Pages

Tuesday 8 March 2016

عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي هڪ وڌيڪ حوا ڄائي قتل

صاحب خان ڀٽي
جڏهن سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن جي عالمي ڏهاڙي 8 مارچ جون تياريون عروج تي پهچي چڪيون هيون  ۽ ڪن هنڌن تي ته سيمينار به ڪوٺائڻ جو سلسلو  به شروع ٿي چڪو هو شايد اها ڪنهن کي خبر نه هئي ته سنڌ اندر انهي رات هڪ وڌيڪ حوا ڄائي کي  موت جي چادر اوڙهائي ويندي.  عورتن جي حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي دادو ضلعي جي سيوهڻ شهر کان تقريبن 35 ڪلو ميٽر فاصلي تي جهانگرا ويجهو ڳوٺ ڪاهي ۾ هڪ عورت کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو. جڏهن اها خبر ميڊيا تي آئي ته لڳو واقعي اڄ به سنڌ ۾ عورت کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جو سلسلو هلندو پيو  اچي. افسوس به ٿيو ته هي واقعو ان وقت پيش آيو جنهن وقت سنڌ ۾ ڏيکاءُ  طور عورتن جي حقن لاءِ سيمينار ڪوٺائيندڙ  به مصروف هئا. جيڪي هميشه اهي ئي دعوائون ڪندا رهندا آهن ته هو سنڌ اندر عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. سنڌ ۾  ڪيتريون اين جي اوز  آهن جن جي به اها ئي دعويٰ آهي ته هو  عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙي رهيا آهن، پر عملي طور تي هن وقت تائين عورتن جي حقن بابت جاڳرتا لاءِ ڪا به مهم نه هلائي وئي آهي.  اين جي اوز کي ڇڏيو پر سياسي توڙي سماجي ڌريون به عورتن جي حقن بابت ڳالهائڻ کان لنوائي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته جنهن ڏينهن کان پنجاب ۾ عورتن جي حقن بابت بل پاس ٿيو آهي مذهبي جماعتن طرفان به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن،  افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهي مذهبي تنظيمون جڏهن سنڌ ۾ ڪارو ڪاري واري ڪڌي رسم خلاف ڪو واضع پاليسي يا موقف نه ڏئي سگهيون آهن ۽ نه ئي انهن مذهبي تنظيمن طرفان ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آهي. گذريل ڪيتري ئي ڏهاڪي کان سنڌ ۾ ٿوڙي تبديلي ضرور آئي آهي، ڇاڪاڻ ته  جنهن ڏينهن کان ڪارو ڪاري قرار ڏئي قتل ڪندڙن کي سزا ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي آهي. هاڻ سنڌ جا  صرف ٻهراڙي وارا علائقا بچيا آهن، جتي اها ڪڌي رسم اڄ به قائم آهي. جنهن ڏينهن ڪارو ڪاري الزام هيٺ قتل ڪندڙ جوابدارن کي سخت کان سخت ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته يقينن اهڙن واقعن ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ايندي. ۽ ڪيترين ئي حوا ڄاين جون حياتيون بچي وينديون.  
عورتن جي حقن جو عالمي ڏهاڙي جي تاريخ 8 مارچ  آهي ۽ اهو ڏينهن ان ئي تاريخ تي ملهايو ويندو آهي.  سنڌ سميت سڄي دنيا  ۾ ساڃاهه وندن طرفان وڏا وڏا سيمينار به ڪوٺايا ويندا آهن.  عورتن جي حقن  جو عالمي ڏهاڙو سڀ کان پهريون  28 فيبروري 1909ع تي آمريڪا ۾ ملهايو ويو هو، جنهن بعد عورتن جي حقن لاءِ  تحريڪ  جو قيام عمل ۾ آيو. عورتن کي بنيادي، سماجي ۽ معاشرتي حق ڏيڻ جون ته هن وقت تائين وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون وڃن  پيون پر هن وقت  افغانستان، ڀارت، پاڪستان ، بنگلاديش، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ عورتن کي حقن کان محروم رکيو ويو آهي. افغانستان ته ايڏو ظلم آهي جو عورت کي گهر مان منڍي ڪڍڻ تان به ڪوڙا هنيا ويندا آهن،  انهن جي نظر ۾ جيڪڏهن عورت غير مرد کي ڏسي تي ان کي سزا ڏيڻ ضروري آهي ۽ سمورا حوالا مذهب ذريعي ڏيندا آهن، سوشل ميڊيا تي ڪيتريون اهڙيون وڊيون اپ لوڊ ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪجهه مذهبي ماڻهو عورت جي ڄنگهن کي پڪڙيو ويٺا آهن ته هڪ وري ان کي ڪوڙا هڻڻ واري فتويٰ تي عمل ڪندي نظر اچي رهيو آهي. جڏهن به اهڙيون وڊيون منظر عام تي اينديون آهن ته ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عورت کي ڪيترا حق ڏنا پيا وڃن. سعودي عرب ۾ عورتن کي گاڏي هلائڻ کان روڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي پر اهڙو ڪهڙو سبب آهي جو  عورتن تي  اهڙي پابندي لڳائي  پئي وڃي. جيڪڏهن  ڏٺو وڃي ته افغانستان  ۽ پاڪستان ۾ عورتن کي حق اٽي ۾ لوڻ برابر ملي رهيا آهن. جنهن  سبب عورتن تي تشدد وارن واقعن جي شرح  تمام گهڻي آهي.   پاڪستان ۾  پ پ طرفان عورتن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پڻ بل منظور ڪيو ويو آهي. 2008ع ۾ منظور ڪيل بل ۾ اهو ڄاڻايو ويو  آهي ته عورت کي زبردستي شادي تي مجبور ڪرڻ، ڏي وٺ جي شادي ڪرڻ، سڱ چٽي ڏيڻ ۽ ٻين ناانصافين خلاف سزائون ۽ ڏنڊ وجهڻ جون تجويزون ڪيون ويون آهن.  سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جيڪي ٻڌڻ  بعد انسانيت جو شرم کان ڪنڌ ئي جهڪي وڃي ٿو. ڪجهه ماڻهو ته نياڻين کي شرط هارائڻ عيوض ڏئي ڇڏين ٿا ته ڪي وري پئسن جي لالچ ۾ اچي ڪري ڏين ٿا. پوليس ڪجهه اهڙيون شاديون روڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. جيڪو پڻ سٺو عمل آهي.
سنڌ جو ڪو اهڙو هنڌ بچيل نه هوندو جتي عورتن تي تشدد يا انصافي  ٿيندي هجي، ڪيترين ئي عورتن کي ته بي رحم ماڻهن زهر هاريو جن جا ڪيترائي سنڌ ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن پر افسوس جو عورتن جي چهرن تي زهر اڇلائيندڙن کي ڪا سزا ناهي ملي سگهي. جيڪڏهن اهڙن بي رحم ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿئي ها ته  ماروي جي ديس ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها ۽ نه ئي ڪنهن  ماڻهو کي اها همت ٿئي ها ته اهو ڪنهن عورت جي  چهري تي زهر اڇلائي ها.  ماروي جي ديس ۾ ته ڪيتريون اهڙيون ناريون آهن ، جن  جون اغوا بعد مذهب  مٽرائي شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ عدالتن به انهن  خلاف ڪو به قدم ناهي کنيو. رينڪل ڪماري کان ويندي هزارين ناريون سنڌ ۾ اغوا ٿي چڪيون  آهن، جن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. جن جا و ارث هن وقت تائين سراپا احتجاج آهن. ڪيترائي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ بااثر وڏيرن نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ اسڪول بند ڪري پنهنجيون اوطاقون بڻائي ڇڏيو ن آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم داءُ تي لڳل آهي. عورتن جي حقن  لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون يا گهٽ آهن يا وري جيڪي آهن اهي ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي  به ڪوششون نه ڪري رهيون آهن. جنهن سبب  عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي شهر سيوهڻ ۾ 35 ڪلو ميٽر فاصلي تي جهانگارا ويجهو قائم ڳوٺ ڪاهي ۾ غلام مرتضيٰ عرف دادن نوهاڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀيڻ نورجهان نوهاڻي ۽ آصف نوهاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي خبر بعد لڳو ته  شايد اهو عورتن جي حقن واري عالمي ڏهاڙي تي تحفو ڏنو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪندڙن کي سزا ناهي ملندي، جيڪڏهن سزا ملندي به آهي ته ان جو قتل سان پري پري تائين ڪو به واسطو ناهي هوندو. جنهن سبب اها بااثر شخص پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ  هر ممڪن وسيلا ڪتب آڻيندا آهن. ماروي جي هن ديس ۾ سياسي، سماجي توڙي ساڃاهه وند ڌرين کي گهرجي ته عورتن جي حقن لاءِ  هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي  ڪارو ڪاري ۽ جرڳو ڪندڙن خلاف هڪ تحريڪ هلائن ته جئين  ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل ٿيل  نارين سان انصاف ٿي سگهي ۽ قاتلن کي سزا ملي، جيڪڏهن هر هڪ قاتل کي سز ته پوءِ سنڌ ۾ اهڙي ڪڌي رسم  نالو نشان ئي نه رهندو.


No comments:

Post a Comment