صاحب خان ڀٽي
ملڪ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين سنڌين کي هر شعبي ۾ پوئتي
رکيو ويو آهي، جنهن جو مثال ملڪ جي هر
اداري مان ملي ٿو، پوليس هجي يا وري ٻيا سرڪاري ادارا ، انهن ۾ سنڌي نوجوانن کي گهٽ ترجيح
ڏني وئي آهي. جڏهن پي ايس ايل جو اعلان ٿيو هو، تنهن وقت سنڌ جي ننڍن وڏن
شهرن ۾ ڪرڪيٽ رانديگرن کي اها اميد ٿي ته شايد انهن کي به موقعو ملندو پر ائين نه ٿيو، اهي ساڳيا رانديگر شامل ڪيا
ويا، جن کي اڳ به آندو ويو هو، انهن رانديگرن
۾ نه ڪو سنڌي هو ۽ نه ئي ڪو بلوچ هو. پي
ايس ايل ۾ صوبن جي شهرن جي نالن سان ٽيمون ته ٺاهيون ويون پر افسوس جو انهن ٽيمن ۾
اتان جي ماڻهن کي شامل نه ڪيو ويو. پر پوءِ به سنڌي نوجوان ڪرڪيٽ کي تمام گهڻو شوق
سان ڏسندا آهن ۽ پنهنجي ئي ملڪ جي ٽيم جي
سپورٽ ڪندي نظر ايندا آهن. اهي سنڌي نوجوان پنهنجو سڄو ڪم ڪار ڇڏي پاڪستان ۽ ڀارت
ميچ ڏسڻ لاءِ به تمام گهڻو بيچين هوندا آهن، ڀلي کڻي کين سمورا ضروري ڪم ڇو نه
ڇڏڻا پون، اهي نوجوان ملڪ جي ٽيم جي کٽڻ تي جشن به ڪندا آهن ۽ هارائڻ تي مايوس به
ٿيندا آهن،پر ان باوجود ملڪ جي قيام کان هن وقت تائين ڪنهن به هڪ سنڌي کي قومي ٽيم
۾ شامل ناهي ڪيو ويو. هونءِ ته ٻين
شعبن ۾ به سنڌين کي نظراندا ڪيو ويندو آهي
پر ڪرڪيٽ ۾ نظر انداز ڪرڻ سان نوجوانن ۾
تمام گهڻي مايوسي ڇانيل آهي. وفاقي توڙي صوبائي سطح تي به جيڪڏهن سرڪاري نوڪرين جو
جائزو وٺنداسين ته اتي به سنڌين جو سيڪڙو
گهٽ هوندو. پنجاب، بلوچستان، ۽ ڪي پي ڪي صوبي ۾ به سنڌي نوجوانن کي ڪيتريون سرڪاري
نوڪريون ڏنيون ويون آهن، جنهن بابت شايد ڪنهن کي ڪا به ڄاڻ نه هجي پر سنڌ ۾ هن وقت
به پوليس، هجي يا وري واٽر بورڊ اتي به ٻين صوبن جي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون
ويون آهن. جنهن سبب ڌرتي ڌڻي بيروزگاري کي
منهن ڏئي رهيا آهن. جڏهن به ملڪ ۾ ڪو ترقياتي منصوبو شروع ٿيندو آهي ته ان جي
شروعات به ٻين صوبن کان ڪئي ويندي آهي، جيڪو سنڌ تائين پڄڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويندو
آهي، جنهن جو فائدو به صرف هڪ صوبي کي ئي
ملندو آهي. جڏهن حڪومت طرفان بيروزگار نوجوانن کي پرڏيهه روزگار ڪرڻ لاءِ موڪلڻ جو
سلسلو شروع ڪيو ويو ته ان وقت به سنڌي نوجوانن کي محروم رکيو. ٻين صوبن جي ڳالهه
ته پنهنجي جڳهه تي رهي پر سنڌي نوجوانن لاءِ پنهنجي ڌرتي به تنگ ڪئي وئي آهي.
ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ به سنڌين کي داخلائن کان محروم رکيو ويو آهي. جنهن جون دانهون اسان ميڊيا تي ٻڌندا رهيا
آهيون. هونءَ ته سنڌي نوجوانن کي هٿ وٺي
پوئتي ڌڪڻ جو سلسلو تمام گهڻو اڳ کان هلندڙ آهي، جيڪو رڪڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. پر
هر هڪ سنڌي نوجوان اها اميد لڳايو ويٺو آهي ته شايد ڪا اهڙي ڪا حڪومت ايندي جيڪا
اچي سندن مسئلا حل ڪندي پر ائين ٿيندي نظر نه پيو اچي. سنڌ واسين پيپلزپارٽي کي
ووٽ ڏنو ته جئين سندن مسئلا حل ٿين، پر پيپلزپارٽي جي بيوسي ڏسي نه پيو لڳي ته اها
ڪي حق سنڌي نوجوانن کي وٺرائي ڏيندي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾
پيپلزپارٽي جي حڪومت رهي آهي، پر ان باوجود اها پارٽي هڪ يونيورسٽي جي غيرقانوني
فيصلن کي به روڪرائي نه سگهي آهي. ڪراچي جون سموريون يونيورسٽيون سنڌ حڪومت جي حڪم
باوجود پنهنجي هوڏ تي قائم آهن. جيڪڏهن
پيپلزپارٽي يونيورسٽين ۾ سنڌين جي داخلائن تي لڳايل پابندين کي هٽرائي نه ٿي سگهي
ته پوءِ اها پارٽي سنڌ ۾ وڏا منصوبا ڪهڙي ريت شروع ڪري سگهي ٿي؟.
ملڪ جي امن امان جي صورتحال ته بهتر نه ٿي آهي پر حڪمرانن
جو ڌيان هن وقت به ڪرڪيٽ تي لڳو پيو
آهي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون
جنهن ڏينهن کان شروع ٿيون تنهن ڏينهن کان هر
هڪ سياستدان طرفان صرف ڪرڪيٽ بابت ئي بيان ڏنا پئي ويا، ايتري قدر جو ڪجهه
سياستدان ته ميچون ڏسڻ لاءِ پرڏيهه به ويا. ڪجهه مهينا اڳ منهنجو “ سياست جي ور چڙهيل ڪرڪيٽ
” جي عنوان سان مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ مون لکيو هو ته ڪرڪيٽ سياست جي ور چڙهي وئي آهي، ان وقت قومي
ٽيم جا رانديگر به هڪ ٻئي سان سياست ڪندي
نظر اچي رهيا هئا، مطلب ته هڪ ٻئي جون
ڄنگهون ڇڪڻ ۾ لڳا پيا هئا ۽ ڪجهه سياستدان به ڪرڪيٽ ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهيا آهن. هاڻ جڏهن پاڪستاني ٽيم ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي
ايونٽ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي، تنهن باوجود ڪرڪيٽ ٽيم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو
پيو وڃي. شاهد آفريدي جي مداحن پاران به سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي، جنهن وقت قومي
ٽيم ڏيهه واپس اچي رهي هئي ان وقت سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. اييتري قدر
جو ميڊيا کي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت به نه ڏني وئي هئي. لاهور ۾ جنهن مهل
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جهاز مان لٿي ته ايئرپورٽ تي شيم شيم جا نعرا لڳي ويا هئا، ان
باوجود قومي ٽيم جا رانديگر کلندي مرڪندي واپس پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي
ويا هئا.مداحن جو ته اهو مطالبو هو ته پوري ٽيم کي تبديل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته
پاڪستاني ٽيم بنگلاديش جهڙي ڪمزور ٽيم کان به شڪست کاڌي هئي. جنهن تي مداح به تمام
گهڻو ڪاوڙيل هئا. هن وقت به ڪرڪيٽ ٽيم جي
ڪارڪردگي بابت سوال اٿي رهيا آهن.. ميڊيا تي به خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته ڪرڪيٽ
ٽيم جي سمورن رانديگرن وچ ۾ اختلاف تمام گهڻو وڌي ويا آهن، جنهن سبب قومي
ٽيم ۾ ٻه گروپ ٿي ويا آهن، هڪ گروپ شاهد
آفريدي کي پنهنجو ماضي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش
ڪري رهيو آهي، جن جو مقصد به اهو آهي، جنهن ريت ماضي ۾ شاهد آفريدي هڪ الڳ
گروپ ٺاهيو هو ۽ ڪپتان جي استعيفيٰ ڏيڻ
بعد انهن پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ڇڏي هئي. هن ڀيري به شاهد آفريدي سان به اهو
ئي حشر ٿيو آهي جيڪو هن ماضي ۾ پنهنجي سينيئرن سان ڪيو. اڄ کيس اهو ڏسڻو پئجي رهيو
آهي. افسوس آهي، 11 رانديگرن تي ٻڌل ٽيم جي نااهلي سبب سڄي قوم کي مايوس ٿيڻو پيو
آهي. جيڪڏهن انهن رانديگرن خلاف اڳ ۾ ئي
جاچ ڪرائي انهن خلاف قدم کنيو وڃي ها ته اڄ عالمي سطح تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو وقار
خراب نه ٿئي ها. احمد شهزاد به ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچ ۾ ائين کيڏيو جئين هوڪا ون ڊي
ميچ کيڏي رهيو هو، شاهد آفريدي به سٺي
ڪارڪردگي نه ڏيکاري ۽ قوم کان معافي ورتي،
هيڊ ڪوچ وقار يونس به معافي وٺي پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو. ماضي ۾ ٽيم تمام
گهڻو مضبوط هئي ۽ رانديگرن ۾ جذبو هو پر هاڻ رانديگرن ۾ اها دلچسپي ناهي رهي، ان
جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته انهن تي سياستدانن جو آشيوارد آهي جنهن سبب کين پڪ
ٿي چڪي آهي ته انهن کي ڪير به ڪرڪيٽ ٽيم مان ڪڍي نٿو سگهي، جنهن سبب هو پنهنجا من
پسند فيصلا ڪري رهيا آهن. نجم سيٺي جي اچڻ بعد لڳو هو ته ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪا تبديلي ايندي پر ائين نه ٿيو، رهندو ٽيم تمام
گهڻو ڪمزور ٿي وئي. جنهن سبب عالمي رينڪنگ تي تمام پوئتي هلي وئي. ٻيون ٽيمون اڳتي اچي ويون.
صرف پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن کي قومي
ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ڪرڻ ، ٻين صوبن کي نظر انداز ڪرڻ نه آهي ته پوءِ ٻيو ڇا آهي؟ نجم سيٺي پي ايس ايل کي تمام
وڏي ڪاميابي چيو آهي، جيڪڏهن ان ڪاميابي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان
علاوه سنڌي ۽ بلوچ نوجوانن کي به شامل ڪيو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها، سنڌ ۽ بلوچ
نوجوانن ۾ پيدا ٿيل محروميون به ختم ٿيڻ ۾ مدد ملي ها. ڪرڪيٽ ٽيم هجي، يا هاڪي ٽيم
يا وري سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون سڀني صوبن جي نوجوانن کي برابر جا حق ڏيڻ گهرجن،
ڪنهن کي پوئتي ڪرڻ لاءِ اهو دليل ڏيڻ ته انهن کي ڪجهه نه پيو اچي صرف پنجاب ۽ ڪي
پي ڪي جا نوجوان ئي اهل آهن، جنهن سبب انهن کي اڳتي پيو آندو وڃي ته اهو جواب درست نه آهي. اهائي سنڌ آهي ، جنهن جي
پاڪستان جي وجود کان اڳ به ڪرڪيٽ ٽيم هئي ۽ سنڌي رانديگر عالمي سطح تي کڏيندا هئا
جن جون وڊيو ڪلپس سوشل ميڊيا تي هن وقت به شيئر ٿي رهيون آهن. پر هن وقت ٽيمون ته
آهن پر هڪ به سنڌي رانديگر نه آهي. بهر حال حڪومت کي به غور ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني کي برابر جا حق ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته صرف ٻن صوبن جي نوجوانن کي ٽيم
۾ شامل ڪرڻ به ميرٽ جي وڏي لتاڙ جو چٽو مثال آهي .
هونءَ ته سنڌي ميڊيا ڪيترائي ميوزيڪل پروگرام ڪرايا آهن، پر
هن وقت تائين راندين جو خاص طور تي ڪرڪيٽ جو مقابلو صوبائي سطح تي ناهي ڪرايو آهي.
جيڪڏهن ڪرڪيٽ ميچ ڪرائي وڃي ته سنڌي نوجوانن کي
ڪرڪيٽ ميچ دوران پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو هڪ موقعو ملي وينديو، ۽ اهي
پنهنجي ڪارڪدگي ڏيکاري سگهندا، جئين ماضي ۾ ميوزيڪل پروگرام ڪرايا ويا هئا. جنهن ۾
ڳائڻ جو شوق رکندڙ نوجوانن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري نانءُ ڪمايو هو. جيڪڏهن سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا گڏجي ڪو ڪرڪيٽ ميگا ايونٽ جو اعلان ڪن ۽ سڄي
سنڌ جي ٽيمن ۾ مقابلا ڪرائن ته ڪيترائي نوجوان اڳتي اچي ويندا. هزارين ڪرڪيٽ
جا اهي مداح جيڪي ٻين کي ڏسي تاڙيون وڌائيندا آهن انهن کي به پنهنجي سنڌي چينلن
تي سنڌي نوجوانن کي راند کيڏندي ڏسي تمام
گهڻو خوشي ٿيندي ۽ ان سان گڏ ٽي وي چينلن
۽ اخبارن کي به فائدو ٿيندو.
جيڪڏهن اهڙو قدم کنيو وڃي ته ڪيترائي
نوجوان پنهنجو ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا.
No comments:
Post a Comment