Pages

Sunday 27 March 2016

معدني وسيلا هئڻ باوجود سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ

صاجب خان ڀٽي
گذريل سال گرمي جي موسم ۾ تمام گهڻي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتال ڀيڙو ٿيا هئا  ۽ تقريبن ٻه اڍائي هزار ماڻهو  هيٽ اسٽروڪ سبب فوت به ٿيا هئا.  بجلي فراهم  ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي پر افسوس جو هن وقت تائين انهن ادارن ۾ ڪو سڌار نظر ناهي آيو. وفاقي  توڙي صوبائي حڪومت  طرفان  وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ويون هيون ته جلد لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏيندا پر اهو واعدو صرف واعدو ئي رهجي ويو آهي. حڪومت بجلي بحران کي ختم ڪرڻ جو اعلان ته ڪري ٿي پر منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. سنڌ اندر ڪوئلي جا وڏا ذخيره موجود آهن ۽ انهن ذخيرن تي ڪم به هلي رهيو آهي، ڪوئلو به نڪري رهيو آهي پر اهو ڪڏانهن پيو وڃي؟ ۽ ان تي ڪهڙن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ اهي سنڌ منصوبا سنڌ کي ڪيترو فائدو ڏيندا، ان بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.  سنڌ مان گئس به وڏي مقدار ۾ نڪري رهي آهي پر ان مان سنڌ کي ڪيترو سيڪڙو فراهم ڪئي پئي وڃي، شايد ان بابت سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ميبرن کي به ڄاڻ نه هوندي.  قدرت به سنڌ تي وڏي مهربان آهي جو مختلف شهرن مان پيٽرول به نڪري رهيو آهي،  ڪيتريون اهڙيون تيل ڪمپنيون  قائم به ڪيون ويون آهن پر اتي به ناانصافيون ڪيون پيون وڃن.  افسوس جو انهن تيل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي به روزگار فراهم نه پيو ڪيو وڃي. ايتري قدر جو سنڌ ۾تيل جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنيون  آبادگارن  جي زمين تي ڌماڪا ڪن ٿيون جنهن سبب سندن فصل به سڙي وڃي ٿو ۽ زمين به پوکي جي لائق نٿي رهي احتجاج باوجود ڪو به سندن دردن جو درمان بڻجڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ نه ئي سندن احتجاج کي ڪا  وڌيڪ ڪوريج ڏني وڃي ٿو. جنهن سبب انهن جو آوز اتي ئي دٻجي وڃي.  ٺٽو، گهوٽڪي، نوابشاهه، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ تيل ڪمپين جي ڪيل ڌماڪن هڪ طرف رهواسين جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي ته ٻي طرف  جن جاين تي ڌماڪا ڪيا وڃن ٿا اتي فصل جي پوکي به نٿي ٿئي.  بهر حال اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت به حد ڪري ڇڏي آهي. ٿڌ جي موسم ۾ به بجلي جي 10 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وئي ۽ هاڻ به ايتري ئي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي. ٿڌي موسم ۾ نه پکا ۽ نه ئي وري اي سيون يا ايئر ڪولر هلندا آهن پر پوءِ الائي اهڙو ڪهڙو بجلي ڪمپنين وارن تي ڏمر آهي جو اهي پنهنجي عادت کان  رڪندا ناهن. هاڻ ته لوڊشيڊنگ جو عوام به عادي ٿي ويو آهي ۽ حڪومت صرف سکڻا دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آهي.
 افسوس جي ڳالهه آهي ته  وفاقي  حڪومت  بجلي بحران کي ختم ڪرڻ بدران تڪراري فيصلا ڪري رهي آهي، جنهن سان صوبن  ۾ ويڇا وڌي رهيا آهن. اهو به دور هو جڏهن ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ نه هئڻ جي برابر هئي پر جئين جئين آبادي وڌندي وئي تئين تئين بجلي جي بحران سان گڏ ٻيا ڪيترائي بحران به وڌي ويا آهن. بجلي جو بحران ته  الائي ڪڏهن ختم ٿيندو پر هن وقت عوام آزار ۾ اچي ويو آهي. ڪجهه عرصواڳ نيشنل پاور ريگيو ليٽري اٿارٽي نيپرا پنهنجي سالياني رپورٽ  ۾ پاڻيءَ ۽ بجلي واري وزارت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا هئا، نيپرا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته بجلي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ ڄاڻي واڻي ڪئي وئي، جڏهن ته سرڪاري پاور پلانٽ به صلاحيت موجب گهربل بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام  رهيا. رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو هو ته 2014-2015ع  سرڪاري  پاور پلانٽ رڳو 41 سيڪڙو بجلي پيدا ڪري سگهيا، جناح پن بجلي رٿا مان به گهربل بجلي پيدا نه ٿي سگهي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ٿرمل پاور پلانٽن کي به ڄاڻي واڻي بند ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪجهه سرڪاري پاور پلانٽن جون مشينون ڄاڻي واڻي بند ڪيون ويون جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو وقت وڌايو ويو. اهڙي رپورٽ اچڻ بعد به وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ۾ ويٺل وزيرن کي ڪجهه به محسوس نه ٿيو، جنهن سبب هن وقت به عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهي.  نيپرا جي رپورٽ مان صاف ظاهر آهي ته وفاق ۾ ڪجهه ويٺل ماڻهو بجلي بند ڪرائي پنهنجا  مرضي جا فيصلا ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن سبب هن وقت تائين بجلي  جي لوڊشيڊنگ جو جنگ بوتل ۾ بند نه ٿي سگهيو آهي.  جيڪڏهن هن ڀيري به لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ لڳي ٿو ته هن  دفعي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي حياتين تان هٿ کڻي ويهي رهندا. ڪجهه ڏينهن هڪ تقريب ۾ پيپلزپارٽي جي هڪ صوبائي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته هن ڀيري به هيٽ اسٽروڪ سبب ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا.  بيان ڏيڻ ته ڪيترو آسان آهي پر حڪومت ۾ ويهي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ڪيترو ڏکيو آهي، ان جو اندازو هن حڪومت ۾ ويٺلن مان لڳائي سگهجي ٿو.  ڇاڪاڻ ته کين ايترو به وقت نه ملي سگهندو آهي جو هو پنهنجيون مصروفتيون ڇڏي ڪنهن عوام ماڻهو جا مسئلا حل ڪن. گذريل هيٽ اسٽروڪ ۾  جيڪي ماڻهو فوت ٿيا، جن کي هن وقت تائي ويساري ناهيون سگهيا. هڪ طرف اها ظالم گرمي هئي ته ٻي طرف اي سي ۾ ويٺل حڪمران جيڪي صرف پنهنجا بيان ڏئي پنهنجي سياست چمڪائي رهيا هئا.  ڪجهه سياستدان ته ڪئمپون لڳائي برف جا ٽڪرا  رکي ماڻهن کي ٿڌو پاڻي پياري فوٽو سيشن به ڪري رهيا هئا. پر ڪنهن به هڪ  وزير طرفان اهو ٻڌڻ ۾ نه آيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ لاءِ ڪي قدم کنيا ويندا. اڍائي هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ باوجود حڪومت هن وقت تائين ڪو بجلي جو منصوبو شروع ڪري ناهي سگهي. وفاقي حڪومت  وٽ گرين بس، اورينج بس، فري وائي فائي سروس جي لاءِ ڪيترائي فنڊ موجود آهن پر انهن وٽ بجلي جا  نوان منصوبا ته ٺهيو پراڻن کي بحال ڪرائڻ لاءِ به فنڊ موجود نه آهي، يار وري وفاقي  حڪومت ڄاڻائي واڻي بجلي جو بحران ختم ڪرڻ نٿي چاهي جنهن سبب بجلي جو بحران ڪر کنيو بيٺو آهي. ڇو ته سال گذرڻ باوجود وفاقي حڪومت جي ڪن تي هن وقت تائين جونءَ به  نه چري آهي.  
سنڌ ۾ جڏهن به بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ٿيو  آهي ته وفاقي حڪومت ۾ ويٺلن جي صرف اها  ئي شڪايت هوندي آهي ته وڏا ڊيم نه پيا ٺاهين جنهن سبب بجلي بحران پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن انهن سياستدانن کان پڇيو ويندو آهي ته اڳ ۾ جيڪي تعمير ٿيل ڊيم  آهن انهن مان ڪيتري بجلي جي پيداوار آهي ته اهي ڪمي وانگر خاموش ٿي ويندا آهن ۽ وري هڪ دفعو ٻيهر موسمي ڏيڏرن وانگر ٽانءُ ٽانءُ ڪري ٻاهر نڪرندا آهن ۽ انهن جي وات ۾ صرف ڪالا باغ ڊيم جو ذڪر ئي هوندو آهي. جنهن سبب نڪي بجلي بحران جي خامتي لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن ۽ نه وري صوبائي حڪومت چاهين ٿيون ته بجلي جو بحران ختم ٿئي. حڪمرانن کي ته اهو خدشو آهي جيڪڏهن عوام کي بجلي، پاڻي ۽ گئس جهڙيون بنيادي سهولتون ملي ويون ته اهي کانئن  ٽڪي ٽڪي جو پڇاڻو ڪندا جنهن سبب عوام کي گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ ٻين مسئلن جي ور چاڙهيو ويو آهي.  جنهن مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ آسان نه آهي. سنڌ مان ڪوئلو، گئس ۽  پيٽرول به نڪري رهيو آهي پر ان باوجود سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ وڌيڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي. سنڌ  ۾  ڪيترائي ٻهراڙي وارا علائقا آهن. جن ۾ گئس ته ڇا بجلي جي سهولت به ميسر ناهي. هن جديد دور ۾ اهڙي سهولتن کان محروم بڻيل آهن.
هاڻ گرمي هڪ دفعو ٻيهر وڌڻ طرف وڃي رهي آهي.  صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي طرفان به هيٽ اسٽروڪ ۾ ٻيهر ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي پر هن وقت تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ  جي وقت ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر نه پيو اچي .  بجلي سان گئس جو به بحران وڌندو پيو وڃي، نه ڪئي  گئس صحيح نموني ڪئي پئي وڃي ۽ نه وري  بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ خاتمو اچي سگهيو آهي. حڪمران هڪ ٻئي جي ڄنگهه ڇڪڻ ۾ لڳا پيا آهن. نيب ، ايف آءِ اي ۽  را جي دهشتگردن جو چرچو به وڏو هلي رهيو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿيلن بابت ناهي سوچيو ۽ نه ڪا حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آهي. جيڪڏهن  حڪومت هن ڀيري به سخت گرمي دوران لوڊشيڊنگ جاري رکي ته پوءِ هڪ ڀيرو  ٻيهر هزارين ماڻهو حياتيون وڃائي ويهندا ان جو ذميواري به موجوده حڪمران هوندا.

No comments:

Post a Comment