Pages

Sunday 4 April 2021

بلاڪ جوڙڻ سان پي ڊي ايم متحد ٿيندي؟

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ تبديلي سرڪار جي خاتمي لاءِ مخالف ڌر جماعتن پاران هڪ اتحاد جوڙيو ويو،  جنهن ۾ ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن جي به شموليت هئي، ايئن کڻي چئجي ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي هن اتحاد جون مک جماعتون هيون، جنهن کانسواءِ هي اتحاد نه هئڻ برابر هو جڏهن پهريون جلسو گوجرانوالا شهر ۾ ٿيو، جنهن ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو هو ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي تقرير ڏيهه توڙي پرڏيهه ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو هو، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي به حيران ٿي وئي هئي، ڇو ته ميان محمد نواز شريف حساس ادارن جي سربراهن تي سوال اٿاريا هئا، جڏهن ڪرا چي ۾ جلسو ٿيوته ان وقت نوازشريف تقرير نه ڪئي، جنهن کانپوءِ اتحاد ۾ ڏار پوڻ جي شروعات ٿي، مخالف جماعتون چونديون رهيون ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي، پي ڊي ايم جون سموريون جماعتون متحد آهن پر ڪوئيٽا ۽ ملتان جلسي ۾ پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن جي شرڪت نه ڪرڻ جي ڪري حڪومت کي موقعو مليو ته سندن مخالفن ۾ به ويڇا وڌي ويا آهن، هاڻ اها ويڇا اپوزيشن ۾ ڇو پيدا ٿيا، ان جي ڪا خاص خبر نه پئي هاڻ جيڪا موجوده صورتحال آهي، ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته سينيٽ اليڪشن کانپوءِ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ۾ ويڇا پيدا ٿيا، جڏهن سينيٽ اليڪشن ٿي ته حڪومت جي يو آءِکي اپوزيشن ليڊر جي آڇ ڪئي پر جيئن ته اتحاد جو سربراهه جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان هو، تنهن ڪري ان اهڙي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ اڪثريت ۾ هجڻ باوجود پيپلزپارٽي جو اميدوار يوسف رضا گيلاني کي شڪست کائڻي پئي ۽ حڪومتي اميدوار ٻيهر ڪامياب ٿي ويو، هاڻ خبر ته نه پئي آخر ڇو اپوزيشن کي اڪثريت ۾ هجڻ باوجود شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، ان جو جواب ته اپوزيشن اڳواڻن وٽ ئي هوندو، پر سينيٽ اليڪشن مان هڪ ڳالهه ظاهر ٿي ته مسلم ليگ ن نه پئي چاهي ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين ٿئي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اڄ يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين هجي ها.

بهرحال سينيٽ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي شڪست ملي ۽ جيڪا آڇ جي يو آءِ کي ملي هئي، ان جو فائدو مسلم ليگ ن کي ملڻ بدران پيپلزپارٽي کي مليو، سينيٽ چيئرمين شپ ته  پ پ کي نه ملي پر پنهنجي اميدوار کي اپوزيشن ليڊر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ملڪ جي ٻنهي وڏين جماعتن ۾ تمام گهڻا ويڇا وڌي ويا، جيڪو پٽڪو جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي پارايو ويو، اهو پٽڪو اڃا به مولانا کي پهريل آهي پر هاڻ اپوزيشن اتحاد جي اها طاقت ناهي رهي، جيڪا اڳ هئي ۽ سينيٽ چونڊن کانپوءِ مولانا کي پريس ڪانفرنس به اڌ ۾ ڇڏي وڃڻو پئجي  ويو، مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز کيس روڪيندي رهي پر هن سندس ڪا ڳالهه نه ٻڌي، ڪجهه ڏينهن مريم نواز ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان بيماري جي گهر به گذاريو پر آخر ڪيترو اهي ٻئي گهر رهن ها، آخر انهن کي پنهنجي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻو ته هو، تنهن جي ڪري انهن کي ٻيهر ميڊيا تي اچڻو پيو، ظاهر طور اپوزيشن ليڊر جي آڇ جي يو آءِ کي پر جڏهن اها اپوزيشن ليڊر پ پ جو ٿيو ته ايئن لڳي رهو ته اها آڇ پيپلزپارٽي ئي قبول ڪئي آهي.

هن وقت ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ۾تمام گهڻا ويڇا آهن، جنهن جو پتو خيرپور ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس مان لڳي ٿو، جتي بلاول ڀٽو زرداري صاف لفظن ۾ چيو ته مسلم ليگ ن جي ڪجهه اڳواڻن کي يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي هضم نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن ڪاميابي جي ڳالهه ڪجي ته پي ڊي ايم ٺهڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري جي مقبوليت ۾ ڪو واڌاءُ ته نه آيو پر مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز هڪ ليڊر طور اڀري رهي هئي، سندس جلسن ۾ وڏي خلق نظر ايندي هئي، سنڌ هجي يا پنجاب، يا وري خيبرپختونخواهه عوام مريم نواز کي ٻڌڻ لاءِ پري پري کان ايندو هو پر جڏهن بلاول ڀٽو زرداري ٻين شهرن ۾ خطاب ڪندو هو ته ماڻهن جو  انگ گهٽ هوندو، پر ان باوجود جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز انهيءَ اتحاد کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر سينيٽ اليڪشن کان پوءِ جيڪو ڏار پي ڊي ايم ۾ پيو آهي، اهو هاڻ ڀرجي نه ٿو سگهي نه ئي مولانا جي اها وس جي ڳالهه آهي ته هو سمورين جماعتن کي گڏ کڻي هلي، عوام به  پي ڊي ايم مان مايوس ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت آهي، اها ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندي۽ رهي ڳالهه مسلم ليگ ن جي ته ان جا ميمبر گهٽ آهن، جيڪڏهن اهي استيعفيٰ ڏين به ته حڪومت تي ڪو به دٻاءُ نه پوندو، هاڻ جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم  کي متحد ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويو ته اها مزو نه رهندو، ڇاڪاڻ ته عوام به هاڻ انهن تي ڀروسو نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي سينيٽ الڪيشن ۾ پنهنجي اميدوار کي کٽرائي جيڪي پارٽين ۾ اختلاف پيدا ڪيا انهن کي ختم ڪرڻ ايترو سولو نه آهي ۽ مولانا به کانئن تمام گهڻو ناراض آهي، عوام جون جيڪي اميدون پي ڊي ايم هيون، اهي به انهن جي اتحاد ۾ ڏار پوڻ سبب ختم ٿي چڪيون آهن.  

جيتوڻيڪ هن وقت تائين مولانا فضل الرحمان کلي سامهون نه آيو آهي پر مسلم ليگ ن کلي عام پيپلزپارٽي تي ڳالهائي رهي آهي، نواز ليگ اڳواڻ به پيپلزپارٽي تي ڳالهائي رهيا آهن، جنهن جو سڌو سنئون فائدو حڪومت کي پئجي رهيو آهي، گيلاني جي ڪاميابي کانپوءِ حڪومت کي جنهن طاقتور اتحاد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو ۽ عالمي سطح تي به دٻاءُ  برداشت ڪرڻو پيو هو، ان دٻاءُ مان حڪومت کي ڇٽڪارو ملي ويو آهي ۽ نيب جون ڪارروايون ته  پي ڊي ايم جي اتحاد ٺهڻ کانپوءِ سست رفتاري جو شڪار ٿي ويون هيون، جن جي رفتار هن وقت به سست آهي، هاڻ شايد  نيب جي  رفتار ۾ ٿوري تيزي اچي ڇاڪاڻ ته پي ڊي ايم جي اتحاد کي ڏار پوڻ کانپوءِ انهن جي طاقت به ورهائجي ويئ آهي ۽ نواز ليگ خلاف ٻيهر ڪارروايون تيز ٿي سگهن ٿيون، جيئن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز بيمار آهن، ايئن پي ڊي ايم کي به  سينيٽ اليڪشن کانپوءِ وائرس لڳي ويو آهي، جنهن کي ختم  ڪري هڪ ڌار اتحاد جوڙيو وڃي ۽ ملڪ جي ننڍين ننڍين پارٽين کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهو اتحاد هڪ مضبوط اتحاد بڻجي سگهي ۽ اهو سڀ ڪجهه مولانا فضل الرحمان ئي ڪري سگهي، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ننڍين ننڍين جماعتن کي انهيءَ  اتحاد ۾ شامل ڪرڻ سان پ پ جي ڪمي کين محسوس نه ٿيندي ۽ اهو اتحاد پي ڊي ايم کان به طاقتور هوندو.   باقي رهي ڳالهه سينيٽ ۾ الڳ اپوزيشن بلاڪ جوڙڻ واري فيصلي جي ته ان مان رڳو پ پ تي دٻاءُ پوندو، حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيندو. ن ليگ جي سينيٽر اعظم نذير تارڙ  به الڳ بلاڪ  ٺاهڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ن ليگ، جي يو آءِ، بي اين پي، پختونخواه ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي جي سينٽرن پي ڊي ايم ۾ شامل 5 وڏين جماعتن سينيٽ ۾ الڳ اپوزيشن بلاڪ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بلوچستان عوامي پارٽي کان ووٽ وٺڻ جو معاملو پي ڊي ايم جي صدر کي اماڻيو ويندو جيڪو پ پ ۽ اي اين پي کان پڇا ڪري ته انهن پارٽين اصولن ۽ فيصلن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي؟جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي هجي يا ٻيون اتحادي جماعتون انهن سڀني کي موجوده حڪومت جي خاتمي کان وڌيڪ هڪٻئي جي  اڳتي وڌي وڃڻ جو خطرو هو، هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو ته متان مريم نواز اڳتي وڌي وڃي، ڪو سوچي رهيو ته متان بلاول ڀٽو زرداري وڏو ليڊر بڻجي وڃي، انهيءَ سوچ جي ڪري اڄ پي ڊي ايم ۾ زوال جو شڪار آهي، جيڪڏهن سموريون پارٽيون هڪٻئي سان سچيون هجن ها ته اڄ  اهي ڪامياب ٿي چڪا هجن ها.

No comments:

Post a Comment