Pages

Friday 18 March 2016

مشرف جي دبئي آمد تي پ پ جي ناراضگي

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي طبيعت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي جنهن سبب کيس پرڏيهه مان ڊاڪٽرن علاج جو مشورو ڏنو هو، مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ داخل هو، جنهن سبب هو پرڏيهه نه پئي وڃي سگهيو، جنهن بعد سندس وڪيل عدالت سان رابطو ڪيو، تنهن تي عدالت سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو، 17 مارچ  تي پرويز مشرف جون پرڏيهه وڃڻ جون خبرون نشر ٿيون، جنهن بعد لڳي ائين پيو ته هو پرڏيهه روانو ٿي ويندو پر  وفاقي گهرو وزارت طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته سندس نالو هن وقت به اي سي ايل ۾ آهي، جيستائين عدالتي فيصلو لکت ۾نه ملندو، تيستائين سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل هوندو. اهڙي بيان کان پوءِ  پرويز مشرف جون پرڏيهه وڃڻ وارين خبرن جو دم ٽٽي پيو  ۽  اي پي ايم ايل جي ترجمان ڊاڪٽر امجد طرفان مختلف سببن جي ڪري روانگي ملتوي جي تصديق ڪئي وئي.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مشرف کين واپس ڏيهه ورڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ هو ڏيهه واپس ايندو،  عدالت سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، جيڪڏهن سندس نالو خارج نه ڪيو ويو ته اها عدالت جي توهين ٿيندي. سڄو ڏينهن هر طرف اهي خبرون هيون ته ڇا واقعي پرويز مشرف پرڏيهه ويندو يا نه؟ هي ڪو پهريون ڀيرو نه هو جو پرويز مشرف پرڏيهه وڃي رهيو هو. اڳ به پرويز مشرف پرڏيهه وڃي چڪو آهي. فرق ايترو هو ته اڳ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گارڊ آف آنر پيش ڪري کيس الوداع ڪيو هو ۽ هاڻ هو بيماري سبب پرڏيهه وڃي رهيو هو. هر ٽي وي چينل تي به صرف پرويز مشرف جو بحث ڇڙيل هو، سڀني جو اهو ئي سوال هو ته ڇا پرويز مشرف پرڏيهه ويندو؟ اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري جي دور ۾ به جڏهن پرويز مشرف جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي ته تنهن وقت به مشرف جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي هئي ۽ هو اڌ رستي مان ئي اسپتال روانو ٿي ويو هو. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پرويز مشرف ڪيتري عرصي کان بيماري ۾ مبتلا آهي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن آصف علي زرداري صاحب پرڏيهه مان علاج ڪرائي سگهي  ٿو پوءِ آخر مشرف جي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ  تي ڇو پيو اعتراض ڪيو ويو. مشرف کي عدالت به پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني آهي ته پوءِ ان تي اعتراض ڪرڻ نٿو ٺهي.
اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دبئي روانگي بابت ٻڌايو ويو آهي ته کيس چيلهه ۾ تڪليف آهي جنهن سبب هو پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر جيڪي به آرمي آفيسرن لاءِ اسپتالون ٺهيل آهن اتي تمام بهتر سهولتون فراهم ٿيل آهن. تنهن باوجود پرويز مشرف پنهنجو علاج ذاتي خرچ تي پرڏيهه مان ڪرائڻ جو  فيصلو ڪيو آهي. جيڪڏهن صرف چيلهه جي تڪليف جو علاج ڪرائڻ لاءِ پرويز مشرف پرڏيهه ويو آهي ته پوءِ اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ملڪ اندر صحت جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن، ڇاڪاڻ ته پرويز مشريف کي چليهه ۾ تڪليف آهي ۽ هو هتان جي ڊاڪٽرن جي علاج کان مطئمن نه آهي جنهن سبب پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به پرڏيهه مان علاج ڪرائي رهيو آهي. پرويز مشرف  پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام اي ڪي 611 ذريعي ڪراچي کان دبئي روانو ٿيو، جنهن دوران سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا. ٻڌايو پئي ويو ته پرويز مشرف شاهين گيٽ ذريعي جهاز تائين پهتو، هي اهو گيٽ آهي جيڪو صرف ايئرپورٽ عملو استعمال ڪندو آهي. پرويز مشرف دبئي وڃڻ کان اڳ هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته هو پنهنجي وطن سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، علاج  بعد هو فورن ڏيهه واپس ورندو.  پرويز مشرف وڌيڪ چيو ته هو علاج لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو.  پرويز مشرف جي اڏام 4 لڳي 5 منٽن تي رواني ٿي.  پرويز مشرف سان گڏ سندس دوست طارق محمود به گڏ هو. پرويز مشرف کي سيٽ نمبر 6 جي،  ۽ ڪيبن نمبر ون ڏنو ويو. مشرف کي دبئي روانگي وقت سائي رنگ جي ٽي شرٽ پهريل هئي. جڏهن ته اي پي ايم ايل جي ترجمان آسيا اسحاق  پاران پرويز مشرف جي روانگي کان پوءِ  في امان الله مشرف جو ٽوئيٽ به جاري ڪيو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته پرويز مشرف دبئي جي برج خليفه جي ڀر ۾ پنهنجي رهائشگاهه ۾ ترسندو.  هڪ طرف چيو ويو ته پرويز مشرف کي چيلهه ۾ تڪليف آهي ته ٻي طرف وري اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته پرويز مشرف ڏاڪڻن ذريعي جهاز ۾ چڙهيو ۽ لٿو هو. شايد کيس پرڏيهه وڃڻ جي ايتري ته خوشي ٿي جو هو پنهنجي چيلهه جي تڪليف به وساري ويٺو ۽ بغير سهاري جي ڏاڪڻيون چڙهي جهاز ۾ داخل ٿيو.  اهي خبرون ٽي وي چينلن ۾ هلي رهيون هيون ته کيس چيلهه ۾ سور هو ته تنهن باوجود هو ڏاڪڻين ذريعي ڪئين لٿو؟. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پرويز مشرف تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جن ۾ اڪبر بگٽي قتل ڪيس به شامل آهي. جڏهن ته مشرف کي اڪبر بگٽي  قتل ڪيس ۾ آجو ڪيو ويو آهي پر تنهن هوندي به مٿس ٻيا ڪيس هلي رهيا آهن، جن بابت اها اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته  اهي به جلد ختم ٿي ويندا.  اڳوڻي سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال جي ڌماڪيداري انٽر بعد اڳوڻي آمر پرويز مشرف  ڌماڪيدار دبئي روانگي ڪئي آهي. جنهن تي پيپلزپارٽي به ناراض آهي. مارچ مهيني جا ڌماڪا به جاري آهن،  جن بابت خبر ناهي ته اهي ڪٿي وڃي دنگ ڪندا.
ڪجهه سياستدانن مارچ مهيني کي تمام گهڻو اهم  قرار ڏنو هو، مصطفيٰ ڪمال بعد ايم ڪيو ايم جي باغين جي فهرست ۾ واڌ  اهو ثابت ڪيو  ته مارچ مهيني ۾ ملڪ جون حالتون تمام گهڻيون تبديل ٿيون آهن.  پرويز مشرف ڳچي ۾ هار وجهي وڃي دبئي ويٺو  ۽ پ پ پاران سندس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. رات دير سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته  پارٽي اڳواڻ  پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر پنهنجي موقف کي مضبوط رکن،  پ پ چيئرمين پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلزپارٽي مشرف کي وردي لاهڻ ۽  صدارت ڇڏي،  آصف علي زرداري به مشرف جي احتساب جو مطالبو ڪري چڪو آهي پر چوڌري نثار طرفان چيو ويو آهي ته اهي ماڻهو پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ تي اعتراض ڪري رهيا آهن جن گارڊ آف آنر پيش ڪري کيس موڪليو هو.   


No comments:

Post a Comment