Pages

Monday 5 April 2021

کنڊ، اٽي جا وڌندڙ اگهه ۽ سڀ ٺيڪ آ جو راڳ..!!

صاحب خان ڀٽي

بحرانن جي ور چڙهيل ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ به معمول بڻجي وئي آهي، ڪڏهن اٽو مارڪيٽ مان گم ته ڪڏهن وري کنڊ مارڪيٽ غائب ٿي وڃِي ٿي، غريب ماڻهن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اٽو 85 روپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿيندو، اها وفاقي حڪومت جي ناڪامي ناهي ته ٻيو ڇا آهي، زرعي ملڪ هجڻ باوجود ملڪ ۾ اٽي ۽کنڊ جو بحران پيدا ٿيندو رهي ٿو، ملڪ جي آبادگارن کان سستي اگهه ۾ ڪڻڪ ۽ چانور خريد ڪرڻ کانپوءِ  اوچتو بحران پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ اها ئي خريد ڪيل ڪڻڪ ۽ چانور مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيو ويندو آهي، آخر نفعي خور حڪومت کان طاقتور آهن يا وري حڪومت کي سڀ ڪجهه خبر آهي، ان باوجود اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ نه ٿي چاهي.حڪومت کي فائدو ٿئي يا نه پر عوام کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي، حڪومت کان وڌيڪ واپاري سگهارا نظر اچي رهيا آهن، حڪومت جي اعلان باوجود به سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت وٽ ملڪ جي هارين ۽ آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي سگهه نه آهي پر جيڪڏهن اها ڪڻڪ مهانگي اگهه تي ٻاهران گهرائڻ هجي ته انهن وٽ پئسا به اچي ويندا ۽ ڪڻڪ به خريد ڪري گهرائي وٺڻدا پر جڏهن انهيءَ اگهه تي اسان جي ملڪ جا هاري مطالبو ڪن ته اهو مطالبو صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي ڪڙو لڳندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن کي ايتري ڪا خاص بچت نه ٿيندي هوندي يا وري نفعي خور حڪومت کي هلائي رهيا آهن.

وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار  ملڪ  ۾ ڪمند جو اگهه ته طئي  ڪنديون آهن پر ان تي شگر ملز مافيا عمل ناهن ڪنديون، نه ئي وري آبادگارن کي وقت تي پئسا ملي سگهندا آهن، جنهن  جي ڪري  خاص طور تي سنڌ جا  آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار آهن، ڪيترن ئي ضلعن ۾ ته آبادگارن ڪمند  جو فصل پوکڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته شگر ملز مافيا آبادگار کي صحيح اگهه نه  ڏينديون آهن ۽ سندن ڪمند ٽرالين ۾ ملز ٻاهران پئي پئي سڪي سڙي وينديون آهن، ان وقت نه ته حڪومت کي آبادگارن جي ياد ايندي آهي نه ئي وري  شگر ملز مالڪن کي انهن جي ٿيندڙ نقصان جو احساس هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽  شگر ملز مالڪ وقت تي  ڪمند خريد ڪن ها ته  هاري توڙي آبادگار ڪمند پوکڻ نه ڇڏين ها، هن وقت ته ڪڻڪ جو به مناسب اگهه هارين ۽ آبادگارن کي نه پيو ملي ۽ دڪانن تي 80 ڪلو ڪڻڪ جو اٽو وڪرو ٿي رهيو آهي، کنڊ به سئو کان پار ٿي  وئي آهي، جيتري اگهه ۾ في ليٽر پيٽرول پيو ملي، ايتري ئي اگهه ۾ کنڊ ملي رهي آهي.

جيئن ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فيصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي ۽ کوڙ سارن شهرن ۾ هيل تائين ڪو به  سرڪاري خريداري سينٽر نه کليو آهي ۽ واپاري سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڇا ڪاڻ ته انهن کي اوڌر تي خريد ڪيل ڀاڻ، ٻج جا پئسا به ڏيڻا هوندا آهن، تنهن ڪري انهن کي قرض لاهڻ جي به جلدي هوندي آهي ته جيئن هو ٻيهر ٻج کڻي ٻيو فصل پوکي سگهين، ان جو فائدو وري واپارين کي ٿي رهيو آهي پر هن ڀيري جهڙي ريت ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان جا نتيجا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ  خاص طور تي سنڌ ۾ ضرور ڏسڻ ۾ ايندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سمورن ضلعن جي انتظاميائون ڪڻڪ جي چرپر واري پابندي کي برقرار رکي نه سگهيون آهن ۽ پنجاب جا واپاري سستي اگهه ۾ ڪڻڪ خريد ڪري  ٽرالرن ذريعي پنجاب منتقل ڪري رهيا آهن، سنڌ پنجاب بارڊر تي به لڳي ٿو ته پوليس صحيح نموني چيڪنگ نه ٿي ڪري يا وري ڪڻڪ پنجاب منتقل ڪرڻ ۾ وڏا هٿ آهن جو انهن خلاف هيل تائين ڪو ڪارروائي نه  ڪري سگهيو آهي، اڄ اٽو 80 کان وڌيڪ في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ڪڻڪ وڪرو وارو سلسلو ختم ٿيندو، انهن جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سنڌ سرڪار کي ڪڻڪ بحران کي منهن ڏسڻو پوندو، جنهن کي شايد  ئي حڪومت ڪڏهن ڏٺو وجهي، ڪڻڪ پنجاب منتقل اهو صاف ظاهر اشارو آهي ته سنڌ واسيو تيار ٿي وڃو، رمضان کانپوءِ ڪڻڪ ايتري ته مهانگي ٿيندي جو شايد ئي ان بابت ڪنهن سوچيو هجي، جڏهن به صوبن جي ڪڻڪ بنا حڪومت جي رضامندي جي ٻين صوبن ڏانهن ويندي آهي ته اتي بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو ويندو آهي پر سنڌ سرڪار اهڙِي حساس معاملي کي نظر انداز ڪري رهي آهي، پوءِ جڏهن ڪڻڪ بحران پيدا ٿيندو ته سستي اگهه جا اسٽال لڳائي ماڻهن کي ڪهر جي گرمين ۾ لائينن ۾ لڳايو ويندو، ڪٿي چڪريون ٿينديون ته ڪٿي وري لٺبازي ڪئي ويندي، پريشان وري به عوام ئي ٿيندو، رهي  ڳالهه واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ واري ته اها حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ڪڻڪ خريداري سينٽر کولي ڪڻڪ خريد ڪري پر جيڪڏهن ڪڻڪ جو فصل وڌيڪ ٿيندو آهي ته واپارين کي به خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي پر هتي ته ڪڻڪ خريد ڪري فوري طور پنجاب ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي، جنهن بابت خبرون روز اخبارن ۾ لڳي رهيون آهن پر سنڌ سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، آخر ڪڏهن سنڌ سرڪار سجاڳ ٿيندي، جڏهن ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيندو؟

هن وقت ملڪ ۾ کنڊ ٻاهران گهرائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن حڪومت شگرمل مافيا خلاف درست نموني ڪارروائي ڪري ها ته اڄ کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي  ضرورت ئي نه پئي ها، شگر ملز مالڪن  ته آبادگارن سان اهڙو حشر ڪيو جو هنن ڪمند جو فصل پوکڻ ئي ڇڏي ڏنو، هڪ طرف پاڻي جي کوٽ ٻئي طرف وري نقلي ڀاڻ جي ڪري آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو هو ته مٿان وري مل مالڪن رهيل ڪسر پوري ڪئي،  ڪمند جا پئسا وقت تي نه ڏيڻ سبب آبادگارن کي مالي نقصان ٿيو ۽ اهي معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا،ڪيترن ئي شهرن ۾ آبادگارن رهتون نه ڏيڻ جي ڪري شگر ملز مالڪن خلاف احتجاج به ڪيا پر وقت سر انهن جي واهر نه ٿي سگهي، جيڪڏهن انهن کي پئسا وقت تي ملن ها ته شايد اڄ ڪمند جو فصل به سنڌ ۾ سٺي نموني ٿئي ها، بهرحال هن وقت سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري پنجاب کي ڏنو پيو وڃي، سنڌحڪومت به اعتراف ڪري رهي آهي ته سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، ان باوجود وفاق کي سنڌ جي آبادگارن تي ڪو به رحم نه اچي رهيو آهي، جيڪڏهن سنڌ جو آبادگار خوشحال ٿيندو ته وفاق به خوشحال ٿيندو پر شايد وفاق ۾ ويٺل وزيرن کي ڪو به فرق نه ٿو پئي، جنهن سبب سنڌ جي آبادگارن جون دانهون انهن کي ٻڌڻ ۾ نه ٿيون اچن.

بهرحال سنڌ سرڪار چاهي ته ڪڻڪ جي پنجاب منتقلي واري عمل کي روڪرائي سگهي ٿي، جنهن سان خاص طور تي سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا نه ٿيندو . رهي ڳالهه کنڊ جي ته هاڻ ڪجهه ڏينهن کان چئي رهي آهي ته 50 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪئي ويندي، ان حوالي سان ٽينڊر به جاري ڪيا ويا هئا، جن کي ٻه ڀيرا رد به ڪيو ويو آهي پر هاڻ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن اها کنڊ ڏيهه ايندي ته ان جو اگهه ڇا هوندو، اها کنڊ به  ڊالر  جي اگهه جي برابر ته نه ٿي ويندي، آخر زرعي ملڪ کي ڇو ٻاهران اهي شيون گهرائڻيون پئجي رهيون، ڪڏهن ٽماٽي جو بحران ته ڪڏهن وري بصر جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي، مون کي ياد آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ بصر جو بحران پيدا ٿيو هو ۽ بصر سئو کان وڌيڪ ۾ في ڪلو وڪرو ٿي رهيو هو پر اهو بحران ڇو پيدا ٿيو، ان جو ڪارڻ هيل تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، هاڻ وري تبديلي سرڪار ۾ روز ڪو نه ڪو بحران پيدا ٿي رهيو آهي، ڪڏهن گئس جو بحران، ڪڏهن بجلي، ڪڏهن وري اٽو ۽ کنڊ جو بحران ٿي رهيو آهي، جنهن سڀ کان وڌيڪ نقصان عوام جو ئي ٿي رهيو آهي. هاڻ وفاقي حڪومت کي اعتراف ڪرڻو پوندو ته ملڪ ۾ ڪجهه به ٺيڪ نه آهي، سموري صورتحال خراب  آهي، هاڻ اهو راڳ نه هلندو ته سڀ ڪجهه ٺِيڪ آ هي، هر عام واهپي جي شيءَ مهانگي ٿي چڪي آهي، حڪومت کي گهرجي ته فوري طور ان جو ڪارڻ معلوم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃِي ۽ سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فوري طور  پنجاب منتقل ٿيندڙ ڪڻڪ تي پابندي لڳائي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ سنڌ کي اٽي جي بحران کي بچائي سگهجي.


No comments:

Post a Comment