Pages

Saturday, 2 July 2016

بنگلاديش ۾ داعش جي حملي بعد پيدا ٿيل صورتحال

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان  دنيا ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ هن وقت تائين هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن، هڪ طرف دهشتگرد  حملا ڪري بي گناهه ماڻهن کي ماري رهيا آهن ته ٻي طرف  وري  دنيا ۾ امن  جي ٺيڪدارن به  معصوم شهرين کي  مارڻ ۾  ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، عراق، شام، لبيا ۽ يمن ۾ به امن جي ٺيڪيدارن جي حملن ۾ ڪيترائي معصوم ماڻهو  پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا  آهن، اهڙن واقعن بابت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ مختلف وقتن تي گڏيل قومن طرفان به اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ  گڏجاڻيون به ڪيون ويون پر ان تي ڪيتري حد تائين عمل ٿيو، جنهن بابت هن وقت ڪو به اندازو نٿو لڳائي سگهجي. ماضي ۾ آمريڪا چوندو هو ته طالبان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، جڏهن آمريڪا اسامه بن لادن کي پاڪستان ۾ ماريو ته پوءِ  ان پنهنجي رويي ۾ تبديلي آندي ۽ وري اهو موقف اختيار ڪيو ته القاعده دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي، جنهن بعد ڪاررواين ۾ به نيٽو فوج تيزي آندي ۽ ڪيترائي القاعده جا  اڳواڻ به ماريا ۽ هاڻ وري هڪ ٻيو نالو به ٻڌي رهيا آهيون، جنهن بابت آمريڪا جو چوڻ آهي ته القاعده، طالبان کان به وڌيڪ خطرناڪ داعش آهي، سوشل ميڊيا تي به داعش جو وڏو ذڪر ٿي رهيو آهي، سوشل ميڊيا داعش جون هانءَ ڏاريندڙ ويڊيوز به موجود آهن، جن کي ڏسڻ بعد انسان ۽ حيوان ۾ ڪو به فرق نظر نه ايندو آهي. هونءَ  ته  داعش ڪيترن  ئي ملڪن ۾ ڪارروايون ڪري چڪي آهي، جن ۾ترڪي سميت ٻيا ملڪ به شامل آهن پر  جمعي ڏهاڙي بنگلاديش جي گادي واري  شهر ڍاڪا ۾ سفارتي علائقي ۾ هڪ ريسٽورنٽ تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته حملي آورن 60 ڄڻن کي يرغمال به بڻايو. ٻڌايو پيو وڃي ته حملي ۾ 2 اطالوي شهرين سميت 5 ڄڻن کي ماريو ويو، بنگلاديشي ميڊيا به اهي خبرون نشر ڪري رهي هئي ته حملي ۾ مارجي ويلن ۾ حناني پوليس ٿاڻي جو انچارج به شامل هو. بنگلاديشي عملدارن به اهي بيان جاري ڪيا ته هنن دهشتگردن کي گهيري هيٺ آڻي ڪارروائي ڪري ڇڏي آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جو تعداد 8  کان 9 آهي جن جي عمر 28 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهي،
بهر حال ريسٽورنٽ تي حملي جي ڪجهه دير بعد اهي خبرون آيون ته  ڍاڪا حملي جي ذميواري داعش نالي تنطيم قبولي ورتي آهي، جنهن دعويٰ ڪئي آهي ته هنن 26 ڄڻن کي ماري ڇڏيو آهي پر ان وقت بنگلاديش جي  حڪومت اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئي ته ڪي 26 ڄڻا مارجي چڪا آهن.بنگلاديش جي حڪومت ان دعويٰ کي به رد ڪري رهي هئي ته ڪو داعش اهو حملو ڪيو آهي پر جڏهن انٽرنيشنل ميڊيا تي اهي خبرون نشر ٿيون ته داعش ذميواري قبولي ورتي آهي ته پوءِ بنگالي حڪومت کي مڃڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. اطالوي ميڊيا به اها دعويٰ ڪئي ته مارجي ويلن جو تعداد 24 ڄڻن کان وڌيڪ آهي ۽ هٿياربندن 7 اطالوي شهرين کي به يرغمال بڻايو آهي، جنهن  وقت بنگلاديش حملي جي خبر  نشر ٿي ته  هر ملڪ ۾ هڪ ٿرٿلو مچي ويو ڇاڪاڻ ته اهو حملو ان علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي سڄي دنيا جي ملڪن جا ماڻهو رهندا هئا. آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي  به ڍاڪا ريسٽورنٽ حملي بابت آگاهي ڏني وئي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جان ڪربي پنهنجي بيان چيو ته ڍاڪا ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني جو عملو محفوظ آهي، جڏهن ته هو پنهنجي شهرين بابت معلومات گڏ ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا به ٻڌايوته  ڪنهن به پاڪستاني کي يرغمال ناهي ڪيو ويو ۽ نه ڪو پاڪستاني حملي ۾ ماريو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا جو اهو به چوڻ هو ته ڍاڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ۽ سفارتي عملو محفوظ آهي ۽ سمورا شهري به محفوظ آهن. داعش پاران حملي جي ذميواري قبولڻ بعد به بنگلاديش جي عملدارن طرفان اهي بيان جاري ڪيا ويا ته بنگلاديش داعش جو وجود ئي ڪونهي ۽  نه ئي داعش اهو حملو ڪيو هو، پر ڪجهه اخبار ۾ اهي رپورٽون آهن ته بنگلاديش ڪجهه عرصي کان نوجوان حڪومتي رويي سبب داعش ۾ شموليت ڪري رهيا هئا جنهن بابت ڄاڻ بنگلاديش جي سرڪار کي به هئي پر  ان خلا ف ڪو به قدم نه کنيو ويو. هاڻ جڏهن ميڊيا تي بنگلاديش ۾ داعش جي موجودگي جون خبرون نشر ٿيڻ شروع ٿي ويون  آهي تنهن کان پوءِ اڃان   وڌيڪ خدشا پيد اٿي ويا آهن ته متان داعش پاڪستان جو رخ به ڪري، ڇاڪاڻ ته داعش  جنهن به ملڪ ۾ پير پاتو آهي ان ملڪ جو امن تمام گهڻو خراب  ٿيو  آهي، اتان جي  ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.   داعش ڪڏهن ٺهي ۽ ڪنهن ٺاهي ۽ ان جو سربراهه ڪير آهي ؟ جيڪڏهن اهڙا سوال پڇيا ويا ته  انهن سوال پڇندڙ کي به  ضرور خبر هوندي ته داعش ڪڏهن ٺهي ان جو سربراهه ڪير آهي.  بهرحال مان به ٿورو ميڊيا تي رپورٽون ڏٺيون آهن جنهن مان ٿوري ڄاڻ حاصل ڪئي آهي جيڪا توهان سان ونڊي به رهيو  آهيان،
داعش جو سربراهه ابراهيم عواد ابراهيم  علي البدري السامراني آهي،جيڪو ابوبڪر البغدادي جي نالي سان مشهور آهي، ابوبڪر البغدادي اسامه بن لادن کان بيت حاصل ڪئي هئي ۽  هو اسامه سان گڏ ڪرڻ جو خواهشمند هو پر آمريڪا جڏهن اسامه بن لادن کي پاڪستان  ماريو ته هن پنهنجي الڳ هڪ تنظيم قائم ڪئي جنهن کي داعش جو نالو ڏنائي. هن تنظيم کي “ دولت اسلامي عراق ۽ شام“ آءِ ايس آءِ ايس به چيو ويندو آهي. جيڪو اسلامڪ اسٽيٽ ان عراق اينڊ سائريا جو شارٽ فارم آهي. هن تنظيم شام، عراق ۾ قبضو ڪري چڪي آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪارروايون به ڪري چڪي آهي. جنهن ڪري هن  تنظيم جو وڏو  خوف ماڻهن ۾ ويهجي ويو آهي. هن تنظيم جون خطرناڪ ويڊيوز  به سوشل ميڊيا تي  موجود  آهن، جنهن کي ڏسڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو.  ابوبڪر البغدادي 2014ع ۾ عراق ۽ شام اسلامي رياست جو پهريون خليفو هجڻ جي دعويٰ ڪئي. داعش جي ڪاررواين بعد آمريڪا ان تي ڏهه ملين ڊالر انعام به رکيو. ان کان اڳ سڀ کان وڌيڪ انعام 26 ملين ڊالر آمريڪا القاعده جي سربراهه ايمن الزا وهري جي سر  تي رکيو هو ۽ هاڻ ابوبڪر البغدادي جي سر قيمت 10 ملين ڊالر رکي وئي آهي.  ابوبڪر  البغدادي  1971ع ۾ عراق جي شهر سامرا ۾ پيدا ٿيو ۽ بغداد ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ابوبڪر البغدادي 2003ع ۾ عراق تي آمريڪي حملي بعد القاعده سان رابطا شروع ڪيا ۽ آمريڪا خلاف ڀرپور مزاحمت به شروع ڪيائين.  ان وقت القاعده في العراق جو سربراهه ابومصعب الز رقاوي هو، ان وقت البغدادي کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي 2009 ۾ آزاد ڪيو ويو، 2006ع ۾ ابو مصعب الز رقاوي فوت ٿي ويو ۽ مجاهدين شوريٰ ڪائونسل جو سربراهه ابو عمر البغدادي کي مقرر ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ نئون سربراهه ابوبڪر البغدادي کي  بڻايو ويو،  تنظيم جون واڳون سنڀالڻ بعد ابوبڪر البغدادي مختلف ملڪن  ۾ پنهنجي تنظيم جو ڄار وڇايو ۽ ڪهري ڪاررواين سبب هو دنيا  القاعده ۽ طالبان کان به خطرناڪ  تنظيم طور اڀري جنهن کي آمريڪا دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو. آمريڪا به ڪجهه عرصو اڳ اهو بيان ڏنو هو ته افغانستان ۾ داعش جا ٺڪاڻا موجود آهن، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ هو ڪارروائي ڪري رهيا آهن.
 هونءِ ته داعش دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڪيتريون ڪارروايون ڪيون آهن پر ان خلاف ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا ويا آهن، هاڻ جڏهن داعش جي موجودگي جو انڪشاف بنگلاديش ۾ ٿيو آهي، تڏهن کان پاڪستان ۾ به ۾ ان جا خطرا لامارا ڏئي رهيا آهن ۽ اهو خطرو وڌي ويو آهي ته داعش متان پاڪستان ۾ پنهنجي ڄمائي نه وٺي، ڇاڪاڻ ته هن تنظيم جو اهڙيون ڪهريون ڪارروايون تمام گهڻو مشهور آهن، جنهن به ملڪ ۾ هن تنظيم جا قدم پيا آهن ان ملڪ جو ٻيڙو ئي ٻڏي ويو آهي. ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن بابت اهي رپورٽون جاري ڪيون ويون هيون ته انهن جو تعلق داعش سان آهي پر ان کي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار مڃڻ کان انڪار ڪيو هو، هڪ طرف سيڪيورٽي ادارا چئي رهيا هئا ته داعش جا ڪارڪن ملڪ اندر موجود آهن، جن مان ڪجهه کي هنن گرفتار به ڪيو آهي پر  حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري هئي،هونءَ ته ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ چاڪنگ به ڪئي وئي آهي پر ان باوجود حڪومت ڪو به قدم نه کنيو آهي. بنگلاديش ۾ داعش جي حملي تي صرف ڀارت، افغانستان نه پر پاڪستان کي به ڳڻتي ورايو آهي ڇاڪاڻ ته هي حملو پاڪستان ۽ افغانستان جون اکيون کولڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن هن وقت پاڪستان داعش خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته وري ٻيهر آمريڪا توڙي ٻين ملڪن جون آڱريون ته مٿي کڄنديون پر هن ملڪ جو امن ٻيهر تباهه ٿي ويندو.  جنهن لاءِ پاڪستان کي هن وقت ئي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ گهرجن، طالبان سان گڏ داعش جي ڪارندن تي به  نظر رکي وڃي ته جئين ڪنهن وڏي حادثي  کان بچي سگهجي.

No comments:

Post a Comment