Pages

Thursday 31 March 2016

حڪومت جي طاقت جو ٻٽو معيار

صاحب خان ڀٽي
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس  آڏو ماڻهو هٿن ۾ ڏنڊا کڻي سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏئي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا هئا  ته ٻي طرف وري حڪومت به ڳالهين ذريعي معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي،  ڊي چوڪ تي جنهن ڏينهن کان ڌرڻو هنيو ويو، ان ڏينهن کان روڊ رستا به بند ٿي ويا هئا،  ڪم ڪار ڏانهن ويندڙ ماڻهو به تمام گهڻو پريشان هئا. حڪومت به سياڻپ ۽ عقلمندي جو مظاهرو ڪري رهي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي سندن پنهنجا ماڻهو هئا ۽ ڪنهن به صورت  هو نه پيا چاهين ته احتجاج ڪندڙ ن مٿان ڪو طاقت جو استعمال ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران ۽ پي اي ٽي سربراهه طاهر قادري جهڙا ليڊر به ريڊ زون ۾ ڌرڻو هڻي چڪا آهن.جن خلاف به طاقت جو استعمال نه ڪيو ويو هو.  اسلام آباد ڌرڻو هڻي ويٺلن سان وفاقي حڪومت ڳالهيون ڪري رهيو هئي ته جئين معاملي کي جلد کان جلد حل ڪيو وڃي پر جڏهن سپلاءِ استادن پنهنجي مطالبن لاءِ سي ايم هائوس طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهلڪار انهن مٿان ڪڙڪي پيا ۽ واٽر ڪينن جو به استعممال ڪيو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو به استعمال ڪيو ويو.  ڇاڪاڻ ته اهي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ ن وانگر نه هئا ۽ نه انهن وٽ ايتري طاقت هئي جو اهي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري سگهن، تنهن جي ڪري انهن مٿان اهڙو ظلم ڪيو ويو. صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو  به صرف اهو بيان ڏئي خاموش ٿي ويو ته کيس   سپلا استادن مٿان ٿيل واٽر ڪينن واري عمل تي افسوس ٿيو آهي.  اهو ئي سي ايم هائوس آهي، جنهن آڏو ماضي  ۾ صرف صفائي نه ٿيڻ سبب سوين ماڻهو ڌرڻو هڻي ويهي رهندا هئا ۽ انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي هئي. ايتري قدر جو ڪجهه ماڻهو  سي  ايم هائوس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي گند ڪچرو به اڇلائي ويا هئا پر انهن  خلاف به ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ،  ماضي ۾ به استادن، نرسن ۽ ٻين احتجاج ڪندڙن مٿان شيلنگ، واٽرڪينن  جو استعمال  ٿيندو رهيو آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرز  طرفان به جڏهن  احتجاج ڪيو ويو هو ته انهن مٿان به واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو اسعتمال ڪيو ويو هو. پر ڪنهن به اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺڻ جي زحمت نه ڪئي هئي.
سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو احتجاج ڪري انهن جي  احتجاج کي ختم ڪرائڻ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت لاءِ تمام گهڻو آسان هوندو آهي. آبادگار پنهنجي جائز حقن  خاطر روڊن تي اچن يا وري اهي استاد، جن کي ڪيتري عرصي کان پگهارن کان محرو ڪيو ويو هجي انهن جي احتجاج کي  ختم ڪرائڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي کاٻي هٿ جي راند آهي، پر شرط اهو آهي ته اهو احتجاج سنڌين جو هجي. چار ڏينهن ريڊ زون تي ڌرڻو هڻڻ  دوران آرمي کي طلب ڪيو ويو، جنهن کي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان  کان بچائڻ  لاءِ طلب ڪيو ويو هو.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار بيان ڏنو هو ته هو ڪنهن به صورت ۾  ريڊ زون کي خالي ڪرائي وٺندا. هن اهو چتاءُ به ڏنو هو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته پوءِ طاقت جو استعمال ڪندا، پر ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، جيڪي به احتجاج ڪندڙن جا مطالبا هئا انهن سمورن کي مڃيو ويو، بعد ۾ اهو چيو ويو ته  ڪوبه معاهدو  لکت ۾  نه ڪيو ويو آهي، جيڪي جائز مطالبا آهن انهن کي تسليم ڪيو ويو آهي. بهر حال  تحريڪ انصاف  جي سربراهه عمران خان، پي اي ٽي سربراهه طاهر القادري ۽ هاڻوڪي ڌرڻي  کي طاقت ذريعي ختم نه ڪرائڻ مان لڳي ٿو ته  ڪجهه ڌريون پنهنجا نوازي تي هلي رهيون آهن، جيڪي ڪڏهن به پنهنجن ماڻهن مٿان طاقت جو استعمال نه پيون ڪن.  رهي ڳالهه سنڌ ۽ سنڌين جي ته انهن کي لاش رکي احتجاج ڪرڻ جي به  اجازت ناهي.  ريڊزون ۾ عمران خان ڪيترائي ڏينهن ڌرڻو هنيو ويو پر ان  کي ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪيو ويو، پر  سنڌ ۾ احتجاج ڪندڙن مٿان لٺبازي ڪرائي وڃي ٿي. انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي  اڳواڻن خلاف ڪيس به داخل ڪيو وڃي.
اسلام آباد  جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ  تمام ڏکيو هوندو آهي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به تحرڪ ۾ اچي ويندا آهن پر هي واحد جمهوريت آهي، جيڪا 2 ڀيرا ريڊ زون ۾ ڌرڻو هڻڻ دوران فوج کي طلب ڪري چڪي آهي.   هن جمهوريت  ثابت ڪري ڏيکاريو  آهي ته هو ناڪام ٿي چڪا آهن،  ڇاڪاڻ ته فوج ان وقت طلب ڪئي ويندي آهي، جڏهن ٻيا سمورا ادارا ناڪام ٿي  چڪا هجن.  وفاقي  سرڪار اهو فوج کي طلب ڪري  اهو واضع ڪيو آهي ته  ڊي چوڪ تي احتجاج ڪندڙ حڪومت کان ڏاڍا هئا، جنهن لاءِ کين فوج  کان مدد وٺڻي پئي. عمران خان  جي ڌرڻي دوران به فوج کي اچڻو پيو هو، ان وقت   به سرڪاري عمارتن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي هئي.  هاڻوڪو مذهبي جماعتن جو ڌرڻو به لڳ ڀڳ چار ڏينهن جاري رهيو، وفاقي گهرو وزير چيو ته هنن وٽ انهن ماڻهن جون وڊيوز موجود  آهن، جن ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. چار ڏينهن ڌرڻو جاري رهڻ مان به حڪومت جي بيوسي ظاهر آهي. اڳتي هلي اڃان ڪيترا ڌرڻا هنيا ويندا ، جنهن بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر ايتري پڪ ضرور آهي جيڪڏهن مستقبل ڪو ڌرڻو لڳو ۽ ڌرڻو هڻندڙ عام سرڪاري ملازم هيو ۽ طاقتور ڌرين جو پنهنجو نه هوندو ته انهن لٺ ضرور وهائي هوندي، جنهن جا ڪيترائي مثال سنڌ مان ملن ٿا.
ڪراچي ۾ سي  ايم هائوس طرف احتجاجي ريلي ڪڍندڙ جي هٿن ۾ پاڪستان جو جهنڊو هو پوءِ انهن مٿان واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويو . جنهن دوران 5 کان وڌيڪ استاد زخمي ٿيا ته ٻي طرف وري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺلن وٽ ڏنڊا هئا جن سان حڪومت ۾ ويٺل پنهنجا نوازي ڪندڙ پيار ۽ محبت  جي ڪلامن سان انهن جو آڌر ڀاءُ ڪندا رهيا، هڪ نه، ٻه نه پر ٽي ڀيرا ڳالهيون ٿيون جنهن بعد وڃي ڪنهن حد تائين اهي وڃي پنهنجي منزل تي پهتا، پر شابس آهي سنڌ حڪومت کي جنهن هڪ ڀيرو به احتجاج ڪندڙ سپلا جي استادن سان ڳالهائڻ پسند نه ڪيو ۽ وسڪارو لائي ڏنو. واٽر ڪينن ۾ استاد ائين ترڪندا رهيا جئين لڌڙو ڦٿڪندو هجي،  ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي استعمال سبب استاد ڇڙ وڇڙ به ٿي ويا. اسان کي چوڌري نثار  واري اعلان بعد اها پڪ ٿي چڪي اهي ته ڊي چو ڪ  تي  جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته  چڪريون ٿي سگهن ٿيون  پر ائين نه ٿيون ۽ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ۽ هڪ دفعو ٻيهر جمهوريت جي ٽرين پٽڙي تان لهڻ کان بچي وئي. پر افسوس  به ٿيو ته  ڪراچي ۾ سپلا استادن جي احتجاج کي  ختم ڪرائڻ  وارو طريقو درست نه هو، سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن کي  به انهن سان ڳالهائڻ گهرجي ها  پر  صوبائي حڪومت هميشه انهن خلاف ئي ڪارروائي ڪندي آهي جيڪي انهن جا حامي هوندا ، جيڪي  انهن کي ووٽ به ڏيندا آهن، ايتري قدر جو سپلا ڪجهه استاد اهو به چوندا رهيا ته هو چونڊن  اليڪشن مهم ۾ ڊيوٽيون به ڏيندا آهن پر صوبائي حڪومت سندن مطالبا  ٻڌڻ  کان اڳ ئي سٽڪو واهي ڪڍو. صوبائي صلاحڪار جي سپلا استادن تي واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس  جي استعمال تي افسوس جو به اظهار ڪيو آهي، جيڪو به سٺو عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي ڪنهن به صوبائي وزير اهڙي عمل جي مذمت ناهي ڪئي. هي واحد صوبائي  وزير آهي جنهن پهريون ڀيرو پنهنجي ئي حڪومت جي فيصلي تي افسوس ڪيو آهي، شايد اهڙا ٻيا به وزير اچن ته جئين ٻيهر استادن تي طاقت جو استعمال ٿيڻ کان سوچيو وڃي ڇو ته سنڌ حڪومت هميشه  طاقت جو استعمال انهن تي ڪيو آهي، جيڪي  سنڌي هوندا آهن. جڏهن  مهاجر صوبي جي احتجاج ڪيو ويو هو ته تنهن وقت به حڪومت انهن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو هو، ڪجهه سياسي پارٽين به  احتجاج ڪيا پر انهن خلاف به طاقت جو استعمال ڪرڻا بدران  ڳالهيون ڪيون ويون. ماضي ۾ جڏهن ايس ٽي پي جي ريلي ڪراچي ۾ داخل ٿي رهي هئي ته ان کي روڪڻ لاءِ به طاقت جو استعمال ٿيو هو.
 سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت  کي انهن ماڻهن جا جائز مطالبا مڃڻ گهرجن جيڪي روڊن رستن تي آهن، جن جي استادن کان حڪومت جا تخت اونڍا نه ٿيندا هجن. حڪومت هميشه انهن ماڻهن جا مطالبا مڃيندا  آهي ، جن کان کين خطرو هوندو آهي ۽ اها پڪ هوندي آهي ته جيڪڏهن ڌرڻو جو احتجاج جاري رهيو ته سندن حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي، تحريڪ انصاف، طاهر القادري ۽ هاڻوڪي ڌرڻي حڪومت کي جيترو پريشان ڪيو آهي، جنهن جو تازو مثال نواز ليگ جي وزيرن جي مرجهايل چهرن مان ملي ٿو.  جئين ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جڏهن به ڪراچي ۾ احتجاج ڪندي هئي پيپلزپارٽي جا ميڙ منٿ قافلا پهچي ويندا جنهن تي سندن پارٽي جا وزير به ناراض ٿي ويندا پر انهن جي پارٽي کي ڪا به پرواهه نه هوندي هئي. ڪيترائي ڀيرا اهو لڪاءُ ڏٺو ويو.  پر جڏهن ته  سنڌ ۾  ڪٿي به جڏهن ڪو احتجاج ٿيو  آهي ته انهن  مٿان طاقت جو استعمال ڪيو ويو آهي. ڇا سنڌي  ۽  غير سنڌين تي ٻٽو طاقت جو معيار جاري رهندو يا وري  ان ۾ وقت سان گڏ ڪا تبديلي ايندي.

No comments:

Post a Comment