Pages

Monday 28 March 2016

لاهور ۾ رت جي هولي

صاحب خان ڀٽي
لاهور  ۾ ٿيل آپگهاتي حملو  ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، اهڙا  ڪيترائي آپگهاتي حملا  خيبرپختونخواهه، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ به ٿي چڪا آهن، جن ۾  سوين ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن. خبر ناهي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو جنهن ڏينهن هن ملڪ جي امن کي ڪنهن نڀاڳي جي نظر لڳي. اها خبر نه هئي ته هڪ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ڪرڻ بعد خطي جي صورتحال  تبديل ٿي ويندي، جنهن ڏينهن کان دهشتگردن ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو ڪيو، ان ڏينهن کان   دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ نه بچيو هوندو، جنهن ۾ دهشتگردي جو ڪو وڏو واقعو پيش نه آيو هجي. انهن  ملڪن مان پاڪستان  به آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين هزارين ماڻهو دهشتگردن جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. مسجد هجي يا امام بارگاهه يا وري ڪو مندر يا چرچ ڪو به  محفوظ نظر نه پيو اچي، مسجدن، امام بارگاهن ۾ دهشتگرد آپگهاتي حملا ڪري ڪيترن ماڻهن جون حياتيون کسي چڪا آهن.  اسلامي رياست سڏرائيندڙ هن پياري ملڪ ۾ خبر نه هئي ته اهڙا دهشتگرد به هن ملڪ ۾ جنم وٺندا جيڪي معصوم ٻارڙن کي بخش نه ڪندا.  تعليمي ادارا هجن يا وري  عبادتگاهون اهي به دهشتگردن جي نشاني تي  آهن، آرمي پبلڪ اسڪول حملي جو  زخم اڃا ڀريو ئي نه هو ته ايسٽر جي موقعي تي دهشتگردن لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ آپگهاتي حملو ڪري 70 کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون. جنهن جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾ سرڪاري فرياد تي داخل به ڪيو ويو آهي. هڪ طرف ملڪ اندر امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ته ٻي طرف  وري سياستدانن ۾  اختلاف نظر اچي رهيا آهن،  اختلاف وڌي وڃڻ سبب حڪمران هڪ ٻئي  خلاف بيانبازي به ڪري رهيا آهن  پر هي وقت هڪ ٻئي خلاف بيانبازي  جو ناهي ۽ نه ئي وري  گهرن ۾ ويهڻ جو آهي. سياسي توڙي عسڪري  قيادت کي هڪ پليٽ تي گڏ ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ نا ممڪن آهي.
لاهور ۾ هي ڪو پهريون بم ڌماڪو ناهي ٿيو پر  اهڙا ٻيا به حملا ٿيا آهن، جن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا هئا. لاهور ۾ پهريون آپگهاتي حملو 10 جنوري 2008ع ۾ لاهور هائيڪورٽ سامهون جي پي او چوڪ وٽ ٿيو هو، جنهن جي نتيجي  ۾ پوليس اهلڪارن سميت 21 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا هئا. لاهور ۾ ٻيو ڌماڪو 11 مارچ 2008ع ۾ ايف آءِ اي بلڊنگ ۽ ماڊل ٽائون ۾ عمارتن کي هڪ ئي وقت نشانو بڻايو هو.جنهن ۾ 35 ڄڻن جون حياتيون ضايع ٿيون. لاهور ۾ هڪ ٻي دهشتگردي جي ڪارروائي 3 مارچ 2009ع  ڪئي وئي. جنهن دوران دهشتگردن لبرٽي چوڪ ويجهو سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم تي حملو ڪيو، جنهن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا تمام گهڻو نشر ڪيو هو. ڪرڪيٽ ٽيم تي حملي دوران 8 ڄڻا مارجي ويا هئا. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي حملي بعد پاڪستان ۾ ٻين ملڪن جي ٽيمن به کيڏڻ اچي ڇڏي ڏنو،  جنهن عمل کي هن وقت تائين بحال نه ڪيو ويو ،  دهشتگردن جي هن حملي کي ٿورو ئي وقت گذريو هو ته دهشتگرد  30 مارچ 2009ع ۾  پوليس ٽريننگ مناوا تي حملو ڪيو ويو.جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سميت 16 ڄڻا  اجل جو شڪار ٿيا.27 مئي 2009ع ۾ ايمرجنسي پوليس 15 جي عمارت تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ به پوليس اهلڪارن  سميت 25 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا هئا. 12 جون ڳڙهي شاهو ۾ جامع نعيمه ۾ آپگهاتي بم حملو ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر سرفراز نعيمي سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا. 15 نومبر 2009ع ۾ ايف آءِ اي بلڊنگ بيڊيا روڊ تي ايليٽ ٽريننگ اسڪول جي ٽي روڊ مناوا تي پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا. 24 اپريل 2012ع ۾ لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.2 نومبر 2014ع ۾ لاهور ۾ پيراملٽري چيڪ پوسٽ واهگا جي ويجهو آپگهاتي حملي ۾60  ڄڻا شهيد ٿيا. 17 فيبروري 2015ع ۾  لاهور گجر سنگهه پوليس لائن آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا. انهي سال 15 مارچ 2014ع يوحنا آباد ۾ عيسائين جي ٻن چرچ گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. يوحنا آباد واقعي ۾ 14 ڄڻا اجل جو  شڪار ٿيا، جنهن جا مذمتي بيان ڏيهه توڙي پرڏيهه کان به  سامهون آيا. لاهور ۾ آخري  حملو 27 مارچ 2016ع ۾ گلشن اقبال پارڪ ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن.  يوحنا آباد حملي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ويو.
 سيڪيورٽي فورسز کان ويندي عام شهري تائين ڪو به محفوظ ناهي، دهشتگرد ڪڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن کي پنهنجو نشانو ٿا بڻين ته ڪڏهن وري  عام شهرين کي موت جي ننڊ سمهارين ٿا. هڪ طرف ضرب عضب به آپريشن  به هلي رهيو آهي، جنهن  جي ساراهه آمريڪا کان ويندي ٻين ملڪ به ڪئي آهي. ضرب عضب آپريشن دهشتگردن کي ڇٿڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي. جنهن ڏينهن کان ملڪ اندر آپريشن شروع ٿيا  آهن، تنهن ڏينهن کان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي هئي ۽ آپگهاتي بم ڌماڪن ۾ به گهٽتائي اچي چڪي هئي. هر طرف ماڻهو ايترو مطئمن ٿي ويا هئا ته هاڻ امن قائم ٿي ويو آهي ۽ رهيل سهيل ڪسر به پوري ٿي ويندي. وزيراعظم نوازشريف طرفان به اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو پر افسوس جنهن  هڪ دفعو ٻيهر دهشتگرد سرگرم ٿي ويا آهن، هن ڀيري دهشتگردن ايسٽر جي موقعي تي لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ آپگهاتي حملو ڪري 70 کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون. جيتوڻيڪ لاهور سانحي جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. پر اهو ڪافي ناهي جيستائين دهشتگردن جي ماسٽر مائينڊ جي ڳچي ۾ هٿ نٿو پئي تيستائين اهڙا حملا ٿيندا رهندا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته لاهور پارڪ سانحي ۾ ملوث مبينا دهشتگرد يوسف مظفر جو رهواسي آهي، جنهن جي ڄم جي تاريخ 1988 ٻڌائي پئي وڃي،مبينا آپگهاتي حملي آور بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو گذريل 8 سالن کان  هڪ مدرسي پڙهيو هو ۽ پڙهائي به رهيو. سيڪيورٽي فورسز مبينا دهشتگرد جي سڃاڻپ ڌڙ کان ڌار ٿيل سر هٿ اچڻ بعد ڪئي. جنهن بعد ٻڌايو  ويو ته اهو  سر مبينا  آپگهاتي دهشتگرد جو آهي.  ميڊيا تي خبرون هيون دهشتگرد جي فون نمبر کي ٽريس ڪيو ويو،  جنهن بعد سندس لوڪيشن جي به خبر پئي هئي. جنهن بعد  سي ٽي ڊي مظفر ڳڙهه ۾ ڪارروائي ڪري مبينا دهشتگرد جي 4 ڀائرن ۽ سندس هڪ چاچي سميت 12 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. جن بابت جاچ هلندڙ آهي. بهر حال سڄي قوم اها اميد لڳايو ويٺي آهي ته لاهور سانحي ۾ ملوث ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جئين ايندڙ اهڙا حملا نه ٿين.
جيڪب آباد، شڪارپور، پشاور ۽ ڪراچي سانحا ڪڏهن به وسري نٿا سگهن، دهشتگردن جي حملن ۾ هزارين ماڻهن پنهنجيون وڃايون آهن. دهشتگردي جي جنگ ۾ سياسي توڙي عسڪري قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو، هڪ ٻئي جي ڄنگهه ڇڪڻ سان ڪجهه نه ورندو، اهو لاهور هو جنهن بابت چيو ويندو هو ته جنهن لاهور ناهي ڏٺو اهو ڄميو ئي ناهي اڄ اها چوڻي به تبديل ٿي وئي آهي، اڳ ۾ چيو ويندو هو ته لاهور، لاهور آهي پر اڄ دهشتگردي جي واقعي بعد اهو چيو پيو وڃي ته لاهور ، لاهور ناهي رهيو. هڪ طرف ملڪ مان را  جا ايجنٽ گرفتار ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري مذهبي جماعتن جا ڪارڪن صحافين تي به حملا پيا ڪن. اهي صحافي جيڪي عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائين ٿا ، انهن تي حملو ڪرڻ ڪيڏو مذمت جوڳو عمل آهي. هڪ طرف قوم سوڳ ۾ ورتل آهي ته ٻي طرف وري احتجاج   ۽ ڌرڻا به هنيا پيا وڃن.

No comments:

Post a Comment