Pages

Thursday, 11 May 2017

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت

صاحب خان ڀٽي
وفاقي حڪومت توڙي سرڪار تعليمي ادارن ۾ سڌارا آڻڻ جون وڏيون دعوائون ڪري رهيون آهن پر افسوس جو سنڌ اندر ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم  آهن، ڪجهه اهڙا اسڪول به آهن جن جون عمارتون زبون ٿي ويون آهن، انهن جي ڇتن جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻين جي زخمي ٿيڻ جون خبرون به رپورٽ ٿينديون آهن، هونءَ ته ڪاغذي ڪارروائي ۾ عمارتن جون حالتون ته بهتر ڄاڻايون ويون آهن پر اصل حقيقت ان جي ابتڙ آهي، جيڪڏهن سنڌ اندر اسڪولن جون عمارتون بهتر هجن ها ته ڇتن جا چاپڙ ڪرڻ وارا واقعا پيش نه اچن ها ۽ نه ئي شاگردن ۾ خوف پکڙيل هجي ها، هونءَ ته اسڪولن جون چتون ڪرڻ وارن واقعن جون خبرون مختلف اخبارن ۾ ڇپجنديون رهنديون آهن پر افسوس جو حڪومت اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ عملي طور ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي وري اسڪولن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون  آهن، ڪجهه مهينا اڳ تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي هئي پر ان تي به عمل نه ٿي سگهيو  آهي ۽ نه ئي تعليمي ايمرجنسي سان شاگردن کي ڪو فائدو پهچي سگهيو آهي، صوبائي حڪومت به سنڌ جي تعليمي ادارن جي حالتن تي خاموشي اختيار ڪري ويٺي آهي، جنهن سبب شاگردن جون حياتيون داءُ تي لڳل  آهن. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ته بجلي جو به بهتر انتظام نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب شاگرد سخت گرمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن،
 هونءَ ته ملڪ اندر لوڊشيڊنگ تمام گهڻي ٿي رهي آهي پر اسڪول جي وقت به بجلي جي بندش شاگردن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن کان امتحان شروع ٿيا آهن، تنهن ڏينهن کان هر طرف سنڌ ۾ ڪاپي جي ڌم جون خبرون هلي رهيون آهن، لڳي ائين رهيو آهي ته سڄي ملڪ کي ڇڏي صرف ڪاپي ڪندڙ شاگرد سنڌ ۾ آهن، جهڙي ريت ڪجهه سياسي پارٽيون چونديون آهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن سنڌ ۾ ٿيندي آهي ۽ سنڌ جي ڪامورن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، اهڙي ريت ميڊيا تي به سنڌي شاگردن بابت اهو تاثر بيهاريو ويو آهي، جيڪڏهن سنڌ اندر ڪاپي جي ڌم  آهي ته ان جي ذميوار به صوبائي سرڪار آهي،ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته حڪومت تعليمي سڌارن بابت  هن وقت تائين ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن، ڪجهه اهڙا به اسڪول آهن جتي استادن جي کوٽ  آهي ۽ شاگرد بهتر نموني تعليم حاصل نه پيا ڪري سگهن، ڪجهه اسڪولن ۾ ته استادن جي نه اچڻ جون دانهون ٿي رهيون آهن، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن گوسڙو ماسترن خلاف ڪارروائي شروع ٿي هئي تڏهن جيڪي به گوسڙو ماستر هئا انهن سمورن اسڪولن ڏانهن رخ ڪيو هو ۽ روزاني جي بنياد تي اسڪول اچڻ شروع ٿي ويا هئا،
هن وقت به اهڙي ڪارروائي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ تعليمي نظام بهتر ٿي وڃي ها ۽ شاگردن کي بهتر نموني علم ڏنو وڃي ها ته اڄ سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جو راڳ نه ڳايو وڃي ها ۽ نه ئي سنڌ جا معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور حاصل ڪرڻ کان محروم بڻجي وڃن ها، جيتوڻيڪ هن وقت سنڌ ۾تعليمي ايمرجنسي آهي پر ان باوجود سنڌ جي ماڻهن کي ان مان ڪو به فائدو حاصل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي سنڌ جي سمورن اسڪولن ۾  استادن جو انگ وڌايو ويو آهي، جڏهن پرويز مشرف صدر هو تڏهن تعليم جي بهتري لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مفت ڪتاب فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو هو ۽ ان وقت فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ اسڪول کولڻ جي به شروعات ٿي هئي ۽ ان وقت ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪتابن سان گڏ اسڪول جو يونيفارم به ڏنو ويو هو پر افسوس جو اڄ هن جمهوريت ۾ اهڙو ڪو به قدم نه کنيو آهي جنهن سان تعليم ادارن ۾ سڌارو اچي سگهي، هن وقت ته ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جتي شاگردن کي ڪتاب فراهم نه ڪرڻ جون خبرون مختلف اخبارن ۾ ڇپجنديون رهنديون آهن، ايتري قدر جون ڪجهه ڏينهن سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا  ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهي خبرون هليون هيون ته ڪتاب شاگردن کي ڏيڻ بدران هڪ کڏ ۾ اڇلايا ويا  هئا، بهرحال ڪتاب شاگردن کي ملن يا نه ملن اهي ٻي ڳالهه آهي پر  صوبائي سرڪار هن وقت تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ کي لازمي قرار ڏيڻ واري حڪم تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي،
ڪراچي، حيدرآباد۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ اهڙا اسڪول آهن جتي سنڌي نصاب نه پيو پڙهايو وڃي، هونءَ ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪاپي ڪلچر کي روڪرائڻ جون هدايتون ته جاري ڪري ٿو ۽ مختلف اسڪولن جا دورا به ڪري ٿو پر سنڌي سبجيڪٽ نه پڙهائندڙ اسڪولن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي ۽ نه ئي انهن اسڪولن کي ڪا اهڙي هدايت جاري ڪئي وڃي ٿا جنهن سان اهو ممڪن ٿي سگهي ته انهن اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽن کي پڙهايو ويندو. جيڪڏهن ڪراچي سميت ٻين خانگي اسڪولن ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ٻولي کي پڙهائڻ لازمي قرار نه ٿي ڏئي سگهي ته پوءِ آخر اهڙن حڪمرانن مان سنڌ جي اسڪولن ۾ سڌارن جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي ۽ حيدرآباد جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌ نه پڙهائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي انهن اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪري ته جئين سنڌي ٻولي سان ٿيندڙ دشمني کي روڪي سگهجي ٿو ۽ جيڪي قوتون سنڌي ٻولي خلاف سازشون ڪري رهيون آهن انهن کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو پر الائي ڇو سنڌ سرڪار سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي پڙهائڻ جون هدايتون ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته مستقبل ۾ سنڌي ٻولي بدران ڌارين جي ٻولي سنڌ ۾ پڙهي ويندي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي به اهڙي حساس معاملي ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سنڌي جي تعليمي ادارن جي حالت بهتر نه آهن ته مٿان وري خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ سنڌ سان وڏي دشمني آهي.
هونءَ ته شاگرد زبون حالت عمارتن ۾ به  تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن پر  تعليم صحت جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، تنهن جي ڪري سنڌ سرڪار ٻين ملڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڌاري ٻولي پڙهائڻ بدران پهرين پنهنجي صوبي پنهنجي ٻولي کي پڙهائڻ لازمي قرار ڏي ته جئين جيڪي به ڌاريا سنڌ ۾ رهن ٿا اهي به سنڌي سمجهي سگهن، اڄ جيڪڏهن سنڌي اسڪولن ۾ گهٽ پڙهائي پئي وڃي ان جو سڀ کان وڏو سبب به اهو ئي آهي ته حڪمرانن سنڌي ٻولي کي پڙهائڻ بدران ٻين ٻولين کي پڙهائڻ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد  جي ڪيترن ئي اسڪول ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن حڪومت خانگي اسڪولن کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ واري حڪم تي عمل نه ٿي ڪرائي سگهي ته دوستي جي نالي تي ٻين ملڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي ٻولي پڙهائڻ لاءِ ته وڏا اعلان ڪيا وڃن ٿا پر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏياري سگهندڙ سنڌ جا ڪامورا ان  اعلان تي ڪهڙي ريت عمل ڪرائي سگهندا، سنڌ جا ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم آهن پر حڪومت انهن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته بند پيل اسڪول کولرائڻ سان گڏ جيڪي اسڪول کليل آهن انهن ۾ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جئين مستقبل جا معمار بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ سنڌ تي لڳل ڪاپي ڪلچر جو الزام به ختم ٿي وڃي.

No comments:

Post a Comment