Pages

Tuesday 1 March 2016

ڌارين جي لوڌ ۽ آدمشماري جو ملتوي ٿيڻ

صاحب خان ڀٽي
آدمشماري بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ نڪتل ريليون به نيٺ پڄاڻي تي پهتيون، هر طرف ڇهين آدمشماري جو چرچو هو جيڪو  گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس بعد اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿي ويو آهي. وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آدمشماري کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بهانو اهو بڻايو ويو آهي ته فوج ضرب عضب آپريشن ۾ مصروف آهي جنهن سبب هو تمام جلد آدمشماري نٿا ڪرائي سگهن، ڇاڪاڻ ته وٽن وسيلا تمام گهٽ  آهن،  سوچڻ جي ڳالهه آهي ته  وفاقي حڪومت وٽ ايترا وسيلا هئا جو مڪاني چونڊون ڪرايون ويون ان وقت سرڪار کي وسيلا گهٽ هئڻ جي پرواهه نه ٿي، جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت طرفان وفاق کي بار بار چونڊون جي وقت ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو ويو هو پر ان باوجود حڪومت  سمورا وسيلا ڪتب آڻي مڪاني چونڊون ڪرايون ته پوءِ هاڻ وفاقي سرڪار  بهانو بڻائي  آدمشماري وارو عمل اڻ ڄاتل مدي تائين روڪيو ويو آهي. وفاقي وزير اسحاق ڊار طرفان به بيان ڏنو ويو آهي ته حڪومت عام چونڊن کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ چاهي ٿي. پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته  حڪومت ايترو سنجيده آهي ته پوءِ  سي سي آءِ اجلاس ۾ آدمشماري ملتوي ڇو ڪئي وئي؟، سنڌ جو عوام  به انصاف لاءِ منتظر آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ سان ڪيتري ئي عرصي کان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي، ڪڏهن همدردي جي نالي سان افغاني، برمي ۽ ٻيا پرڏيهي سنڌ ۾ ترسايا ويا ته وري ڪڏهن ٻين صوبن جي ماڻهن کي آپريشن جي نالي تي سنڌ ۾ ترسايو ويو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ٿيا ۽ ڏوهن  ۾ به واڌارو ٿيو، بدامني به تمام گهڻو وڌي وئي. هي سنڌ ڌرتي جيڪا صوفين جي ڌرتي  جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي ان کي به  دهشتگردن رت سان وهنجاري ڇڏيو. سيڪيولر سنڌ کي پرڏيهه مان آيل پناهگيرن  انتهاپسندي جي ور چاڙهي ڇڏيو. جنهن ڌرتي کي امن جي ڌرتي سڏيو ويندو هو اها به دهشتگردي جي  واقعن سان سڄي دنيا ۾ سڃاتي وئي.  پرڏيهه مان آيل انتهاپسندن جي سبب سنڌ ۾  مندرن توڙي مسجدن تي به حملا ٿيا جيڪي سنڌ جي تاريخ ۾  اڳ ڪڏهن به نه ٿيا هئا. جنهن  تي سنڌ جي ساڃاهه وندن کي تمام گهڻي ڳڻتي ٿي، اهي به عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ميدان تي لٿا ته جئين هو دهشتگردن  جي مقصدن  کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏين.  انهن جي اها ئي ڪوشش رهي ته سنڌ کي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کان بچايو وڃي ۽ اها ڪوشش ڪافي حد تائين ڪامياب به وئي.
وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ٿيل اجلاس ۾  چئني صوبن جي وڏن وزيرن به شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم نوازشريف اها خاطري ڪرائي ته آدمشماري ۾ ڌارين کي نه ڳڻيو ويندو.  وزيراعظم نوازشريف  اجلاس کي  ٻڌايو ته پاڪ  فوج جوان دستياب ناهن جنهن سبب ڇهين آدمشماري ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فوجي جوان ضرب عضب آپريشن ۾ مصروف آهن، ان ڪري مارچ ۾ آدمشماري ڪرائڻ ممڪن ناهي.  گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وزيراعظم ميان محمد نوازشريف طرفان اجلاس ۾ چيو ويو ته وفاقي سرڪار ڪو به فيصلونه ڪندي، آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو اتفاق سان ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به سي سي آءِ اجلاس ۾ آدمشماريءَ بابت آل پارٽيز ڪانفرنس جون سفارشون پيش ڪيون، جنهن ۾ ڌارين کي نه ڳڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. وزيراعظم ميان محمد نواز شريف سفارشن جو احترام ڪندي چيو ته پرڏيهين کي آدمشماريءَ  ۾ نه ڳڻيو ويندو.وڏي وزير سيد قائم علي  شاهه سي سي آءِ جي اجلاس ۾ آدمشماري بابت آل پارٽيز ڪانفرنس جون سفارشون به پيش ڪيون. جنهن ۾ ڌارين جي لوڌ کي نه ڳڻڻ جو مطالبو ڪيو هو.  آدمشماري ملتوي ڪرڻ وقت وزيراعظم نوازشريف  عوام کي خوشبري ڏيندي چيو ته پيٽروليم وارين شين کي وڌيڪ سستو ڪيو ويندو. وزيراعظم نوازشريف تيل جا اگهه به گهٽائڻ جو اعلان  جو اعلان ڪيو.  پيٽرول 8 روپيا 48 پيسا سستو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل  جي اگهه ۾ 4 رپيا 67 پيسا، لائيٽ  ڊيزل هڪ روپيو 97  پيسا، هاءِ آڪٽين ۾ 3 روپيا في ليٽر لاٿ  ڪئي وئي. گاسليٽ جي اگهه ۾ هڪ روپيو 66 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي. پيٽرول جي نئين قيمت 62 روپيا 77 روپيا   ٿي ويو. پيٽرول ته سستو ٿي ويو پر آدمشماري وارو معاملو اڌ ۾ رهجي ويو.  وزيراعظم نوازشريف جي آدمشماري نه ڪرائڻ واري اعلان  بعد سي سي آءِ جي ميمبر ۽ معاهشري ماهر قيصر بنگالي طرفان چيو ويو آهي ته آخري وقت ۾ آدمشماري ملتوي ڪرڻ جو  سبب کيس سمجهه ۾ نٿو اچي. قيصر بنگالي اهڙو بيان هڪ خانگي ٽي وي چينل   جي پروگرام  ۾ ڳالهائيندي چيو ته سال کان تياريون ٿي رهيون آهن، آخري وقت ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي سببن ڪري آدمشماري نٿي ٿي سگهي ، اهڙو عمل سمجهه کان ٻاهر آهي.   هن چيو ته آدمشماري ملتوي ڪرڻ مان کيس لڳي ٿو ته حالتون  شايد حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهن، خبر ناهي ته آدمشماري  ملتوي ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟  قيصر بنگالي چيو ته مارچ يا اپريل ۾ آدمشماري نه ڪرائي وئي ته پوءِ برساتن جا مهينا اچي ويندا ۽ ٻوڏ  واري صورتحال کي منهن  به ڏئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ آدمشماري ڪرائڻ  تمام ڏکيو ٿي ويندو ۽ آڪٽوبر مهينو آدمشماري لاءِ مناسب ناهي.  ٻي طرف وري سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني آبادي جي منصفاڻي ۽ شفاف آدمشماري  منعقد ڪرائڻ لاءِ پاڪستان بيورو آف شماريات جي بورڊ آف فنڪشنل ۽ گورننگ ڪائونسل ۾ سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ فاٽا جي نمائندگي يقيني بڻائڻ جي قرارداد سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي ۽ ان کان هڪ هفتي ۾ رپورٽ به طلب ڪئي وئي آهي. پ پ سينيٽر  سسئي پليجو طرفان به بنا جواز آدمشماري ملتوي ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي.سندس چوڻ آهي ته آدمشماري بابت سنڌ حڪومت پنهنجو ڪيس مضبوط رکيو آهي. سينيٽ ۾ به انهي معاملي تي آواز اٿاريو ويندو. . سسئي پليجو طرفان چيو ويو آهي ته آدمشماري سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو  مسئلو آهي. هوڏانهن سياسي، توڙي سماجي ڌرين طرفان به  آدمشماري ڪرائڻ جو  مطالبو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي سياسي، سماجي توڙي قومپرستن ڌرين کي ته اها پڪ به هئي ته آدمشماري ملتوي ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو ضرور ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته جئين مارچ ويجهو اچي رهيو تئين تئين نوان اشوز به منظر عام تي اچي رهيا هئا. ڪالاباغ ڊيم جو ڪارڊ به ماضي جيان هن ڀيري به کيڏيو ويو پر ان تي سنڌ جي سخت رد عمل سبب معاملي کي ڊٻايو ويو. ڇاڪاڻ ته  جڏهن به ڪا سنڌ ۾ مهم شروع ٿيندي آهي ته  ان بابت ڄاڻ گهر گهر پڄائڻ لاءِ هتان جو ساڃاهه وند ڌريون ميدان تي لهي  اينديون آهن، ان بابت پيغام در در تي پهچائينديون آهن.  هن ڀيري جڏهن ڇهين آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ٿيو ته سنڌين کي اهو خدشو هو ۽ آهي ته پرڏيهين کي نه ڳڻيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪي  افعاني، برمي ۽ ٻيا پناهگير جيڪي هت ترسيل آهن انهن کي فوري طور پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن موڪلڻ جون تياريون ڪيون وڃن ته جئين سنڌ  تان بار گهٽجي سگهجي. آدمشماري ملتوي ڪرائڻ مان لڳي ٿو ته  شايد وفاقي سرڪار سنڌ مان پناهگيرن کان ڪڍڻ نٿي چاهي جنهن سبب آدمشماري کي في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي.  هر ڀيري سيڪيورٽي ادارا به اهو ئي چئي رهيا  آهن دهشتگردي پرڏيهه مان آيل ماڻهن سبب ٿي آهي.

No comments:

Post a Comment