Pages

Monday, 4 July 2016

پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ۾ وڌندڙ وڇوٽيون

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس معاملو دنيا اندر ته  مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي ۽ نه ئي  وري انهن ملڪن ۾ پاناما ليڪس جو ذڪر ٿي رهيو آهي پر افسوس  جو اسان جي ملڪ ۾ هن وقت به ان جو چرچو زور شور سان هلي رهيو آهي، ٻاهرن ملڪن ۽ اسان جي ملڪ ۾ فرق صرف ايترو آهي ته اتان جي عوام پنهنجي حڪمران جو احتساب ڪرڻ ۾ سنجيده هئي ۽ هنن احتساب ڪري به ڏيکاريو، انهي سنجيدگي سبب ڪجهه ملڪن ۾ جي سربراهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ به ڏني ته ڪن ملڪن ۾ صرف بيان مان ڪم ورتو ويو، برطانيا ۽ پاڪستان جو قصو به ساڳيو آهي، ان ٻنهي ملڪن ۾ صرف فرق ايترو آهي ته اتان جي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمر ون پاناماليڪس معاملي تي استعيفيٰ نه ڏني ان شخص استعيفيٰ يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ واري ريفرينڊم ۾ ڏنل عوامي فيصلي بعد ڏني پر هن بد نصيب ملڪ ۾ اڄ به هتان جا سياستدان ان مئل گهوڙي کي زنده ڪري ڊوڙ ۾ ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻاهرن ملڪن جي عوام احتجاج پاناما ليڪس معاملي تي احتجاج ڪري رهي هئي ۽  اسان جي پياري ملڪ ۾ عوام گهرن ۾ هئي تماشو ڏسي رهي هئي، پر  ايترو ضرور هو هن ملڪ ۾ جو ڪجهه پارٽيون پنهنجي ڪارڪنن جا ميڙاڪا گڏ ڪري ڌرڻا هڻي وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن جيڪي هن وقت به ڪري رهيون آهن، اهي جماعتون پاناما ليڪس معاملي تي وزيراعظم نوازشريف کان سندس اولاد جي آف شور ڪمپنين  سبب استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن انهن جون به خود آف شور ڪمپنيون آهن پر اهي پارٽيون چئي رهيون آهن ته نوازشريف جي اولاد جون آف شور ڪمپنيون حرام آهن  ۽ انهن جون حلال آهن، مطلب ته انهن جون آف شور ڪمپنيون قانوني ۽ نوازشريف جي اولاد جون آف شور ڪمپنيون غير قانوني آهن.
بهر حال ڪنهن جون قانوني ۽ ڪنهن جون غيرقانوني آف شور ڪمپنيون آهن ان سان عوام جي جيتري دلچسپي آهي ان جو اندازو لڳل ڌرڻن مان لڳائي سگهجي ٿو، هڪڙا  اهي جيڪي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ ڌرڻو هڻندا هئا اڄ وري اهي نوازشريف جي خلاف ڌرڻو هڻي رهيا آهن. هاڻ سڄي ميڊيا ۽ قوم جو ڌيان به صرف پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف تي لڳل آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي پارٽين نوازشريف کي ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي، عمران خان طرفان ڳاڙهي جهنڊي ڏيکارڻ وارو مقصد ته هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته عمران خان جو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي اهو استعيفيٰ وٺي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو،  ته جئين ايندڙ اليڪشن ۾ هو وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ۽ کيس هڪ ڀيرو موقعو به ملي وڃي، رهي ڳالهه پيپلزپارٽي  جي ته اها  ڇاڪاڻ نواز ليگ کي ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري  رهي آهي ته ان پٺيان به ڪيترائي سبب لڳن پيا،  هڪ ڪارڻ اهو آهي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نيب ۽ رينجرز ايم ڪيو ايم سان گڏ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خلاف به ڪارروايون ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر عاصم ۽  اڳوڻي  فشريز جي چيئرمين نثار مورائي جي گرفتار به وڏو سبب ٿي سگهي ٿي، پيپلزپارٽي اڳواڻ اويس مظفر به ملڪ کان ٻاهر آهي ته  شرجيل انعام ميمڻ به لنڊن ۾ ترسيل آهي، کيس خدشو آهي ته هو ڏينهن  آيو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، جنهن سبب هو ڏينهن نه پيو اچي.اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به پرڏيهه ۾ ترسيل آهي، سندس پارٽي اهو بيان جاري ڪندي آهي ته آصف علي زرداري جي طبعيت خراب آهي، جنهن سبب هو ڏيهه نه پيو اچي، پر جڏهن عوام آصف علي زرداري جي دبئي کان لنڊن، لنڊن کان دبئي ۽ دبئي کان آمريڪا جي زيارتن  جون خبرون ٻڌندي آهي ته اهو ايترو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي ته اهو ڪهڙو ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿو جيڪو صرف آصف زرداري کي پاڪستان کي پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڪري رهيو آهي ٻين ملڪن کان سفر کان ڇو نه ٿو روڪي، بهر حال بقول بلال ڀٽي زرداري جي ته سندس والڊ جو هڪ ڊاڪٽر جيل ۾ آهي، هاڻ لڳي ٿو ته  جيڪو ٻيو ڊاڪٽر آهي هو کيس پاڪستان کان  پرهيز ڪرائي رهيو آهي. بهر حال آصف علي زرداري جي ڳالهه رهي پنهنجي جڳهه تي، پيپلزپارٽي به مختلف وقتن تي نواز ليگ کي اهو چوندي رهي آهي ته سندن پارٽي ڪارڪنن خلاف ڪارروايون بند ٿيڻ گهرجن  پر هن ڀيري وزيراعظم نوازشريف پيپلزپارٽي جي هڪ به نه ٻڌي آهي، پر ايترو ضرور ٿيو آهي جو هن وقت تائين پنجاب ۾ ڪنهن به نواز ليگ جي  اڳواڻ کي گرفتار ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي انهن جي ڪا ويڊيو به ليڪ ٿي آهي، جهڙي ريت سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته پنجاب ۾ سمورا سياستدان پاڪ ۽ صاف آهن.
جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ گڏيل پليٽ فارم تان تحريڪ هلائڻ بابت معاملن تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي پر ان باوجود پي ٽي آءِ ڌرڻو هڻڻ ۽ پ پ مرحلي وار احتجاج شروع ڪرڻ وارن ڌار ڌار موقفن تي قائم آهن. ٻي طرف وري پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ وچ م عيد کانپوءِ گڏيل اجلاس گهرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو  آهي. پ پ خورشيد شاهه ۽ اعتزاز احسن جڏهن ته تحريڪ انصاف شاهه محمود قريشي کي گڏيل مخالف ڌر جي اتحاد جي جوڙ جڪ ۽ حڪومت خلاف امڪاني احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو شيڊول ترتيب ڪرڻ جو پڻ ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته ٻي طرف وري عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پ پ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان رابطن ۾ آهي، جنهن جي به اها ئي ڪوشش آهي ته عيد کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ۽ عمران خان جي وچ ۾ ملاقات ڪرائي وڃي ته جيئن ٻئي اڳواڻ گڏيل حڪمت عملي طئي ڪري سگھن، ٻي طرف وري ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته وزير اعظم پنهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ريفرنسز جو قانوني مقابلو ڪرڻ  جو به فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ طلبي جي صورت ۾ پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ اليڪشن ڪميشن ۾ پاڻ پيش ٿيندو. ڪجهه ڏينهن سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد به چيو هو ته پيپلزپارٽي نواز ليگ خلاف ڪو به ڌرڻو نه هڻندي ۽ نوازليگ اڳواڻن اهي ڳالهيون ڪيون هيون ته هو به چاهين ٿا ته پاناما ليڪس معاملي تي جاچ ٿيڻ گهرجي، پر اپوزيشن جو نوازشريف کان استعيفيٰ وارو مطالبو حڪومت هر گز نه مڃيندي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف به پنهنجي ڌماڪيدار خطاب ۾ چيو آهي ته ملڪ مان اونداهيون ختم ٿي رهيون ته ڌرڻو هڻڻ وارا ٻيهر ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن پر عوام کين وري رد ڪندو. شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته وزيراعظم جي احتساب جون ڳالهيون ڪرڻ وارا اڳ۾ پنهنجو احتساب ڪن، عجيب ڳالهه آهي، جو نوازشريف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. پنهنجاب جي وڏي پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته  احتساب جي ڳالهه ڪندڙن قوم جو پئسو لٽيو، انهن کان حساب به ورتو ويندو. پنجاب جي وڏي وزير پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نوازشريف کان استعيفيٰ جي مطالبي کي ڀوڳ قرار ڏيندي چيو ته بلاول پهريان پنهنجي والد جي ڪرپشن جو حساب ڏي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي اهڙي خطاب کان پوءِ پيپلزپارٽي جي مختلف اڳواڻن طرفان به ڇتي بيان بازي ڪئي وئي آهي، ڪجهه پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ڌرڻن جي موقعي تي آصف علي زرداري جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي ته ڪجهه پيپلزپارٽي جا اڳواڻ نواز ليگ جي اهڙي رويي تي اعتراض به ورائي رهيا آهن. هاڻ ته سڄي ملڪ ۾ به اهو هل هلي رهيو آهي ته عيد کان پوءِ ڇا ٿيندو، پيپلزپارٽي به استعيفيٰ ڏيندي يا وري صرف تحريڪ انصاف جيان ڌرڻا هڻي وقت پاس ڪندي، هاڻ  پاناما ليڪس معاملي جو فيصلو ضرور ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جنهن  ڏينهن کان ماڊل ٽائون سانحو پيش آيو آهي ان ڏينهن کان هن وقت تائين ملڪ ڪو به ترقياتي منصوبو مڪمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، صرف پنجاب ۾ ڪجهه ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيا آهن جن کي به هتان جا حڪمران ڪرپشن جو ڳڙهه سمجهن ٿا،
 بهرحال  انهن منصوبن ۾ ڪرپشن ٿي آهي يا نه ، اها ته حڪومت کي ئي خبر هوندي پر سنڌ ۾ هن وقت تائين اهڙو ڪو وڏو عوامي ترقياتي منصوبو مڪمل ناهي ٿي سگهيو رهندو سنڌ پوليس ۾ سنڌي نوجوانن کي بي دخل ڪري رٽائرڊ ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو  آهستي آهستي ٻين کاتن ڏانهن به ضرور وڌندو پوءِ نه ته ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ڪو سنڌي رهندو ۽ نه ڪا سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتي لاءِ ڪو سنڌي اميد ڪري سگهندو، باقي رهي ڳالهه سياستدانن جي ته ان جو شايد ڪو نه ڪو متبادل وفاق کي ملي ويندو پوءِ شايد پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي مان به سيٽ نه کڻي سگهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف عمران خان پيپلزپارٽي ۾ پنهنجي پارٽي جا پير ڄمائي رهيو آهي ته ٻي طرف وري پنجاب جا پير به هتي پنهنجي سياست چمڪائيندي نظر اچي رهيا آهن، هڪ طرف سنڌ ۾ نوجوانن جي لاءِ بيروزگاري جا در بند ڪيا پيا وڃن ته ٻي طرف وري پنجاب ۾ نوجوانن کي پرڏيهه موڪلڻ جي لاءِ  به قدم کنيا پيا وڃن ته اهي پرڏيهه ۾ وڃي ڪمائي ملڪ اندر پئسو آڻين ته جي ملڪ ترقي ڪري سگهي، پر هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته  ڌرڻن جي سياست ملڪ معيشيت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنهن بابت  وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سوچڻ گهرجي، يا وري پي ٽي آءِ، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون جيڪي به پارٽيون آهن اهي هڪ دفعو استعيفيٰ ڏئي ڇڏين ته مجبورن حڪومت کي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ پون ته جئين عوام به سک جو ساهه کڻي انهن پارٽين جا به مطالبا به پورا ٿي سگهن، باقي رهي ڳالهه  وزارتن مان مزو وٺي صرف عوام کي روڊن تي  آڻي  خوار ڪرڻ جي ته نه ته ان سان عوام کي ڪو فائدو پوندو ۽ نه ئي وري ڪو ملڪ ترقي ڪري سگهندو، ان لاءِ سمورن پارٽين کي گهرجي ته اهي هڪ پليٽ فارم تي ويهي گڏجي هڪڙو فيصلو ڪن ۽ ڌرڻن هڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪڏهن حڪومت ايڏي ڪرپٽ آهي ته پاڻ به اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏئي پوءِ روڊن تي اچن، هاڻ ائين نه ٿيڻ گهرجي ته وزارتن جو مزو به وٺجي ۽ حڪومت تي دٻاءُ به وجهي پنهنجي مطلب جا  مطالبا مڃرايا وڃن.

No comments:

Post a Comment