Pages

Wednesday, 16 September 2020

سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ ڌارين جي ڀرتي

 

صاحب خان ڀٽي

1947ع اهو ڏينهن جڏهن هي ملڪ چئن صوبن جي حمايت کان پوءِ دنيا جي نقشي تي آيو، سنڌي قوم وڏي  خوشي جو اظهار ڪيو ته وڏيرا شاهي مان جند آجي ٿي ويندي پر کين اها خبر نه هئي ته وڏيرا ئي پارٽين ۾ شامل ٿي انهن جو احتصال ڪندا، سنڌين کي اها به خبر نه هئي ته مهاجرن جو سمورو وزن رڳو سنڌ کي ئي برداشت ڪرڻو پوندو، ان وقت هجرت رڳو سنڌ مان نه ٿي هئي پر پنجاب مان سکن به لڏپلاڻ ڪئي هئي پر بدقسمتي سان مهاجرن کي پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ آباد ڪرڻ بدران رڳو سنڌ ۾ ئي آباد ڪيو ويو، اها هڪ سازش هئي يا نه؟ ان جا نتيجا اڄ سامهون اچي رهيا آهن پر ان باوجود سنڌي قوم 1947ع ڀارت مان لڏ پلاڻ ڪري آيلن کي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏني ۽ انهن کي سنڌ  جو حصو سمجهيو پر سنڌ جي دشمنن کي اها ڳالهه هضم نه ٿي ۽ هڪ سازش تحت اڳوڻي آمر پرويز مشرف افغانين جي لوڌ سنڌ ۾ آباد ڪئي جنهن کان پوءِ سوات ۾ هٿرادو آپريشن جو جواز ڄاڻي سوات جا ماڻهو سنڌ جي وڏي شهر ۾ آباد ڪيا ويا، جڏهن اهڙو ڪم ڀارت ڪشمير ۾ ڪيو هو ته نام نهاد ماڻهو چئي رهيا هئا ته اها والاريل ڪشمير جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن والاري ڪشمير ۾ ڀارتين کي ڊوميسائيل ڏيڻ وارو مامرو کڙوٿيو ته ان وقت به نام نهاد ماڻهن دانهون ڪيون ۽ چيو ته اها ڪشميرين سان وڏي زيادتي آهي، جڏهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪشمير بابت تڪراري بل پيش ڪيو ته ان وقت به وڏيون رڙيون ڪيون ويون ۽ چيو ويو ته اها ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، ميڊيا ان معاملي تي رڻ ٻاري ڏنو پر انهن کان اهو ڪو پڇڻ وارو  نه آهي ته ڇا سنڌ عالمي يتيم خانو آهي جو اسان جا سيڪيورٽي ادارا سرحدن کان افغانين کي اچڻ جي اجازت ڏئي ڪراچي ۾ آباد ڪري رهيا آهن، ڇا اها سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙو نه آهي، ان جڏهن اڳوڻي آمر پرويز مشرف افغانين کي هڪ سازش تحت ڪئمپن ۾ ترسائڻ بدران شهرن ۾ آباد ڪيو ته ان وقت سنڌي قوم وڏو احتجاج ڪيو پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ نه چري، بينظير جي شهادت کانپوءِ جڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار مليو ان وقت به سنڌي قوم مطالبو ڪيو ته افغان مهاجرن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي پر اسان جي قومي ادارن  افغانين کي موڪلڻ بدران انهن احتجاج ڪندڙن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جن جا وارث اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن وري لاڙڪاڻي ۾ پيارن جون تصويرون کڻي سندن آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن،  جيڪڏهن ڪشميرين سان اهو ظلم ٿيو آهي ته پوءِ سنڌي قوم سان ته ان کان وڌيڪ ظلم ٿيو آهي سنڌ ۾ افغاني، بنگالي، برمي، بيهاري، ايراني وڏيون ملڪيون خريد ڪري چڪا آهن، ايتري قدر جو جن سرڪاري نوڪرين تي سنڌين جو حق هو، انهن تي افغانين، بنگالين، بيهارين، پنجابين، پٺاڻن ۽ ٻين ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، سنڌي قوم جا نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي بي روزگار گهمي رهيا آهن ۽ڌاريا سنڌ جي سيڪيورٽي ادارن ۾ ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي سنڌين کي ڪڏهن ڏوهاري قرار ڏئي روڊن تي شهيد ڪري رهيا آهن ته ڪڏهن وري کين بي گناهه  گرفتار ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت اقتدار جو مزو وٺڻ ۾ پوري  آهي، کانئن ڪو به اهو پڇڻ وارو نه آهي ته آخر ڌاريا سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڪيئن ڀرتي ٿيا، پٺاڻ، پنجابي ۽ ٻين ڌارين ڪيئن سرڪاري نوڪريون حاصل ڪيون؟ ڇا اهي نوڪريون هڪ سازش تحت انهن کي ڏنيون يا وري پيپلزپارٽي جي وزيرن پئسن جي لالچ ۾ وڪرو ڪيون آهن، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن آهي ۽ اها ڪرپشن رڳو سنڌ جي حڪمران جماعت نه پر  هر جماعت ۾ ٿي رهي آهي، موجوده دور ۾ ته اڃا وڌيڪ ٿي رهي آهي، اسان جو اهو حق آهي ته پيپلزپارٽي کان سوا ڪيون ته سنڌ پوليس ۾ پٺاڻ، پنجابي، بنگالي ۽ بيهاري ڪيئن ڀرتي ٿيا آهن، آخر ڇو سنڌ جي نوجوانن کي ڀرتي نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن هي ملڪ ٺهيو ته ان وقت ڪجهه ماڻهو ئي تعليم يافته هئا ان وقت جاهلن کي به سيڪيورٽي ادارن ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو پر سنڌي قوم جا نوجوان ته يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪري ويٺا آهن، انهن کي نوڪريون ڇو نه ٿيون ڏنيون وڃن، آخر  سنڌ جي حڪمران جماعت سنڌي قوم سان اهو ظلم ڪيستائين جاري رکندي، اسان اهو نه ٿا چئون ته 1947ع ۾ آيل اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي نوڪريون نه ڏيون اسان رڳو ايترو چئون ٿا ته انهن جو به سنڌ جي سرڪاري نوڪرين جو حق آهي پر پنجابي، پٺاڻ، بنگالي ۽ بيهارين کي نوڪريون ڏيڻ ڪٿان جو  قانون آهي، خيبرپختونخواهه جا ماڻهو هجن يا وري افغانستان جا، انهن  ٻنهي ۾ ڪو به فرق نه آهي، خبر ئي نه ٿي پئي ته انهن کي ڪهڙي حساب سان نوڪريون ڏنيون ويون آهن، وفاقي ادارن ۾ ته سنڌي نه هئڻ برابر آهن پر هاڻ ته ظلم اهو آهي ته سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ به سنڌين  بدران ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، آخر  ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ وارو سلسلو ڪڏهن بند ٿيندو؟

ا73 سال گذري وڃن باوجود  سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جاري آهي ۽ سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، تازو ئي ڊوميسائيل وارو مامرو اٿيو ته سنڌ جي حڪمران جماعت ان کي دٻائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڌارين کي ڊوميسائيل ٺهرائي ڏيڻ وارا پنهنجا هئا، باقي رهي ڳالهه ڪراچي جي ته هي اهو نڌڻڪو شهر بڻجي ويو آهي، جنهن کي هڪ سازش تحت عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي ۽ زمينن تي هر هڪ ادارو وس آهر قبضو ڪري وڪرو ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ اهڙو ڪو به مقدس ادارو نه رهيو آهي، جن جي ماڻهن ڪراچي جي زمين وڪرو نه ڪئي هجي، انهن جا نالا به کڻڻ ايئن جيئن پاڻ کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ آهي، بهرحال هن وقت سنڌي قوم جي نوجوانن کي نوڪرين مان نظر انداز ڪرڻ جو وڏو ڪارڻ  موجوده حڪومت آهي، آخر ڇو سنڌ پوليس سميت ٻين سنڌي سرڪاري ادارن ۾ ڌرتي ڌڻين کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، اقتدار هميشه ناهي رهندو، پيپلزپارٽي  جي وزيرن کي گهرجي ته فوري طور ڌارين کي سنڌ جي سرڪاري نوڪرين مان نيڪالي ڏئي سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن  سندن احساس محرومي ختم ٿي سگهي، جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته سنڌي قوم جا  بيروزگار  نوجوان  سنڌ جي حڪمران جماعت جا گيهراءُ ڪندا، ڇاڪاڻ ته هاڻ 1971ع يا وري 2007ع  نه آهي جو انهن جي کوکلن نعرن تي سنڌي قوم جا نوجوان خاموش ٿي رهندا، اڄ جو دور سوشل ميڊيا جو  دورو آهي، جنهن کان مقدس ادارن جي به پت وائکي ٿي وئي آهي ته پوءِ  سنڌ جا حڪمران ڪيئن بچي سگهندا، سنڌي قوم زمينن جي والار تي خاموش آهي پر ان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌي نوجوانن جو ئي حق آهي، جيڪڏهن سنڌ جي حڪمرانن وٽ  افغانين، بنگالين، بيهارين، برمين ۽ايرانين کي ڪڍڻ جي صلاحيت نه آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري انهن کان ووٽ ڏيڻ جو حق کسيو وڃي ۽ انهن جا ڊوميسائل رد ڪري انهن جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن ته جيئن اهي پاڻ ئي پنهنجي ملڪ ۾ ڀڄي وڃن ۽ سنڌي قوم جا حق غضب ٿيڻ کان بچي سگهن.

No comments:

Post a Comment