Pages

Saturday 5 March 2016

الزامن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پ پ ۽ متحده

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي سٽي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال جي ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به پنهنجي پريس ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ  تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ سينيٽر رحمان ملڪ  پاران بيان جاري ڪيو ويو  هو ته آصف علي زرداري خميس ڏهاڙي هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو پر رحمان ملڪ کي دفعو ٻيهر ميڊيا تي اچي اهو بيان ڏيڻ پيو ته ڊاڪٽرن کيس پريس ڪانفرنس نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، جنهن سبب آصف علي زرداري کي اها پريس ڪانفرنس ملتوي ڪرڻي پئي. اسين سڀ ان اوسيئڙي ۾ هياسين ته آصف علي زرداري اچي ڪي اهم انڪشاف ڪندو. اڃان اسان آصف علي زرداري جي پريس ڪانفرنس جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ته اڳوڻو سٽي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال ڪراچي پهچي دونهيدار پريس ڪانفرنس ڪئي، هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهڙا ته انڪشاف ڪيا جيڪي نوان ته نه هئا پر وڏي اهميت وارا ضرور هئا. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به اهڙا الزام لڳائي چو  آهي پر هي اهميت وارا ان جي لاءِ آهن ته سندن پارٽي جو هڪ اڳواڻ ئي انهن مٿان الزام لڳائي رهيو آهي. ماضي ۾ به اهڙيون اڪثر ڳالهيون سنڌ جو اڳوڻو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به ڪري چڪو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪو ڪجهه ماضي ۾ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو، اهو سڀ ڪجهه هن وقت تائين ماڻهن جي ذهننن ۾ آهي، مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس ۾ فرق صرف ايترو هو ته هو  پيپلزپارٽي  جو هو ۽ مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي پارٽي جو آهي، جنهن جي تعريف  متحده اڳواڻ فاروق ستار توڙي متحده سربراهه ڪندي ڪين ٿڪبا هئا. اهي ئي چوندا هئا ته سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال سبب ڪراچي جو نقشو تبديل ٿيو، پر هاڻ اهي مٿس الزام لڳائي رهيا آهن.  اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال  طرفان نيئن سياسي پارٽي ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي ۽ هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هزارين ماڻهن  سندس پارٽي ۾ شموليت لاءِ ساڻس رابطو ڪيو آهي.  پاڪستان عوامي تحريڪ به ملڪ اندر صدارتي  نطام جو مطالبو ڪندي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ٻنهي ڄڻن جو موقف ساڳيو نظر اچي رهيو آهي پر  اتي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته هُن هن وقت تائين صدارتي نظام جو مطالبو ناهي ڪيو ۽ شايد ڪڏهن ڪندو به نه...!!  مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته سندن پارٽي سربراهه جي ڪري هر اردو ڳالهائيندڙ کي را جو ايجنٽ  سمجهيو  وڃي ٿو، مهاجر پڙهيل لکيل هئا پر اڄ جاهل ٿي ويا آهن، مصطفيٰ ڪمال جيڪو ڪجهه پارٽي سربراهه بابت ڳالهايو ، ان جو ته ڪنهن تصور به نه ڪيوهو.   سندس بيان ۾ اهو چيو ويو آهي ته متحده سربراهه  فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي بار بار قبضي ڪرڻ جي دعوت به ڏني، 4 دفعا الطاف حسين حڪومت کان ڌار ٿيو ۽ وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون پر  چار ئي دفعا گهٽ پگهار تي واپس حڪومت ۾ کين اچڻو پيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم قيادت زرداري  نظام جي خاتمي جون ڳالهيون ڪيون، سٽي ناظم چيو ته متحده سربراهه رات جو گاريون ۽ صبح جو معافي وٺندو آهي، روشنين جي شهر جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو. ڪلفٽن ۾ پي ٽي آءِ جي عورتن خلاف ٻه تلوار تي تلوارن جو حڪم ڏنو ويو هو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پي ٽي آءِ کي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙن 8 لک کان وڌيڪ ووٽ ڏنا، اها صرف 5 سالن دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪردگي جي نفرت ۾ ڏنا ويا. هن اهو به چيو ته  انهن ووٽرن عمران خان جي محبت ۾ نه پر متحده جي نفرت ۾ ووٽا ڏنا آهن. ٻي طرف ڪراچي ۾ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي گهر جي سيڪيورٽي به سخت ڪري رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي.  شهر جي مختلف علائقن جي ڀتين تي مصطفيٰ ڪمال جي حمايت ۾ وال چاڪنگ پڻ ڪئي وئي آهي. ڀتين تي ڀليڪار مصطفيٰ ڪمال ۽ ڪراچي خوشحال جا نعرا پڻ لکيا ويا آهن.  هوڏانهن ايم ڪيو ايم طرفان مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي پارٽي ميمبرشپ ختم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي ۽ متحده مصطفيٰ ڪمال جي الزامن کي جڙتو قرار ڏيندي ڪارڪنن کي متحده ۽ پر امن رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته نديم نصرف طرفان چيو   ويو آهي ته هڪ ٽيليفون آپريٽر کي سٽي ناظم ۽ سينيٽر بڻايوسين، اڄ اهو سندن خلاف ڳالهائي رهيو آهي. مصطفيٰ ڪمال جي شڪل ۾ ڪمرشل فلم جي اڄ پهرين قسط ڏٺي آهي. اهڙن بيان بعد لڳي پيو ته هاڻ   متحده  ۽  مصطفيٰ ڪمال وچ ۾ اڃان وڌيڪ ڇڪتاڻ  تيز ٿي سگهي ٿي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه طرفان به چيو ويو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس جو ڪراچي ۽ ملڪ جي حالتن تي ڪو فرق نه پوندو، هنن اهڙيون گهڻيون پريس ڪانفرنسون ٻڌيون ۽ ڏٺيون آهن.  اياز لطيف پليجي طرفان به بيان ڏنو ويو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني کي صولت مرزا ۽ اجمل پهاڙي بابت وضاحت ڪرڻ بدران 12 مئي، 22 مئي ۽ 9 اپريل جي قتل عام تي معافي وٺڻ گهرجي ها. اياز لطيف پليجو  چيو ته مصطفيٰ ڪمال کي آئين جي آرٽيڪل 17  ڪي  تحت پارٽي ٺاهڻ جو حق آهي،  ايم ڪيو ايم ٻڌائي ته را کان ڪهڙيون هدايتون ورتيون؟.
ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  پنهنجين پنهنجين پارٽين خلاف پنڊورا باڪس کولي رهيا آهن جنهن  تي هر هڪ شخص کي يقين ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هن وقت عزير بلوچ جو چيپٽر به ٿورو بند نظر اچي رهيو آهي، جڏهن اهو کليو   ۽ ان به انڪشاف ڪيا ته پوءِ لڳي ٿو ته وڏا وڏا بت  به ڊهي پوندا،  بهرحال هن وقت عزير بلوچ خلاف اڃان وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي، جنهن لاءِ قوم کي اڃان ٿورو  انتظار ڪرڻو پوندو.  جڏهن سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ڪئي هئي تڏهن  لڳي ايئن پيو ته ڄڻ ڪراچي بند ٿي ويندو، ٿوري دير لاءِ ته پيٽرول پمپن تي قطارون لڳي ويون  پر ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو جنهن مان اهو لڳي پيو ته سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر کان بهتر ٿي آهي. نه ته ماضي ۾ هڪ افواهه تي به سڄي شهر جا روڊ ويران ٿي ويندا هئا  ۽ هر طرف   گوليون جو آواز ٻڌڻ  ۾ ايندو هو. هڪ طرف پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خلاف ڪرپشن جي جاچ ٿي رهي آهي ته ٻي طرف ايم ڪيو ايم تي پنهنجا ئي اڳواڻ را کان مدد وٺڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن. هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو هو ته پيپلزپارٽي  اڳواڻن خلاف ٿيندر ڪرپشن وارو معاملو دٻجي ويندو پر اهو رڪجندي نظر نه پيو اچي. ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ نيب پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح  سيڪيورٽي ادارا به دهشتگردن  کي چٿڻ لاءِ  هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن.  هن وقت تائين ٿيل ڪاررواين ۾  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مقابلن ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ۽ گرفتار ڪيو آهي. جنهن سان شهر جون رونقون بحال ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. پر  قادري واري معاملي سبب ڪجهه ماڻهو روڊن تي نظر اچي رهيا آهن جيڪي احتجاج ڪندي صحافين کي به نشانو بڻائي رهيا آهن. ماضي ۾ سياسي تنظيمن جون خبرون نه هلائڻ تي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن ۽ حملا ڪيا ويندا هئا هاڻ به اهو سلسلو جاري آهي. هڪ طرف ادارا صحافين کي  هدايتون ته جاري ڪن ٿا پر انهن کي سيڪيورٽي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. قادري جون خبرون نشر ڪرڻ تي ڪجهه ٽي وي چينلن کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا هئا، هڪ طرف صحافتي ادارن کي  نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن ته ٻي طرف وري  قادري جي حمايت ۾ احتجاج ڪندڙ صحافين  جي گاڏين ۽ صحافين کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا  آهن،  حيدرآباد ۾  به مڇريل ماڻهن صحافين تي تشدد ڪيو، جنهن جي نتيجيي ۾ ڪيترائي صحافي زخمي ٿي  پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه طرفان به  حيدرآباد ۾ صحافين تي تشدد  جي مذمت ڪئي وئي آهي.  حملو ڪندڙن کي شايد اها خبر ناهي ته  هو ڪنهن تي حملو ڪري رهيا آهن، هي اهي صحافي آهن جيڪي مظلوم ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائيندا آهن ۽ انهن تي حملو ڪرڻ  وڏي زيادتي آهي.
جڏهن کان سنڌ ۾ ڪرپشن  ڪندڙن خلاف ڪارروايون  شروع  ٿيو آهن،  ان وقت کان ڪيترن ئي حڪومتي  وزيرن جون ننڊون ڦٽل آهن. ڪجهه ته پرڏيهه ۾ ترسيل آهن ته  ڪن آفيس اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي پر نيب توڙي ايف آءِ اي پنهنجين ڪاررواين ۾ مصرف نظر اچي رهي آهي. تعليم کاتي ۾ جيڪي جعلي ڀرتيون ڪيون ويون انهن خلاف به جاچ هلندڙ آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جيڪي به انڪشاف ڪيا آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي يا  وري اهي پريس ڪانفرنسون صرف ميڊيا تائين محدود ٿي وينديون. ڇاڪاڻ ته اهڙن ڇرڪائيندڙ انڪشافن بعد قوم به سچ معلوم ڪرڻ لاءِ منتظر آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو سيڪيورٽي ادارن تي اعتماد بحال ٿي چڪو آهي، سڄي سنڌ ۾ ڪرپشن ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۾ هڪ خوف پيدا ٿيو آهي  ۽ اهي ڪرپشن ڪرڻ کان اڳ سئو بار سوچي رهيا آهن. جنهن سان عوام کي تمام گهڻو فائدو پهچي رهيو آهي ۽ عوام به اهو چاهي ٿي ته اهڙيون ڪارروايون جاري رهن ۽ ڏوهن کي ختم ڪرڻ لاءِ به جيڪا قدم کنيا پيا وڃن اهي  جاري  ۽ ساري رهن ته جئين هو سک جو ساهه کڻي سگهن.


No comments:

Post a Comment