Pages

Thursday 17 March 2016

بيلسٽڪ ميزائل تجربن تي عالمي طاقتن کي ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي
ڏهاڪي کان ٻڌندا پيا اچون ته  عالمي طاقتون ايٽمي تجربا ڪندڙ ملڪن تي پابنديون لڳائينديون آهن. ايران تي به ماضي  ۾ ڪيتريون پابنديون لڳايون ويون جيڪي هڪ معاهدي تحت ختم ڪيون ويون پر  ايران جي هاڻوڪي بيلسٽڪ ميزائل  تجربي تي آمريڪا کي هڪ دفعو ٻيهر ڳڻتي ۾ وجهي  ڇڏيو آهي. جنهن سبب ايران تي نيون پابنديون لڳايون ويون آهن، هڪ طرف ايران بيلسٽڪ ميزائلن جا تجربا ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ايران به  عالمي طاقتن کي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو آهي. هاڻ لڳي ٿو ته عالمي طاقتن کي پين ڪلر جي به ضرورت نه پوندي ڇو ته مستقبل ۾ ٻيا ملڪ به   اهڙا تجربا ڪري سگهن ٿا. سعودي عرب ته آمريڪا کان هٿيار خريد ڪري پنهنجو گذاروڪري رهيو آهي ۽ اهو واحد ملڪ آهي جيڪو آمريڪا جو سڀ کان وڌيڪ هٿيار خريد ڪندڙ  ملڪ آهي. جنهن جو اعتراف آمريڪا پاڻ به ڪندو رهيو آهي. سعودي عرب کي هن وقت تائين ڪنهن به  ملڪ کان خطرو ناهي رهيو ڇا ڪاڻ ته  سعودي عرب واحد ملڪ آهي جيڪو مسلمان ملڪن جو مرڪز سڏيو  ويندو آهي ۽ ان تي حملو ڪرڻ کان اڳ ڪو به سپر پاور ملڪ هزار بار سوچيندو.  پر پوءِ به سعودي عرب هاڻ پنهنجي فوج سان گڏ دفاعي صلاحيتن  جي واڌ لاءِ به ڪوششن ۾ رڌل آهي.  ماضي ۾ آمريڪا عراق تي به ڪيميڪل هٿيار رکڻ جو الزام لڳائي حملو ڪيو هو ۽ ان ۾  ڪامياب به ٿي ويو هو.  عراقي حڪومت کي ان ڪري شڪست ملي ته  حڪومتي مخالف ڌڙا  اڳواڻن کان خوش نه هئا ۽ انهن جو موقف هو ته  هنن سان تمام  گهڻي ناانصافي ٿي آهي،  عراق تي حملي بعد آمريڪا ڪاميابي ماڻي، محنت  اتان جي عوام جي هئي ۽ ڪاميابي  جو تاج آمريڪا کي پارايو ويو، پر اڄ تائين  عراق ۾ حالتون بهتر نه ٿي سگهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا ۾ به اهي خبرون نشر ڪيون ويون هيون ته ايران فوجي مشقن دوران ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل تجربا ڪيا آهن، جنهن جي تصديق ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف به ڪئي هئي. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف  پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته بيلسٽڪ ميزائل تجربا بچاءِ لاءِ ڪيا ويا، جنهن سان ڪنهن کي به ڪو خطرو ناهي، نه ئي ميزائل تجربن سان  عالمي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. ايران طرفان اها خاطري به ڪرائي وئي ته هو ڪنهن به ملڪ تي حملي لاءِ ڪو به ذريعو استعمال نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ميزائل استعمال ڪيو ويندو. ايران طرفان اهي به بيان جاري ڪيا ويا هئا ته هنن ڪڏهن به عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪو اهڙو هو قدم کڻندا جنهن سان  ڪنهن کي نقصان پهچي. ايراني پرڏيهي وزير طرفان اهو بيان ڏنو ويو هو ته  جيڪي ماڻهو ايران جي ميزائل پروگرام خلاف شڪايتون ڪري رهيا آهن، اهي هنن کي چيلينج سمجهن ٿا. ڏٺو وڃي  ته هڪ طرف ايران جا لاڳاپا سعودي عرب سان بهتر ناهن ته ٻي طرف وري اهو ئي ملڪ  آمريڪا کي  چڙ ڏياريندڙ ڪم ڪري رهيو آهي. آمريڪا ڪيترائي ڀيرا عالمي طاقتن سان گڏجي ايران تي پابنديون لڳائي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ جنيوا ۾ به ڳالهيون ٿيون هيون، جنهن ۾ معاهدي تحت ايران تي لڳل پابنديون هٽايون ويون. جڏهن ته هاڻوڪي بيلسٽڪ ميزائل تجربن کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي سڏيو ويو آهي.  ايران به پنهنجي موقف تي  اٽل آهي ۽ چئي  رهيو آهي ته هر هڪ ملڪ کي پنهنجي دفاع جو حق آهي ۽ هو اهو حق ڪنهن به صورت ۾ کسڻ نه ڏيندا.  ايران طرفان هر بيان ۾ اهو واضع ڪيو ويو آهي ته  سندن ميزائل تجربن سان ڪنهن کي به ڪو نقصان نه ٿيندو ۽ نه ئي وري هو ڪنهن به ملڪ تي اهو استعمال ڪندا.  هر هڪ ملڪ به اهوئي چاهي ٿو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سمورا معاملي سفارتي طور تي حل ٿي وڃن. تجزيا نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳايون ويون ته ايراني معيشيت کي تمام گهڻو نقصان پهچندو ۽ معيشيت ڪمزور ٿي ويندي. جنهن جا خطي تي به اثر پئجي سگهجن ٿا. ٻي طرف وري شيخ نمبر جي موت واري سزا بعد ايران جا سعودي سان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، جن ۾ هن وقت تائين ڪا به گهٽتائي نه اچي سگهي آهي.  جڏهن شيخ نمر کي ڦاهي ڏني وئي تڏهن ايران ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني تي حملي سبب ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا وڌي ويا هئا، ٻنهي ملڪن ۾ تڪرار وڌي وڃڻ سبب آمريڪا طرفان  به ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، جنهن بابت هن وقت تائين ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي. جڏهن به  ايران ڪو تجربو ڪندو آهي ته عالمي طاقتن کي تمام گهڻي ڳڻتي ٿي ويندي آهي.  پاڪستان جا به ايران سان لاڳاپا ايترا سٺا نه آهن، ڇاڪاڻ ته نمبر شيخ جي ڦاهي کان پوءِ پيدا ٿيل  صورتحال پاڪستاني قيادت جي بيانن  سبب ايراني عملدار ن  ۾ به تاءُ پکڙيل آهي. شيخ نمر جي ڦاهي کان پوءِ پاڪستاني قيادت جو لاڙو صرف سعودي ڏانهن هو ۽ پاڪستان به  حمايت جي خاطري ڪرائي چڪو آهي.  2008ع ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هڪ هزار ميگاواٽ بجلي خريد ڪرڻ جو معاهدو طئي ڪيو ويو هو، ايران صرف پاڪستان کي بجلي وڪرو ڪرڻ  جي حد تائين دلچسپي نه پيو رکي  پر  هو پاڪستان  کي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ گنجائش ۾ اضافو ڪرڻ واري پراجيڪٽ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ به تيار هو.  شيخ نمر جي ڦاهي بعد پاڪستاني  قيادت جي هڪ طرفي پاليسي  سبب  قومي اسيمبلي  جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه بيان ڏنو هو ته ايران ۽ سعودي عرب ٻئي اسلامي ملڪ آهن، جنهن لاءِ  حڪومت کي  هڪ جهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جا دورا ڪرڻ گهرجن.
ايران  ته  بيلسٽڪ ميزائل تجربا ڪري رهيو آهي  پر اتر ڪوريا طرفان به ايٽمي  بم تجربي کان پوءِ ميزائل تجربا شروع ڪيا ويا آهن، جنهن سبب آمريڪا،  برطانيا ۽  فرانس سميت عالمي طاقتن کي ڳڻتي  ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جي هر سطح تي مذمت به ڪئي پئي وڃي. اتر ڪوريا جي سربراهه پيانگ يانگ   ته ايٽمي  ايٽمي تجربا جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيانگ يانگ پنهنجي جاري ڪيل بيان  ۾ چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا تجربا بند ڪندا، ڀلي کڻي مٿن ڪيتريون به پابنديون لڳايون وڃن. ڪجهه مهينا اڳ اتر ڪوريا اهو اعلان به ڪيو  هو ته هنن هائيڊروجن بم جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، جنهن سبب اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.  ڏکڻ ڪوريا  اهو الزام به لڳايو هو ته  اتر ڪوريا سيٽلائٽ  ميزائل خلا ۾ موڪليو آهي، جيڪو عالمي ڀڃڪڙي آهي، ڏکڻ ڪوريا طرفان به اتر ڪوريا تي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو  ڪيو ويو، جنهن تي آمريڪا سميت عالمي طاقتن اتر ڪوريا ته نيون پابنديون لڳايون جنهن ۾ وڌيڪ سختيون به ڪيون ويون پر ان باوجود  اتر ڪوريا  تجربن کي پاسو نه ڪيو ۽ پنهنجا تجربا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.  اتر ڪوريا جي  ايٽمي ۽ ميزائل تجربن سان سڀ کان وڌيڪ خطرو ڏکڻ ڪوريا کي آهي ۽ انهي لاءِ   ڏکڻ ڪوريا واحد ملڪ  هو جنهن سڀ کان پهرين اهو انڪشاف ڪيو هو ته  اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ آيل زلزلو قدرتي نه هو پر اهو هڪ ايٽمي تجربي سبب آيو. جنهن  بعد اتر ڪوريا پاڻ ئي اعتراف ڪيو هو. جنهن بعد آمريڪي سينيٽ اتر ڪوريا تي وڌيڪ معاشي پابندين جي گڏيل راءِ سان منظوري ڏني وئي. آمريڪي سينيٽ جي ميمبرن جو چوڻ هو ته اتر ڪوري اجا تازا ايٽمي ۽ ميزائل تجربا  چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي آهي، ان ڪري ان تي وڌيڪ سخت پابنديون لڳايون وڃن. نئين ٺهراءِ جي منظوري کانپوءِ اتر ڪوريا مان شيون ۽ ٽيڪنالاجي ، انساني تباهي جي هٿيارن ۽ تربيتي سمان جي آمدني واپار  يا انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هجي ان تي پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون.  آمريڪي سينيٽ ۾ گذريل ڏينهن به وڌيڪ نيون پابنديون لڳايون ويون تنهن باوجود  اتر ڪوريا ته ڪو به اثر نه پيو .
هڪ طرف آمريڪا  ۽  عالمي طاقتون  ايٽمي هٿيارن جي روڪٿام لاءِ قانون جوڙي رهيون آهن ته ٻي طرف وري  انهن جي ڀڃڪڙي  ڪندي ملڪ سامهون اچي رهيا آهن. جيڪا ڳالهه آمريڪا سميت عالمي  طاقتن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ڇاڪاڻ ته عالمي طاقتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته  ڪو به ننڍو ملڪ سندن مقابلو ڪري. جنهن سبب انهن جي اها ڪوشش آهي ته پابنديون لڳائي انهن ملڪن کي جهڪايو وڃي. عراق تي حملو ڪرڻ ته آمريڪا  لاءِ آسان هدف هو ، جنهن تي صرف ڪيميڪل هٿيارن جو الزام لڳائي حملو ڪيو ويو، جيڪي هٿيار هن وقت تائين سامهون ناهن اچي سگهيا.  باقي رهي ڳالهه ايران ۽  اتر ڪوريا جي ته اها ڳالهه صاف  ظاهر آهي ته آمريڪا  هاڻ اها غلطي ڪڏهن به نه ورجائندو ۽ ايران ۽ اتر ڪوريا تي ڪنهن به صورت ۾ حملو نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت اتحادي فوج، شام، عراق ۽ افغانستان سميت ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ڦاٿل آهي.  آمريڪا به چاهي ٿو ته انهي معاملي جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي جنهن سبب هو خاموشي اختيار ڪري ويٺو آهي. هڪ طرف آمريڪي صدر بارڪ اوباما جو به آخري وقت آهي ۽  ويندي ويندي هو  به ڪنهن ملڪ اندر حملي ڪرڻ جي ڪين سوچيندو باقي ڌمڪي ۽ پابندين ذريعي  ڊيڄارڻ جي ڪوشش  ضرور ڪندو ته جئين سندس دٻ دٻو برقرار رهي. آمريڪا هونءَ به ڪيترائي ڀيرا ايران ۽ اتر ڪوريا جو معاملو  سينيٽ ۾ پيش ڪري چڪو  آهي جنهن دوران ايران تي  نيون پابنديون لڳائڻ جو بل پاس ڪيو ويو آهي ۽ پابنديون به لڳايون ويون آهن، پر هن وقت به سموري عالمي طاقتن جو اهو خيال آهي ته سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن.


No comments:

Post a Comment