Pages

Saturday 26 October 2019

سنڌاسيمبلي، ڌارين جي آبادڪاري خلاف بل پيش ڇو نه ٿيو؟

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سلسلو جاري آهي، نوان  نوان منصوبا به تيار ٿي رهيا آهن، جن مان ڪجهه کي ته  سياسي سخصيتن جا نالا ڏئي سنڌ جي عوام کي خاموش ڪيو ويو آهي پر اهو سلسلو رڪجڻ  جو نالو نه ٿو وٺي ملڪ ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي آبادي تمام گهٽ هئي ۽ اهو واحد شهر هو، جنهن ڪو  ملڪ جي ٻين شهرن کان ترقي يافته هو ۽ هن شهر خوبصورت عمارتون  به هيون، جن مان اڄ به ڪجهه قائم آهن پر حڪومتي بي ڌياني سبب اهي قديم عمارتون تباهه ٿي رهيون آهن، انهن جي جاءِ تي وڏا وڏا پلازه  ٺهي رهيا آهن، هاڻي ڪراچي ۾ ڪجهه قديم عمارتون اڃا به موجود آهن، جتي ماڻهو رهن ٿا پر جيڪڏهن اهي ئي عمارتون  ملڪ جي ٻين شهرن ۾ هجن ها ته اتي ماڻهو نه رهن پر انهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو اچن ها، جيئن پنجاب ۾ تاريخي عمارتن کي محفوظ ڪيو ويو آهي پر هتي ته حيدرآباد جي قديمي قلعي ۾ به  ماڻهو   آباد آهن ۽ قلعي کي بچائڻ لاءِ صوبائي توڙي وفاقي سرڪار ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت پڪي قلعي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اتي آباد ماڻهن کي متبادل جڳهه ڏئي محفوظ ڪري ها ته اهو قلعي بچي سگهي ٿو پر  حڪمران رڳو ڪتا خصي ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن ۽  سنڌ جا قديمي ماڳ تباهه ٿي رهيا آهن، ايتري قدر جو سنڌ جي آبادي به ملڪ جي ڀيٽ ۾ تيزي سان وڌي رهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو آمريڪا جي جنگ وڙهڻ دوران افغانستان مان آيل افغاني مهاجرن کي به سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ۽ اڄ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر وڏي انگ ۾ افغاني مهاجر رهن ٿا، جن کي واپس پنهنجي وطن موڪلڻ لاءِ حڪومت ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، هن وقت سنڌ اندر رڳو افغاني مهاجر نه آهن پر ، برمي، بنگالي، بهاري ۽ ٻيون کوڙ ساريون قومون سنڌ ۾ آباد آهن، جنهن سبب سنڌ جي وسيلن تي سندن قبضو به ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ خلاف اهي ماڻهو شازش به ڪري رهيا آهن پر افسوس سنڌ جي عوام جن سياستدانن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو، اهي اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ سان رڳو بيان بازي کان ڪم وٺي رهيا آهن، جيڪڏهن اهي ماڻهو کين گاريون ڏين ته انهن سياستدانن کي غيرت اچي ويندي پر افسوس جو سنڌ خلاف ڳالهائيندڙن کي ڪو به اثرائتو جواب نه ڏئي رهيا آهن.
بهرحال سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ويٺل سنڌ جي چونڊيل نمائندن ڪڏهن به سنڌ ۾ آباد ڪيل ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ لاءِ ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي، جڏهن سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه هو، هن افغاني مهاجرن کي آباد ڪرڻ واري عمل تي چيو هو ته جيڪڏهن اسان افغان مهاجرن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيون ٿا ته مٿان حڪم ٿئي ٿو ته انهن کي نه روڪيو، انهيءَ بيان مان اهو صاف ظاهر ٿي وڃي ٿو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سلسلو هڪ سازش تحت ئي ٿي رهيو آهي، جيئن سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو وڃي ۽ ڪافي حد تائين سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو ئي قبضو آهي، سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ به ڌارين جي لوڌ ڀرتي ٿيل آهي ۽ سنڌ جا نوجوان يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪرڻ باوجود در بدر ڀٽڪي رهيا آهن پر انهن جي ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، پرائيوٽ سيڪٽر جو به اهو حال آهي، جتي ڌاريا ڀرتي ٿيل آهن، رهي ڳالهه انهن علائقن جي جتان تيل، گئس ۽ پيٽرول نڪري رهيو آهي، اتي به نالي ماتر هڪ ٻن سنڌين کي نوڪريون ڏئي سنڌ جي عوام کي خاموش ڪرايو ويو آهي، مطلب ته هر هنڌ ناانصافي ٿي رهي آهي، افغاني به پاڪستان خاص طور سنڌ ۾  سولائي سان ملڪيت خريد ڪري سگهن ٿا ۽ بدمعاشي به ڪري سگهن ٿا، هن وقت به ڪراچي ۾ جيڪي اڪثر اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، انهن جا پيرا به افغانين ڏانهن ويا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شاگردياڻي کي ڦر دوران قتل ڪيو ويو، جيڪو پڻ اسٽريٽ ڪرائيم جو وڏو واقعو هو. هن وقت سنڌ جي زمين تي قبضو ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون سوسائيٽيون ٺاهڻيون آهن، هڪ وڏو پروجيڪٽ جڏهن ڪراچي ۾ شروع ٿيو ته ان بلڊر کي سستي اگهه ۾ زمين وڪرو ڪئي وئي پر جڏهن اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ويو ته ان بلڊر کان پئسا ورتا ويا ۽ اها رقم سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي ۽ سنڌ حڪومت خاموش رهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي حڪمرانن ئي اها زمين سستي اگهه ۾ وڪرو ڪئي هئي.
بهرحال سنڌ ۾ افغاني، برمي، بنگالي، بيهاري ۽ ٻِي ڌاري لوڌ آباد آهي ۽ انهن کي هن ملڪ جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڏنا ويا آهن، جيڪڏهن اهو اختيار صوبن وٽ هجي ها ته شايد ڪنهن کي ايتري همت نه ٿئي ها ته سنڌ ۾  رهندڙ پرڏيهين کي ڪو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ملي ها. هن وقت ڪيترائي افغاني آهن، جيڪي هتي آباد آهن، جيئن ته انهن جي ٻولي سرحد وارن واري آهي، تنهن جي ڪري انهن کي سڃاڻڻ  ايترو سولو به نه آهي پر هو پاڻ ئي انهيءَ جو اعتراف ڪندا رهندا آهن ته هو افغاني آهن پر ان باوجود  انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ملڻ به  اسان جي ادارن تي  سوال اٿاري ڇڏيا آهن. جيڪڏهن اسان جاچونڊيل نمائندا ٿوري به همت ڪن ها  ته انهن کي ڪارڊ ٺهي نه ملي سگهي پر جيئن ته سياستدان پنهنجو ووٽ بيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ به ڌارين کي ڪارڊ ٺهرائي ڏيندا آهن،  جيئن پيپلزپارٽي جي  هڪ اڳواڻ چيو هو ته هو   ڌارين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيندا، ڀلي ڪنهن کي اها ڳالهه پسند اچي يا نه ؟ هاڻ جڏهن اهڙا سياستدانن سنڌ جا هوندا ته پوءِ   سنڌ جو عوام ڪيئن سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جي آبادي کي روڪي سگهندا، اسان پاڻ ئي اهڙن ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻي رهيا آهيون، جيڪي  سنڌ جي وحدت خلاف فيصلا ڪري رهيا آهن،  جيڪڏهن انهن کي انسانيت ڏيکارڻي آهي ته سعودي ۾ وڃي ڏيکارين ته کين خبر پئجي ويندي ته هڪ پرڏيهي کي رهائيندڙ سان به ڪهڙو حشر ٿيندو آهي؟ پر هتي ته انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو ئي مثال آهي.
هونئن ته سنڌ اسيمبلي ۾ روز نوان نوان بل ۽ رٿون پيش ڪيون وينديون آهن ۽ انهن کي  اتفاق راءِ سان منظور به ڪيو ويندو آهي پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به  چونڊيل نمائندي ڌارين جي آبادي کي روڪڻ ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ  ٺاهي ڏيڻ واري عمل خلاف مذمتي ٺهراءُ يا بل پيش نه ڪيو آهي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن، اهي وڌيڪ ٻڌائي سگهن ٿا پر  اڃا به وقت نه ويو آهي، هن وقت به جيڪڏهن عوامي چونڊيل نمائندا چاهين ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ، پرڏيهين کي واپس پنهنجي وطن موڪلڻ، افغانين کي ملڪيتون خريد ڪرڻ کان ورڪڻ، غير سنڌين کي صوبائي سرڪاري ادارن ۾ ڀرتي نه ڪرڻ، تعليمي ادارن ۾ پهرين سنڌين کي ترجيح ڏيڻ، نوڪرين تي پهرين سنڌين جو حق، ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي نه ڏيڻ بابت بل پيش ڪري سگهن ٿا ۽ ان کي  اتفاق راءِ سان منظور به ڪرائي سگهن، جيڪڏهن ان تي  ڪو  احتجاج ڪري ته پوءِ  به هڪ ڳالهه واضح ٿي ويندي ته آخر سنڌ دشمن ڪير آهن، جيڪي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ رڌل آهن، جيڪڏهن اهڙي بل تي ايوان ۾ ويٺل ڪو سنڌي چونڊيل نمائندو به احتجاج ڪري ته اهو به سنڌ دشمن قوتن سان مليل هوندو. جنهن جو ڪم سنڌ سان دشمني ڪرڻ ئي هوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن وقت به اهو بل پيش نه ٿيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري وڌي ويندي ۽ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا .

No comments:

Post a Comment