Pages

Wednesday 23 March 2016

برسلز ۾ دهشتگردي، عالمي طاقتن لاءِ هڪ نئون چيلينج

صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ شايد ڪو ئي اهڙو ملڪ  باقي بچيو هجي، جتي دهشتگردي نه ٿي هجي. هر ملڪ امن جي ڳولا ۾ آهي. پاڪستان، انڊيا، افغانستان، آمريڪا، يورپ سميت سڄي دنيا امن ۽ دهشتگردن جو خاتمو چاهي ٿي. هڪ طرف  آمريڪا سميت سموريون عالمي طاقتون دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ڪري رهيون آهي ته ٻي طرف وري  دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ دهشتگرد سولائي سان پنهنجيون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن.  پيرس حملي بعد جنهن ريت جاچ کي اڳتي وڌايو ويون جنهن مان اندازو لڳايو ويو  هو ته پيرس حملي جي جوابدارن کي جلد سوگهو  ڪيو ويندو، پر افسوس جو پيرس حملي جي جوابدارن جي گرفتاري ۾ سهڪار ڪرڻ وارن ملڪن ۾ دهشتگرد ڪارروايون شروع ٿي ويون آهن. جنهن مان  اهو واضع آهي ته دهشتگرد  جنهن مهل به   چاهين پنهنجيون ڪارروايون ڪري سگهن ٿا. جنهن کي روڪڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. 13 نومبر 2015ع ۾ آپگهاتي حملي آورن ڌماڪا ڪيا هئا ۽ يرغمال ماڻهن کي قتل ڪيو هيو، جنهن  دوران سڄي دنيا سوڳ ۾ وٺجي وئي هئي. پيرس حملي جي ذميواري به داعش قبولي هئي.  پاڪستان سميت گڏيل قومن به واقعي  جي مذمت  تمام گهڻي مذمت ڪئي هئي. پيرس حملي  بعد ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو هو.  جن مان ڪجهه جو تعلق روس ۽ ڪجهه جو شام سان ٻڌايو ويو هو. آمريڪي صدر بارڪ اوباما به داعش کي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏنو ۽ اهو اعلان ڪيو هو ته داعش جنهن به ملڪ ۾ هوندي ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ هو ڪنهن کان به اجازت نه وٺندا.  شام ۾ به هن وقت تائين ڪارروايون جاري آهن، عراق ۽ يمن ۾ به داعش  خلاف اتحادي فوج جون ڪارروايون جاري آهن. ڪجهه  ڏينهن اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جان ڪربي بيان ڏنو هو ته افغانستان جي صوبي هلمند ۾ داعش پنهنجيون پاڙيون مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،  جنهن کي روڪيو ويندو. آمريڪي پرڏيهي ترجمان اهو به چيو هو ته  هو  ڪنهن به صورت ۾ داعش کي افغانستان اندر پکڙجڻ نه ڏيندا، جنهن بعد پاڪستان ۾ به ڪجهه هنڌن تي  داعش جي چاڪنگ ڪئي وئي، جنهن جون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيون ۽ اخبارن ۾  به داعش جي چاڪنگ بابت تصويرون جاري ڪيون ويون هيون. ايتري قدر جو ڪراچي سميت  ملڪ جي مختلف شهرن مان داعش جا سهولتڪار به گرفتار ڪيا ويا هئا، جن جي  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  طرفان به دعويٰ ڪئي وئي هئي.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار طرفان بيان جاري ڪيو ويو هو ته ملڪ ۾ داعش موجود نه آهي، اهڙين  خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.
19 مارچ 2016 ع ۾ بيلجيئم جي شهر  مولن بيڪ  ۾ داعش جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جيڪو 8 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. جنهن ۾ بيلجيم جي اٽارني جنرل اها دعويٰ ڪئي هئي ته هنن پيرس حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ صالح عبدالسلام کي گرفتاري ڪيو آهي. اٽارني جنرل پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هنن مقابلي بعد کيس حراست ۾ ورتو، جنهن دوران کيس ڄنگهه ۾ گولي لڳي. ٻي طرف بيلجيم ميڊيا  تي به اهي خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته سندن سيڪيورٽي ادارن پيرس جي ماسٽر مائينڊ کي سندس ٻن ساٿين سوڌو  سوگهو ڪري ورتو آهي. بيلجيم جو اٽارني جنرل جڏهن پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته هو تمام گهڻو مطئمن ۽ خوش نظر اچي رهيو هو. سندس بيان مان ائين لڳي  پيو ته هن وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. بيلجين جي اٽارني جنرل صالح  عبدالسلام کي ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ جي به تصديق ڪئي هئي. فرانسيسي ميڊيا تي به اهي خبرون هلي رهيون هيون ته صالح  عبدالسلام کي 5 ساٿين سميت مولن بيڪ واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻي طرف اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته بيلجين ڊاڪٽر   صالح عبدالسلام جي يادداشت بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ سندس مٿي تي به ڌڪ لڳا هئا، جنهن سان سندس يادداشت ختم ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو. بيلجين جي سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صالح عبدالسلام پيرس حملي بعد برسلز پهچي ويو هو،  جنهن بعد سندس رابطو پيرس ۾ هوندو هو. پرڏيهي ميڊيا اها به دعويٰ ڪئي هئي ته پيرس تي حملو ڪندڙن جو شام ۽ داعش سان رابطو هو . پيرس حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ صالح عبدالسلام جي گرفتاري بعد  فرانسيسي صدر اولانڊ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته صالح  عبدالسلام پيرس حملي جو مبينا مرڪزي جوابدار آهي. فرانسيسي صدر بيلجين حڪومت کي صالح عبدالسلام جي حوالگي  جي درخواست ڪئي هئي ۽ اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته بيلجين حڪومت صالح عبدا لسلام  کي سندن جلد کان جلد حوالي ڪندي.  پر بيلجين   حڪومت فرانس کي ڪو به مثبت جواب نه ڏنو، جنهن مان لڳي پيو ته بيلجين حڪومت اڃان وڌيڪ  صالح عبدالسلام  کان وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.  آمريڪي صدر بارڪ اوباما به فرانسيسي صدر  اولانڊ ۽ بيلجين جي وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪري کين واڌايون ڏنيون ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته  پيرس حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ جي گرفتاري بيلجين حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي.  بارڪ اوباما  چارلس مائيڪل کي پڻ مبارڪون ڏنيون هيون.
پيرس حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ صالح عبدالسلام جي گرفتاري کي  ٻه ٽي ڏينهن  ئي گذريا هئا ته اچانڪ  دهشتگردن هڪ دفعو ٻيهر  پيرس حملي جهڙي تاريخ ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. دهشتگردن بيلجين جي گادي واري شهر برسلز  کي نشانو بڻايو، ميٽرو اسٽيشن  ۽ ايئرپورٽ تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ عام شهرين کي نشانو بڻايو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب سي سي ٽي ڪئميرا مان ورتل فوٽيجز ۾ مبينا آپگهاتي حملي آور سان گڏ هڪ شخص به ڀرسان بيٺل  هو،  ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي آپگهاتي حملي آورن ڌماڪا  ڪيا جنهن بعد ٽيون شخص فرار ٿي ويو هو.  جنهن کي بيلجين جي پوليس حراست ۾ ورتو، جنهن ٻڌايو ته هو ٽيڪسي ڊرائيور آهي، هن ٽنهي ڄڻن کي کنيو هو، جڏهن ته ٽنهي ڄڻن کيس سندن بيگ کي هٿ لاهڻ نه ڏنو هو ۽ کيس انهن جي بيگ بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي.  ٽيڪسي ڊرائيور  چيو ته هو وڌيڪ ڪجهه به نٿو ڄاڻي. جڏهن ته ڌماڪن جي ذميواري داعش قبول ڪري ورتي،  هي ڪارروائي بيلجيم جي گادي واري شهر ۾ ڪئي وئي، اها ڪارروائي ان وقت ڪئي وئي آهي، جنهن وقت  پيرس حملي جي  مبينا مرڪزي ڪردار  صالح عبدالسلام جي گرفتاري  عمل ۾ آئي آهي. هن وقت تائين صالح عبدالسلام کي  فرانس جي حوالي ته ناهي ڪيو ويو پر شايد هاڻ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته  هاڻ بيلجين ۽ روس گڏجي داعش خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪندا.  پرڏيهي ميڊيا موجب صالح عبدالسلام  فرانسيسي شهري آهي، جنهن کي بيلجين مان گرفتار ڪيو ويو.
برسلز حملن بعد بيلجين ۽ روس جي هڪ مقصد هوندو ته هو ڪنهن به ريت  داعش کي شڪست ڏين ۽ آمريڪا به ان سندن مڪمل سهڪار ڪندو ۽ اهو سئو سيڪڙو طئي آهي ته آمريڪا به  داعش کي ڇٿڻ لاءِ هر  ممڪن وسيلا ڪتب آڻيندو، جيتوڻيڪ سمورن  اسلامي ملڪن برسلز  حملي جي مذمت ڪئي آهي ،  جڏهن ته مختلف ملڪن جي سربراهن طرفان دهشتگرد ڪاررواين  کي روڪڻ لاءِ  هر ممڪن سهڪار جي به آڇ ڪئي وئي آهي.  پر هن وقت تائين  بيلجين طرفان ڪو به رد عمل ظاهر ناهي ڪيو ويو. آمريڪا، بيلجين ۽ روس جي  ايندڙ حڪمت عملي ڇا هوندي جنهن صرف اهو اندازو لڳائي  سگهجي ٿو. هن ڀيري وري ڪو ٻيو اسلامي ملڪ سندن جي ور چڙهي ويندو. اهو  ملڪ ڪهڙو هوندو  جنهن بابت ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو. پيرس حملن بعد شام ۽ يمن ۾ ڪارروايون تيز ڪيون و يون هيون  ۽ هاڻ جڏهن  بيلجين جي گادي واري شهر تي حملو ٿيو آهي ته الائي ڪهڙي ملڪ جي قسمت  ڦٽندي ۽ ان تي حملو ڪيو ويندو. پيرس حملي جو  گرفتار مبينا ماسٽر مائينڊ صالح عبدالسلام به فرانسيسي شهري آهي. روس مان به داعش جا سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ عالمي طاقتون داعش  کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙين ٿيون.


No comments:

Post a Comment