  محل کي قانوني بڻائڻ لاءِ هٿ پير هڻي، جڏهن هڪ وڪيل چيو ته جيڪي غريب ماڻهو رهن ٿا، انهن کي به اهو حق ڏنو وڃي  ته جيئن به اهي پنهنجا گهر رجسٽرڊ ڪرائي سگهن، پر افسوس جو غريبن  لاءِ ڪجهه به نه ٿيو؟ ايئن  ئي سنڌ ۾ به وفاقي حڪومت جي حڪم تي گهر ڊاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، پيپلزپارٽي جي وزير سعيد غني حڪم کي ٿڏندي چيو ته آئون استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس پر غريبن جي گهرن کي نه ڊاهيندس، ڪاش اهو بيان وزيراعظم ڏئي ها ته بهتر هجي ها پر افسوس جو هڪ صوبائي وزير کي غريب عوام جو درد محسوس ٿيوپر اسان جي اعليٰ ادارن ۽ وزيراعظم کي نه ٿيو؟ اهو سلسلو اتي ئي نه ٿو رڪجي ملڪ جي جي ڊي پي گهٽجي وئي، ٽيڪس وڌي ويو، ڪيتريون ئي فيڪٽريون بند ٿي ويون، زراعت تباهه ٿي وئي، پر حڪومت ڪجهه به نه ڪيو، جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ ماڪڙ حملو ڪري ته چيو وڃي ٿو غيبي مدد آهي، جڏهن پنهنجي ئي ملڪ ۾ ماڪڙ حملو ڪري ٿي ته حڪومت وٽ ان کي مارڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه آهي، وفاقي حڪومت کي ان ڳالهه جي ڳڻتي ئي نه آهي ته آخر آبادگارن کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي، هن ڀيري فصل نه هئڻ برابر لٿو آهي، مٿان وري صوبائي حڪومت جي نااهلي سبب واپاري آبادگارن کان گهٽ اگهه ۾ فصل خريد ڪري رهيا آهن. ڀاڻ ۽ جيت مار دعوائون مهانگيون ٿيون آهن پر حڪومت ان تي ڌيان ڏيڻ بدران سياستدانن کي گرفتار ڪري مال ميڙڻ ۾ رڌل نظر اچي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ لياقت قائم خاني جي گهر مان اربين روپيا هٿ ڪيا ويا، اها رقم قومي خزاني ۾ شامل ڪئي وئي يا نه ؟ اڃا تائين ڪا به خبر نه آهي، جيڪڏهن ڪا رقم هٿ ڪئي وڃي ٿي ته ان کي قومي خزاني ۾ شامل ڪرڻ باوجود قومي خزانو ڇو خالي آهي؟ ان جو جواب به ڏيڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي.  
بهرحال هن وقت ڪراچي جا واپاري دانهون ڪري رهيا آهن ته  حڪومت ۾ شامل تنظيم کانئن ڀتو وٺي رهي آهي، اهو واپاري انهن جا نالا به وٺي رهيو آهي پر افسوس جو اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا راهه ويندڙن کي روڪي بنا جواز تشدد ته ڪري سگهن پر انهن وڏن ڀتاخورن کي گرفتار ڪرڻ جي همت نه ٿا رڪن، جيڪڏهن واپارين کي حڪومت تحفظ به نه فراهم ڪري سگهي ته پوءِ سيڙپڪاري ڪيئن وڌندي، جڏهن حڪومت ۾ ويٺل ئي واپارين کان ڀتو وٺن ته پوءِ دهشتگردن تي ڪهڙي معيار ڏجي، ڇا ان ملڪ جي ادارن مان انصاف جي اميد رکي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ کي گهرجي ها ته جڏهن واپارين پريس ڪانفرنس ڪري ڀتو وٺندڙن  جا نالا کنيا آهن ته انهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ها ته واپارين جو اعتماد هن ملڪ جي قانون تي وڌي وڃي ها، اڃا به وقت نه ويو آهي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ئي ان سجيده معاملي تي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسان ته رڳو اها ئي گذارش ڪري سگهون ٿا، ٻي صورت ۾ واپاري  ۽ سيڙپڪار هن ملڪ ۾ پنهنجو ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ بدران دبئي ۽ ملائيشيا، بنگلاديش ۽ ڀارت ۾ ڪندا ۽ اهو ٿي به رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته روز اسان کي  اهي خبرون ٻڌڻ ۾ ملي رهيون آهن ته  ڪمپنيون بند ٿي رهيون آهن ۽ بنگلاديش ۾ ڪمپنيون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هڪ ڪمپني بند ٿيڻ سان  هزارين ماڻهو بيروزگار ٿين ٿا ۽ هزارين ماڻهو بيروزگار سان ڪيترائي ڪٽنب پريشان ٿي وڃن ٿا. اسان هن ملڪ کي هلائيندڙن کي رڳو هڪ ئي گذارش ڪري سگهون ٿا فوري طور ڪمپنين کي بند ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ ٽيڪس گهٽائي عوام کي جيئڻ  جو حق ڏنو وڃي.

No comments:

Post a Comment