Pages

Monday 7 March 2016

نيب جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ جو فيصلو

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ ته گذريل ڪجهه عرصي کان نيب ۽ ايف آءِ اي طرفان ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، ان تي مختلف سياسي جماعتن جا ٻيڪاٽ به ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا آهن پر  جنهن ڏينهن کان پنجاب ۾ ڪارروائي جون ڳالهيون ٿيڻ شروع ٿيون آهن، تنهن ڏينهن کان وفاقي سرڪار وڏي ٿرٿلي ۾ اچي وئي  آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کان ويندي  اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد طرفان به نيب بابت  بيان جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ميڊيا تي به خبرون آهن ته نيب ۽ ايف آءِ اي  جي قانون  ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان  طرفان به چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي کي پنجاب ۾ ڪاررواين کان روڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي به صرف اهو ئي اعتراض آهي ته  ايف آءِ اي ۽ نيب صرف سنڌ ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن، انهن جو هميشه اهو مطالبو اهو رهيو آهي ته ٻين صوبن ۾ به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.  صرف پيپلزپارٽي کي نشانو نه بڻايو وڃي. اها ڳالهه  واضع  آهي ته  جڏهن سنڌ ۾ ڪارروايون ٿي رهيون هيون ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار  پُڇ تي لت اچڻ جو بحث ڇيڙي ڇڏيو هو ۽ هر طرف اهو ئي چرچو هو ته الائي ڪنهن جي پڇ تي لت ايندي، پڇ جي ته خبر  نه پئي ته ڪنهن جو هو؟ پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته جلد نيب ۽ ايف آءِ اي جي نڪ ۾ ناڪيلي ضرور وڍي ويندي۽ اهو فيصلو وفاقي سرڪار طرفان ڪيو ويو آهي.  هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته ڇا وفاقي سرڪار  نيب جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا پنجاب ۾ موجود ڪرپٽ ماڻهن  خلاف نيب کي ڪارروائي جي اجازت ڏيندي ويندي.  هونءَ ته وزيراعظم به نيب ۾ سڌارن  جو بيان ڏئي چڪو آهي. جنهن بعد نيب چيئرمين به چئي چڪو آهي  ته نيب جي قانون ۾ جهول آهن جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ وفاقي سرڪار جو ڪم آهي. اهڙي بيان بعد حڪومت  کي اڃان وڌيڪ  حوصلا افزائي ٿي آهي  ته نيب جي قانون ۾ جلد کان جلد ترميم ڪئي وڃي ته جئين پنجاب ۾ ڪارروائي سندن مرضي موجب ٿئي.
اها ئي وفاقي حڪومت هئي جڏهن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پارٽي جي وزيرن  خلاف ڪارروايون ٿي رهيون هيون  ته ان وقت  چيو ويو هو ته  ايف آءِ اي ۽ نيب خودمختيار ادارا آهن ۽ قانون موجب ڪارروايون ڪري رهيا آهن.  سنڌ ۾ تي نيب  ٽي ايم او کان وٺي  وزيرن تائين ڪارروايون ڪيون ويون آهن پر اهڙيون ڪارروايون ٻين صوبن ۾ ٿيندي نظر نه پيون اچن. صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو به تمام گهڻيون پريس ڪانفرنسون ڪري  چڪو آهي جنهن ۾ هن  چيو هو ته نيب  صرف ڪارروايون  سنڌ ۾ ڪري رهيو آهي. ڪجهه تجزيه نگار به اهو چئي رهيا هئا ته نيب جيڪي ڪارروايون ڪري رهي آهي، اهي تمام بهتر آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٿيل ڪرپشن  سبب قومي ناڻي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.  جنهن جو احتساب ٿيڻ تمام گهڻو لازمي آهي، پر اهو احتساب تڏهن ٿيندو جڏهن ادارا خودمختيار هوندا ۽ اهي ڪارروايون  صرف مخصوص پارٽي نه پر سڀني ڪرپٽ ماڻهن خلاف هونديون. جيڪڏهن صرف هڪ پارٽي کي نشانو بڻايو ويو ته ان تي تمام گهڻا سوال اٿندا. ڇاڪاڻ ته هن مهل تائين جيڪي به ڪارروايون ٿيون آهن، اهي صرف هڪ ئي پارٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن خلاف ٿيون آهن. جڏهن  ادارا صرف هڪ ڌر خلاف ڪارروائي ڪندا آهن ته پوءِ ان مان اهو ظاهر ٿي ويندو آهي ته اهو سمورو ڪنهن مخصوص ٽولي کان انتقام وٺڻ لاءِ ٿي رهيو آهي. ماضي ۾ به سياسي تنظيمون هڪ ٻئي خلاف اهڙا حربا استعمال ڪري چڪيون آهن، جن جا اسان کي ماضي جي تاريخ ۾ کوڙ سارا مثال ملن ٿا.  جڏهن کان سنڌ ۾ ايف آءِ اي ۽ نيب طرفان ڪارروايون شروع ٿيون ان کي سنڌ جي عوام تمام گهڻو ساراهيو آهي ۽ ان جي هن وقت تائين واکاڻ به جاري آهي.  اطلاعات جي وفاقي  وزير  پرويز رشيد چيو آهي ته گذريل 20 سالن کان مسلم ليگ ن جو احستاب ٿيو آهي،  ٻه ڀيرا پيپلزپارٽي احتساب ڪيو هو پوءِ  ڏهه سال مشرف احتساب ڪيو. پرويز رشيد چيو ته نيب جو موجوده ڍانچو پرويز مشرف ٺاهيون هو، جيڪو مسلم ليگ ن کي سزا ڏيڻ لاءِ هو. پرويز رشيد اهو به چيو آهي ته آئين ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي ته پوءِ نيب جي قانون ۾ ترميم ڇو نٿي ٿي سگهي.  پرويز رشيد طرفان اهو به چيو ويو آهي ته نيب احتساب عمل ۾ بهتريءِ جي گنجائش آهي. ٻي طرف عمران خان پنهنجي  بيان ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ اڻ ڌري نيب نه ٿيون جوڙي سگهن. پنهنجو نيب چيئرمين برداشت نه ڪندڙ اڻڌريون احتساب  ڪئين ڪرڻ ڏيندا؟. عمران خان جي بيان بعد  اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو  ته عمران خان ڪي پي ڪي ۾ نيب جو چيئرمين هٽايو  آهي کيس  ان بابت به سوچڻ گهرجي ها. ڏسجي ته  هر هڪ سياستدان  هڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي.  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به ڪرپشن خلاف قانون سازي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽  سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هڻڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق  وڌندڙ ڪرپشن خلاف قانون سازي جو مطالبو ڪندي  چيو آهي ته پاڪستان  ۽ ڪرپشن گڏ نٿا هلي سگهن. سراج الحق چيو ته ڪرپشن جو بازار ايترو ته گرم ٿي چڪو آهي جو مارڪيٽن ۾ زهر به خالص نٿو  ملي.  هن چيو  ته ڪرپٽ سياستدانن ۽ بيورو ڪريٽس جي ملي ڀڳت  سبب  ملڪ ۽ قوم کي بيدردي سان لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي. ملڪ ۾ مالي ڪرپشن سان گڏ چونڊ ڪرپشن به ڪئي پئي وڃي.  جڏهن ته  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ  سيد خورشيد  شاهه طرفان اهو بيان ڏنو ويو آهي ته ن ليگ پنجاب ۾ نيب کي ڌمڪيون ڏنيو آهي. اها ئي  وفاقي حڪومت نيب ۽ ايف آءِ اي جي  سنڌ ۾ ڪاررواين کي قانون موجب چئي رهي هئي ۽ هاڻ  انهي نيب جي اختيارن کي محدود ڪرڻ لاءِ  قدم کنيا پيا وڃن ۽  نيب خلاف زهر اوڳاڇو پيو وڃي.   خورشيد رشيد طرفان اهو به چيو ويو ته ن ليگ جو پڇ ايترو ته وڏو ٿي ويو آهي جيڪو پيرن هيٺان لتاڙجي رهيو آهي.  ن ليگ چور چور گيم جون رڙيون ڪري رهي آهي، هنن وٽ به ڳالهائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.
جڏهن به ڪو ترقياتي منصوبو شروع ٿيندو آهي ته  ان جي شروعات پنجاب کان ٿيندي آهي ۽ اهو منصوبو جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وارو هوندو آهي ته اهو اڌ ۾ رهجي ويندو آهي،  ان جو سڀ کان وڏو سبب هڪ ته حڪومت تبديل ٿي ويندي آهي يا وري فنڊن جي کوٽ سبب اهو منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويندو آهي.  پر هن ڀيري وفاقي حڪومت ڪرپشن جي جاچ سنڌ کان شروع ڪئي آهي جيڪا پنجاب ۾ داخل ٿيڻ اڳ ئي اختتام تي پهچندي نظر اچي رهي آهي. پر سڄي قوم ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهي آهي. ڏٺو وڃي ته ملڪ جي چئني  صوبن ۾ هن وقت تائين درست نموني احستاب  ٿيندي نظر نه پيو اچي، ڇاڪاڻ ته هر هڪ ماڻهو سنڌ ۾ ٿيل نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين مان  مطئمن هو ۽ سڄي قوم پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به نيب جي ڪاررواين لاءِ منتظر هئي پر افسوس هاڻ سڄي قوم کي انتظار ئي ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف احتساب ادارن کي آزاد سڏيو وڃي ٿو ته ٻي طرف انهن ادارن جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ جون ڪوششون به ڪيون پيون وڃن. هن وقت تائين نواز ليگ جي ڪنهن به وزير جي پڇ تي لت نه آئي آهي، ان باوجود  نواز ليگ جا وزير رڙيون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن ۽ اهو چئي رهيا آهن ته آئين ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي  پوءِ نيب جي قانون ۾ ترميم ڇو نٿي ٿي سگهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڪا به حڪومت  آئي آهي، ان پنهنجي سهولت خاطر   آئين ۾ ترميم ڪئي آهي.  هن وقت تائين آئين ۾ جيتريون به ترميمون ٿي چڪيون آهن، ان بابت شايد ڪنهن کي به علم نه هوندو ۽ نه ئي ڪنهن کي ان بابت لکڻ جي ضرورت پئي آهي.  هاڻ ان بابت عدليه سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته آئين جي اڳ اصل شڪل ڪهڙي هئي ۽ هاڻ ڪهڙي ٿي و ئي آهي. بهر حال آئين  ۾ ترميم ته پنهنجي جاءِ تي پر نواز سرڪار ته نيب کي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  ان باوجود به هاڻ نيب جي قانون ۾  ترميم ڪرڻ جو  سوچيو پيو وڃي. وزيراعظم نوازشريف  به اهو  بيان ڏنو هو ته نيب آفيسرن کي گهرن ۾ وڃي تنگ ڪري رهي آهي. اهو عمل بند ٿيڻ گهرجي. ڏٺو وڃي ته  ملڪ جو وزيراعظم نيب خلاف رڙيون ڪندي نظر پيو اچي ۽ ان لاءِ رڙيون ڪري رهيو آهي ته نيب  جاچ جو دائرو وڌايو  آهي.  نواز ليگ جو رويو به مختلف آهي، پيپلزپارٽي خلاف ڪرپشن جي جاچ ٿئي ته اها درست  آهي پر جيڪڏهن سندن وزيرن خلاف ڪجهه به ڳالهايو وڃي ٿو ان کي برداشت ڪرڻ جي  به وٽن همت ناهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف  ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه  به ڪجهه ڏينهن اڳ چيو  هو ته پنجاب جا سمورا سياستدان کير سان ڌوتل آهن ۽ انهن ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي، ۽ پنجاب جا وزير به ان بيان کي سچ سمجهي ويٺا  آهن ۽ انهي لاءِ نيب جي قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته نواز ليگ ڪهڙي ريت چيو ته نيب مشرف  جو جوڙيل ادارو آهي پر اهو ئي ادارو هو جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان  ڪم ڪري رهيو هو پر ان وقت نواز ليگ کي اهو بيان جاري ڪرڻ جي ضرورت ڇو نه پئي؟ هاڻ کين ڇو ايڏي اچي ڳڻتي ورايو  آهي. ان مان  هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته وفاقي حڪومت  پنجاب ۾ ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪرڻ چاهي ، ڇاڪاڻ ته هو کير سان ڌوتل آهن.  جيڪڏهن پنجاب  ۾ ڪنهن   به هڪ ڪرپٽ وزير جي ڳچي ۾  هٿ نه وڌو ويو ته ان کي اهو سمجهيو ويندو ته سنڌ ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو ويو.


No comments:

Post a Comment