صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ اندر دهشتگردي سبب ڪيترائي
ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، سيڪيورٽي فورسز جون به ڪارروايون جاري آهن پر ان باوجود
دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيندا پيا اچن، ڪوئيٽا ۽ پشاور کان ويندي ڪراچي
تائين دهشتگرد هزارين بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، ڪوئيٽا ۾ ڪڏهن
وڪيلن کي نشانو بڻايو ويو ته ڪڏهن وري فرقيواراڻا فساد پکيڙڻ لاءِ ڌماڪا ڪيا ويا،
جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ زخمي به ٿيا، جيتوڻيڪ اهڙين دهشتگرد ڪاررواين کي روڪڻ
لاءِ ڪيترائي آپرييشن به شروع ڪيا ويا پر ان باوجود دهشتگرد ڪا اهڙي ڪارروائي ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي وڃن ٿا جنهن سان معصوم ماڻهو مارجي وڃن ٿا. ماضي ۾ به دهشتگرد ڪيتريون
ئي ڪارروايون ڪري چڪا آهن، اڳ ۾ دهشتگرد خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪهري ڪارروايون
ڪارروايون ڪندا هئا پر جڏهن کان انهن صوبن ۾ سيڪيورٽي ادارن آپريشن شروع ڪيو آهي انهن
ڏينهن کان دهشتگرد صوفين جي ڌرتي ڏانهن منهن ڪيو آهي. ڪڏهن دهشتگرد ڪراچي ۾ ڪهري ڪارروايون
ڪيون ته ڪڏهن وري شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي رت سان وهنجاريو، خبر ئي نه پئجي رهي آهي
ته اهي دهشتگرد الائي ڪٿان کان اچي سنڌ ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن، شڪارپور ۾ به
عيد ڏهاڙي دهشتگردن وڏي دهشتگردي جي ڪوشش ڪئي. جنهن کي پوليس اهلڪارن ناڪام بڻايو
، جنهن دوران هڪ آپگهاتي حملي آور کي ماريو ويو ۽ هڪ دهشتگر کي زخمي حالت ۾ گرفتار
ڪيو آهي
، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اهو ڪيس به سي ٽي ڊي
حوالي ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ ۾ به دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي جو اعلان
ڪري ڇڏيو آهي، بهرحال هاڻ شڪارپور ، جيڪب آباد ۽ ڪراچي ۾ جهڙي ريت ماضي ۾ دهشتگرد ڪارروايون
ٿيون انهن مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو هاڻ دهشتگردن سنڌ کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، هڪ
طرف صوفين جي ڌرتي ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏياري پئي وڃي ته ٻي طرف وري دهشتگرد
به صوفين جي ڌرتي کي رت سان وهنجارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، شڪارپور واقعي جيڪڏهن
جاچ ڪري انهن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي
سگهي ٿي، هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته دهشتگرد ڪافي عرصي کان ان ڪوشش ۾ ئي آهن ته ٻين
صوبن جيان سنڌ ڌرتي جو امن تباهه ڪيو وڃي، جن کي روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومت توڙي
وفاقي حڪومت کي اڃا وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سرحدن جي سيڪيورٽي سخت نه ڪئي
وئي ته ماضي جي جيڪب آباد ۽ شڪارپور جهڙا سانحا ٿيندا رهندا، هونءَ ته حڪمران اهي بيان
ڏئي رهيا آهن ته ملڪ اندر پاڙيسرين ملڪن جي مداخلت جا کين ثبوت مليا آهن ۽ اها ڪجهه ايجنٽ
به گرفتار ٿيا آهن ، جن خلاف ڪارروائي به جاري آهن،
ايتري قدر جو گڏيل قومن ۾ پاڙيسري ملڪن جي مداخلت
جا ثبوت پيش ڪرڻ جو به چيو ويو، جڏهن ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن سول اسپتال ۾ آپگهاتي حملو
ڪيو ته ان وقت به اهي بيان ڏنا ويا ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ اردان ۾ ناڪام ٿيا،
مختلف اڳواڻن طرفان مذمتون به ڪيون ويون، بهر حال ٻين صوبن ۾ به دهشتگردن جي ڪاررواين
کي روڪڻ لاءِ آپريشن هلندڙ آهي پر ان باوجود اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن
کي هن وقت به نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ به مختلف وقتن تي سيڪيورٽي
فورسز کي نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن سبب اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته دهشتگرد اڃا به
صحيح سلامت آهن ۽ جنهن سبب اهي پنهنجي ڪهري ڪاررويون ڪري رهيا آهن ۽ اڃا انهن جي
چيلهه چٻي نه ٿي سگهي آهي ۽ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ لاءِ اڃا آپريشن تيز ڪرڻو
پوندو، جيڪڏهن اهن دهشتگردن جي چيلهه چٻي نه ٿي ته اهي دهشتگرد سڄي پاڪستان ۾ اڃا
وڌيڪ دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، هونءَ ته صوفين جي ڌرتي ۾ ماضي ۾ ڪڏهن
به آپگهاتي ڌماڪا نه ڪيا ويا هئا جهڙي ريت ڪجهه عرصو اڳ جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ ڪيا ويا، اهي حملا صرف ۽
صرف صوفين جي ڌرتي کي رت سان وهنجارڻ لاءِ ڪياويا، جنهن کي روڪڻ لاءِ جيڪي به هن
وقت تائين قدم کنيا ويا آهن، جن ڪي ناڪافي آهن، ڇاڪاڻ ته عيد ڏهاڙي به دهشتگرد
الائي ڪٿان کان اچي شڪارپور ۾ آپگهاتي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي بهادري سان ناڪام
بڻايو ويو، جيڪڏهن اهڙن دهشتگردن کي صوفين جي ڌرتي ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيو ويو ته
مستقبل ۾ اهي دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيندا، تنهن ڪري صوفين جي ڌرتي
کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ انهن سمورن دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي جيڪي
هتي رهي رهيا آهن،
سنڌ جي ساڃاهه وندن به صوفين جي ڌرتي تي وڌندڙ
انتهاپسندي تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي کي روڪڻ
جو پڻ مطالبو به ڪيو آهي. بهرحال مذهبي انتهاپسندي کي روڪڻ سان گڏ جيڪي دهشتگرد سنڌ
۾ داخل ٿي رهيا آهن انهن کي روڪڻ لاءِ به قدم کنيا وڃن ته جئين سنڌ ۾ دهشتگردي ڪرڻ
جي ڪنهن کي به جرئت نه ٿئي ۽ سيڪيوٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا وڃن، جنهن سان امن
امان واري صورتحال قائم رهي ۽ صوفين جي ڌرتي جيڪا امن ۽ شانتي جي ڌرتي سان سڃاتي وڃي
۽ حڪومت کي گهرجي ته جيڪي افغان شهري سنڌ ۾ ترسيل آهن انهن کي جلد کان جلد واپس موڪليو
وڃي ته جئين جيڪا بي چيني سنڌ واسين ۾ پکڙيل آهي ۽ جيڪي خدشا آهن اهي به ختم ٿي
سگهن.
No comments:
Post a Comment