Pages

Friday 2 April 2021

انڌي ٻلهڻ جي نسل کي خطرو ۽ لاپتا وائيلڊ لائيف کاتو

صاحب خان ڀٽي

پاڻي جنهن کي زندگي ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن جي انسان توڙي جانور ۽ آبي جيوت جي ضرورت آهي ۽ پاڻي کانسواءِ ڪو به جيئرو نه  ٿو رهي سگهي، سمند هجي يا دريا انهن ۾ آبي جيوت رهي ٿي، سنڌ درياءَ جي سڃاڻپ به آبي جيوت جي ڪري ئي آهي، ڇاڪاڻ ته انڊس ڊولفن جو ناياب نسل رڳو سنڌو درياهه  ۾ ئي آهي، جنهن کي اسين انڌي ٻلهڻ چوندا  اهيو، اها به مڇي جو هڪ نسل آهي، هونئن ته ڊولفن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندي آهي، خاص طور بنگلاديش، ڀارت، ڀارت ۾ وڏي تعداد ۾ آهي پر سنڌ ۾ ملندڙ ڊولفن جو نسل ناياب آهي، جنهن کي مئمل به چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ انڌي ٻلهڻ پنهنجن ٻچن کي کير پياريندي آهي، انڊس ڊولفن سڄي دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ آهي پر وڌندڙ درياهن ۾ گدلاڻ ۽پاڻي جي کوٽ جي ڪري انهيءَ ناياب نسل جي وجود کي تمام گهڻو خطرو ٿي ويو آهي. هونئن ته  ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊولفن آهن پر سنڌ ۾ ملندڙ ڊولفن جو نسل ان ڪري ناياب آهي جو هي جانور انڌو آهي، پر ان جي خاصيت اها آهي ته انڌي ٻلهڻ هميشه مٺي پاڻي ۾ رهندي آهي. انڌي هجڻ باوجود قدرت کيس ايڏي ته صلاحيت ڏني آهي جو هو پنهنجي شڪار کي ڳولهي وٺندي آهي، پر جيئن جيئن سنڌو درياهه ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ جو سلسلو وڌي رهيو آهي، تيئن تيئن هن ناياب نسل جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. وائيلڊ لائيف کاتي پاران گڊو بئراج کان سکر بئراج جي 190 ڪلوميٽرن تائين انڌي ٻلهڻ جي سروي به ڪئي وئي آهي پر ڇا رڳو سروي ڪرڻ ڪافي رهندو، هن وقت انڌي ٻلهڻ جي ناياب نسل کي بچائڻ لاءِ تمام گهڻي ضرورت آهي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن سنڌ سرڪار ڪو اثرائتو قدم کڻي.

هن وقت سنڌو درياهه جو پيٽ پاڻي نه هجڻ جي ڪري خالي نظر اچي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ انسانن سان گڏ آبي جيوت کي به خطرو آهي، سنڌو درياهه جو پلو به مشهور آهي، ان جو به نسل خطري ۾ آهي، ملڪ ٺهڻ کي 73سال گذري ويا آهن پر  وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت انڊس ڊولفن جي نسل کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، ايڏو عرصو گذري وڃڻ باوجود ڪو تلاءُ به ناهي ٺاهيو ويو، جنهن سان هن ناياب نسل کي بچائي سگهجي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار چاهي ها ته هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل انڊس ڊولفن جي پالنا لاءِ ڪو فارم ٺاهي سگهي پئي، سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڏو تلاءُ ٺاهي انڌي ٻلهڻ جي ناياب نسل کي بچائي سگهجي پيو پر حڪومت ته سنڌي قوم جي وجود کي بچائڻ جي ڪا پرواهه نه آهي، اها حڪومت آخر سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل انڊس ڊولفن کي بچائڻ لاءِ ڪيئن قدم کڻندي.

حڪومت پاران عوام کي ڄاڻ نه ڏيڻ جي ڪري ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي اها به خبر نه آهي ته سنڌ ۾ ڪا انڊس ڊولفن نالي ڪنهن ميمل مڇي جو وجود آهي، جڏهن کان وفاق پاران سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، تنهن ڏينهن  کي انڌي ٻلهڻ پاڻي جي  ڳولها ۾ شاخن ۽ واهن ڏانهن رخ ڪيو آهي، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اٻوجهه ماڻهو ڄاڻ نه هجڻ جي ڪري انهيءَ مڇي کي ڪو خطرناڪ جانور  سمجهي ماري رهيا آهن ۽ انهن جي وڊيو به ٺاهي رهيا آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻيون وائرل به ٿي رهيون آهن پر ان  باوجود وائليڊ لائيف کاتي توڙي سنڌ سرڪار عوام ۾ انڊس ڊولفن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا نه ئي ڏينهون ڏينهن  وڌندڙ پاڻي بحران جي حوالي سان  وفاق آڏو پنهنجو موقف چٽو رکيو آهي، گذريل عرصي کان حڪومت ۾ ويٺل پارٽي هيل تائين انڊس ڊولفن جي پالنا لاءِ ڪو به منصوبو شروع نه ڪيو آهي، هن وقت ته رڳو سنڌ جو پاڻي گهٽائڻ جي ڪري جانور ۽ آبي جيوت مري رهي آهي، پر مستقبل ۾ سنڌ جو عوام به ايئن تڙپي مرندو، جيئن اڄ سنڌ جي سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ بڻيل انڊس ڊولفن مري رهي آهي. سنڌ جي ساڃاهه وندن کي انڊس ڊولفن  جي خطري ۾ پيل  وجود تي ڳڻتي ته آهي پر هيل تائين  ان ناياب نسل کي بچائڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا آهن. حڪومت وٽ وائيلڊ لائيف کاتي ۾ ڀرتي ڪيل ملازم لاءِ  ته بچت آهي پر انڌي ٻلهڻ جي نسل کي بچائڻ لاءِ پئسا نه آهن، رڳو هڪ مهيني جي وائيلڊ لائيف کاتي جي ملازمن ۽آفيسرن جي پگهارن سان انڊس ڊولفن جي وجود کي بچائي سگهجي ٿو ، ايتري پئسن مان هڪ تلاءُ به ٺهي ويندو ۽ انڌي ٻلهڻ جي ناياب نسل جو وجود به بچي ويندو، ايتري قدر جو حڪومت چاهي ته انهيءَ  تلاءُ کي عام ماڻهن لاءِ هڪ تفريح ماڳ به بڻائي سگهي ٿي، جتي دنيا کان ماڻهو انڌي ٻلهڻ کي ڏسڻ ايندا، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سنڌ سرڪار ٿورو سنڌ جي ناياب نسل انڌي ٻلهڻ تي ڏي، پاڻي وفاق ڏيندو يا نه ڏيندو، ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته وفاق طاقتور آهي، جنهن  آڏو سنڌ جا حڪمران بيوس بڻيل آهن، سنڌ جا حڪمران  رڙيون ڪري چئي رهيا آهن ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته هڪ وڏو صوبو ننڍن صوبن جو 1947ع کان حق کائي رهيو آهي، جنهن جو پيٽ 73 سال گذري وڃڻ باوجود ڀرجي ناهي سگهيو، هاڻ ان جون نظرون سنڌ جي زمينن تي آهي، ان اڳ جو دير ٿي وڃي حڪومت سرڪاري زمين تي تلاءُ ٺاهي انڌي ٻلهڻ جي نسل جي اتي پالنا ڪري ته جيئن سنڌ جو مستقبل کي انڊس ڊولفن جيئري ڏسڻ لاءِ ملي، ايئن نه ٿئي جو، جيئن اڄ اسان موهن جي دڙي  بابت رڳو ڪتابن ۾ پڙهندا آهيو، مستقبل ۾ ايندڙ نسل انڌي ٻلهڻ بابت رڳو ڪتابن ۾پڙهي، اڃا به وقت ناهي ويو، حڪومت پنهنجي وسيلن آهر  سنڌ جي سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ بڻيل انڊس ڊولفن جي وجود کي بچائي، ٻي صورت ۾ سنڌ جي حڪمرانن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ نسل کي سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل هن ناياب نسل انڌي ٻلهڻ ڏسڻ لاءِ ته ملي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي جيترو خرچ رڳو انڊس ڊولفن جي سروي تي ڪرايو ويندو آهي، ايتري  ۾ ته ماڻهو مڇي جا تلاءُ ٺاهي تمام گهڻو ناڻو ڪمائي وٺندا آهن پر  اسان جا حڪمران انڊس ٻلهڻ  جي سروي ڪرائڻ لاءِ ته ايترو خرچ ڪن ٿا پر انهي ءَ ناياب نسل کي بچائڻ لاءِ ڪو عملي قدم نه ٿا کڻن، رڳو اهو چوڻ ته پاڻي وفاق بند ڪيو آهي،جنهن سبب انڌي ٻلهڻ واهن ۽ شاخن ۾ وڃي رهي آهي، ان ۾ انڌي ٻلهڻ جو قصور نه آهي، ان ۾ قصور لاپتا ٿيل وائيڊ لائيف کاتي جو آهي، ڳوٺاڻن کي ته اها به خبر نه آهي انڊس ڊولفن ڇا آهي، جنهن جي ڪري اهي جڏهن به واهن ۽ شاخن ۾انڌي ٻلهڻ کي ڏسن ٿا، ان کي ماري وجهن ٿا،  جيڪڏهن هن وقت  وائيلڊ لائيف کاتي انهيءَ ناياب نسل انڌي ٻلهڻ جي وجود کي بچائڻ لاءِ  قدم نه کنيا ته اهي به ان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ هوندا.

No comments:

Post a Comment