Pages

Friday 11 March 2016

متحده بحران بعد ڪراچي ۾ ڇڪتاڻ جو خدشو

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس سنڌ واسين  سميت سڄي  ملڪ کي  اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هر هڪ ماڻهو سوچڻ تي مجبور آهي ته هي اها ئي جماعت هئي جنهن جو مثال ڏنو ويندو هو ته هن پارٽي ۾ ماڻهو ايندا آهن پر ڪنهن به هڪ ڪارڪن هن وقت تائين پارٽي ڇڏي ناهي، هاڻ  اهو  تصور به ختم ٿي چڪو آهي.  ڇاڪاڻ ته اوچتو مصطفيٰ ڪمال ڏيهه پهتو ۽ ايم ڪيو ايم تي پنهنجي لفظن جا بم اڇلايا، جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا. ايم ڪيو ايم جي باغي ڌڙي  ۾  شموليت ڪرڻ لاءِ   پراڻا چهرا  سامهون اچي رهيا آهن. ماضي ۾ ڪراچي اندر جيڪي به ترقياتي منصوبا شروع ٿيا،  انهن کي تمام جلد مڪمل ڪيو  ويو. جيڪي پل سال ۾ به تيار نه ٿي سگهندي هئي اها  ڪجهه مهينن اندر تيار  ٿي. روڊ رستا به  سٺي نموني ٺهرايا ويا، روڊن تي لائٽون ۽ ڊرينيج سسٽم به صحيح نموني ٺاهيو ويو.  سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال جي  شروع ڪيل ترقياتي منصوبن سبب سندس چرچو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ به ٿيڻ لڳو ۽ ايم ڪيو ايم تمام گهڻو مضبوط ٿي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف طرفان به سندن تمام گهڻي سپورٽ ڪئي وئي.   ايتري قدر جو جنرل پرويز مشرف  پنهنجي هر انٽرويو ۾ چوندو هو ته سندس ايم ڪيو ايم سان پراڻا لاڳاپا آهن. پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي تعريف ڪندي ٿڪندو ئي نه هو . اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف ڪراچي کي ايم ڪيو ايم جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيو هيو، ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جو به ايترو حڪم نه هلندو هو، جيترو هڪ  ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج جو هلندو هو. جڏهن سٽي ناظم  پاڻي جون لائنون وڇائڻ جو منصوبو  شروع ڪيو ته  ان وقت به صرف سنڌي ڳوٺن کي محروم رکيو ويو ۽ پاڻي واري پائپ لائن جنهن به ڳوٺ کان گذري پئي ان کي غير قانوني قرار ڏئي ڊاٿو ويو، جنهن تي قومپرست ڌرين به تمام گهڻو احتجاج ڪيو هو، پر وقت جي حاڪمن  جي ڪن تي ڪا به جونءَ به نه چري  هئي.  سنڌي ڳوٺ ان وقت به مصطفي ڪمال جي ڪمال واري تعصبي رويي جي ورچڙهيل هئا. ايتري قدر جو مصطفيٰ ڪمال سمورين سنڌين کي ڊاهڻ جو فيصلو به ڪيو هو. ان دور ۾ جيڪو نفرتن جو ٻج ڪراچي اندر پوکيو ويو هو، جنهن جو ڪيتو اڄ به اسين لوڙي رهيا آهيون.  سٽي ناظم  مصطفي ڪمال جڏهن ڪراچي جون واڳيون سنڀاليون ته  اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪراچي  ۾ داخل ٿيندڙ هر سنڌي جي رجسٽريشن  ڪئي ويندي. اهڙي عمل تي سنڌ جو هر ساڃاهه وند پريشان ٿي ويو هو. هڪ طرف اها جماعت هئي جنهن کي ان وقت جي دور جو آرمي چيف سپورٽ ڪري رهيو هو ته ٻي طرف وري ننڌڻڪا قومپرست جيڪي روڊن تي جهنڊا کڻي نعريبازي ڪري رهيا هئا پر انهن جي دانهن ڪير به ٻڌڻ وارو نه هو. احتجاج کانپوءِ اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته اهڙو ڪو به بيان ناهي ڏنو ويو، جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي.
مارچ جي مهيني بابت ڪيترن ئي سياستدانن اڳڪٿيون ڪيون هيون ته مارچ ۾ ڪجهه ٿيڻو وارو آهي پر اها خبر نه  هئي ته متحده ڌڙا بندي جو شڪار ٿي ويندي.   ايم ڪيو ايم کي الوداع ڪري نئين پارٽي جو اعلان ڪندڙ مصطفيٰ ڪمال، انيس قائم خاني، ڊاڪٽر صغير، وسيم آفتاب ۽ ٻيا باغي  اهو سوچي رهيا آهن ته هو  متحده جي متبادل پارٽي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ هڪ سال اڳ 11 مارچ  2015  ۾ رينجرز نائن زيرو تي ڇاپو هنيو هو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو. نائن زيرو تي رينجرز جي آپريشن کي تمام گهڻو ساراهايو ويو هو،جنهن بعد رينجرز جو وقار وڌيڪ بلند ٿيو هو. رينجرز نائن زيرو تي ڇاپي دوران نيٽو جا هٿيار هٿ اچڻ جي دعويٰ به ڪئي هئي.  هڪ خانگي ٽي وي چينل نائن زيرو ۾ رينجرز جي داخل ٿيڻ وقت جا فوٽيجز  به جاري ڪيا هئا. جنهن تي به متحده سربراهه وڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. اها خبر نشر ڪرڻ وقت ميڊيا وارا به تمام گهڻو پريشان هئا. اي اين پي، پ پ ۽ نواز ليگ جا  ڪجهه اڳواڻ به متحده تي  الزام لڳائندا هئا پر انهن جي الزامن تي ڪو به ڌيان نه ڏيندو هو ۽ اهي الزام الزام ئي رهجي ويندا هئا. اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به  ايم ڪيو ايم تي ملڪ ٽوڙڻ جو الزام لڳائي چڪو آهي. جنهن تي هڪ صحافي کائنس سوال  به پڇيو هو ته متحده   پاڪستان کي ٽوڙڻ نه پر سنڌ کي ٽوڙي نئين صوبي جو مطالبو ڪري رهي آهي  پر اوهان ملڪ ٽوڙڻ جو مٿن الزام لڳائي رهيا آهيون.  جنهن تي ذوالفقار مرزا چيو  هو ته  متحده پهرين صوبو ٺاهي پوءِ  هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ جي سازش ڪئي رهي آهي. هونءَ ته متحده سربراهه  دنيا جي نئين نقشي بابت به ٽي ڪلاڪ  نيوز چينلن تي پريس ڪانفرنس  ڪئي  هئي.  ايم ڪيو ايم جي  اڳوڻي ڪارڪن صولت مرزا به ڦاهي کان اڳ   پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو هو ته  هو پارٽي جي چوڻ تي قتل ڪندو هو ۽ هن اهڙي ڏوهه جو  به اعتراف ڪيو هو، هن ڪارڪنن کي اپيل به ڪئي هئي ته ٽشو پيپر جيان استعمال نه ٿيو.
ايم ڪيو ايم جڏهن به سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيندي هئي ته سنڌ کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪندي هئي  ۽ ان جي چاڪنگ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن سان ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم کي پنهنجي حياتي کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي سان محبت آهي، اهو ئي سبب هوندو هو ته جنهن وقت به ايم ڪيو ايم سربراهه سنڌ خلاف زهر اوڳاڇيندو هو ته سنڌي قوم هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويندي هئي. جنهن بعد اهو ئي متحده سربراهه پريس ڪانفرنس ڪندو هو ۽ پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سڏيندو آهي ۽ چوندو هو ته سنڌ ڌرتي سندس امڙ آهي، هو پنهنجي بيان تان به ٻئي ڏينهن ڦري ويندو هو. مصطفيٰ ڪمال به جڏهن کان نئين پارٽي جو اعلان ڪيو آهي ان وقت کان هن صرف اهو ئي بيان ڏنو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ گناهه ناهي ۽ پاڪستان قيامت تائين 4 صوبن تائين محدود نٿو رهي سگهي، مستقبل ۾ نوان صوبا ٺهندا. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته نوان صوبا ٺاهڻ ڪو گناهه ناهي پر جڏهن “ را “ جا ايجنٽ ڌار صوبي جو مطالبو ڪن ته سڀني کي خوف ٿيندو آهي. مصطفيٰ ڪمال ته پنهنجو ڪمال ڏيکاري رهيو آهي ۽ وڏو ڪمال ته ميڊيا جو به آهي ته سندس نئين پارٽي جي اعلان کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي رهيا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به ماضي ۾ بيان ڏنا هئا ته ايم ڪيو ايم ۾ سڀ خراب ماڻهو ناهن پر ان ۾ سٺا به آهن، اڄ اهي سٺا ماڻهو سامهون نظر اچي رهيا آهن ۽ اميد آهي ته اڃان وڌيڪ متحده مان سٺا ماڻهو نڪري پنهنجو هڪ ٽولو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جڏهن به متحده مان ڪارڪن ڌار ٿيا آهن ته انهن ۾ وڏو جهيڙو ٿيو آهي، جيڪو هاڻ به ٿيڻ جو خدشو آهي. متحده ۽ حقيقي به هڪ ٻئي تي پنهنجن پنهنجن ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳائنديون رهيون آهن.
 اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال پرڏيهه کان پوءِ واپس اچي  باغين  جو گروپ ٺاهي رهيو  آهي ۽ متحده تي  “را” جو ايجنٽ هجڻ  جا الزام به لڳائي رهيو  آهي.  وسيم آفتاب به جڏهن باغي ڌڙي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ته ان وقت هن چيو ته هنن پارٽي سربراهه جي ڪري ٻين سان جهيڙو ڪيو ۽ ان جي هر حڪم کي مڃيو ۽ مٿن را جي ايجنٽ جو به الزام لڳو. مصطفيٰ ڪمال ته سڌو  چئي رهيو آهي ته  سندن پارٽي جو تعلق را سان آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به   ڪيترائي ڀيرا جي آءِ ٽيز  پڌريون ڪري چڪا آهن پر هن وقت تائين ڪنهن به پارٽي جي وڏي اڳواڻ خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ٿي سگهي صرف اهي   الزام تراشي ڪئي پئي وڃي. اهي به انڪشاف به ڪيا ويا آهن ته ماڻهن کي مارڻ جا آرڊر لنڊن مان جاري ڪيا ويندا آهن. عاشوره بم ڌماڪي جو الزام به متحده تي لڳو آهي. بلديا  فيڪٽري سانحي ۾ به ايم ڪيو ايم ملوث قرار  ڏنو ويو آهي. جيڪي به جي آءِ ٽيز پيش ڪيون ويون انهن ۾ به ايم ڪيو ايم کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو. ايتري قدر جو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ متحده تي پابندي لڳائڻ جي درخواست به جمع ڪرائي وئي جنهن تي عدالت فيصلو به محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هڪ طرف متحده مان  ماڻهو ڇڏيندا باغي گروپ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري ايم ڪيو ايم صفائي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، فاروق ستار سميت ٻيا پارٽي جا اهم اڳواڻ ٻهارا کڻي صفائي ڪري رهيو  آهي. ۽ اهي دعوائون به ڪيون پيون وڃن ته ايم ڪيو ايم جون اڃان وڌيڪ وڪيٽون ڪرنديون ، هڪ طرف مصطفيٰ ڪمال بيان ڏئي پيو ته ايم ڪيو ايم جو تعلق را سان آهي ته ٻي طرف وري انهن را  جي ايجنٽن کي پنهنجي باغي ڌڙي ۾ شامل ڪري انهن کي کير سان ڌوئي رهيو آهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جن تي را جي ايجنٽ هجڻ جو  الزام لڳايو پيو وڃي، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي يا وري اهي ماڻهو مصطفيءِ ڪمال جي باغي ڌڙي ۾ شامل ٿي پاڻ کي کير سان ڌوئي ڇڏيندا؟. ڇاڪاڻ ته هي الزام ننڍڙا نه پر سنگين آهن. بلديا سانحي کان ويندي 12 مئي واري واقعي تائين جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳايو ويو آهي. اهي بيان ته صرف ميڊيا تائين محدود آهن. ڪراچي ۾  ته ڪارروايون  ٿي رهيون  آهن پر هن وقت تائين  را  کان فنڊنگ وٺندڙ مک جوابدار گرفتار ناهي ڪيو ويو. جيڪي ڪجهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي  ان خلاف سخت کان سخت جاچ ٿيڻ گهرجي ۽  بلديا سانحي کان ويندي 12 مئي تائين ٿيل واقعن ۾ ملوث ماڻهن  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو متحده کي ڇڏي رهيا آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن اهي به ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهن ته انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.


No comments:

Post a Comment