Pages

Tuesday 13 June 2017

سنڌ جي شاهي بجيٽ ۽ غريب عوام

صاحب خان ڀٽي
بک بدحالي، بيروزگاري ۽ دهشتگردي ۾ پيڙهجندڙ عوام مٿان هن سال به بجيٽ جي نالي تي ٽيڪسن جو وڏو بار وڌو ويو آهي ۽ اهو بار صرف صوبائي حڪومتن طرفان نه پر وفاق طرفان  وڌو ويو آهي ۽ شايد ڪو صوبو ان کان بچي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي ۽ اهي قرض ادا ٿين يا نه ٿين پر ٽيڪس ڏيڻ هن ملڪ جي ماڻهن جو مقدر بڻجي ويو آهي، عالمي اداري موڊيز به دعويٰ ڪئي آهي ته  پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙي هن سال تمام گهڻو مشڪل هوندي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته  ايندڙ چونڊين ۾ وڏو خرچ اچي سگهي ٿو. هن وقت ملڪ اندر دهشتگردي، ڌارين جي لوڌ ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا موجود آهن پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو سنجيده نظر نه اچي رهيو آهي، بينظير جي شهادت کان هن وقت تائين صرف ناراض ٿيڻ ۽پرچائڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ جنهن سبب مسئلا حل ٿين ته ڪيئن ٿين، جيڪڏهن هن ملڪ ڪو احتجاج به ڪري ٿو ته انهن مٿان لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويندو آهي،
هن وقت وزيراعظم نوازشري دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ملڪ اندر ترقياتي  ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي تي سي پيڪ منصوبي کان سواءِ هن ملڪ اندر ڪو به ترقياتي ڪم نظر نه اچي رهيو آهي ۽ جيڪي پاور پلانٽس جو افتتاح ڪيو ويو آهي اهو به صرف پنجاب تائين محدود آهي، جيڪڏهن  سنڌ مان چونڊيل پارٽي جي ڪارڪردگي ڏانهن هڪ نظر ڦيرائينداسين ته ان جي دور ۾ به سنڌ اندر ڪي  خاص ترقيات ڪم شروع نه ڪيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته ان وقت رٺلن کي پرچائڻ  وارو سلسلو هلي رهيو هو ۽هن ڀيري به ساڳي ئي صورتحال آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ اندر مهانگائي، دهشتگردي عروج تي آهي  ۽ ان جو فائدو پاڙيسري دوست ملڪ حاصل ڪري رهيا آهن جن بابت اسان جا حڪمران  پنهنجي وات مان هڪ لفظ به ڪڍندا  آهن. بهرحال هن ڀيري رمضان ۾ نئين مالي سان جي بجيٽ  پيش ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن صوبي جي عوام کان پڇيو ويندو ته اها بجيٽ عوامي هئي يا نه ؟ ته ان بابت اهو ئي جواب ملندو ته سنڌ جي حڪمرانن سنڌ جي عوام کي ٽيڪسن جي گهاڻي ۾ پيڙهي ڇڏيو آهي. جئين دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي ويندي آهي ائين سنڌ  جي حڪمرانن عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي،
نيب پاران ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سنڌ ۾ ڪارروايون ڪيون ويون هيون ته ان وقت سنڌ جا ناانصافي جون دانهون ٿي رهيون هيون پر جڏهن سنڌ جا ماڻهو روزگار نه ملڻ سبب سراپا احتجاج هئا ته ان وقت هتان جا حڪمران خاموش  هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀلاري مهيني ۾ نئين مالي سال 18-2017، لاءِ سنڌ جي 10 کرب، 43 ارب، 18 ڪروڙ، 56 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جڏهن وڏو وزير اعلان ڪري هو تڏهن سنڌ جا آبادگار اها اميد ڪري رهيا هئا ته هن ڀيرري کين ڪو ريليف فراهم ڪيو ويندو پر افسوس جو زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪي به خاص قددم نه کنيا ويا.هونءَ ته سنڌ جو دارو مدار ئي زراعت تي آهي پر الائي سنڌ حڪومت  کي ڇا ٿي ويو آهي جو هارين کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي اهم قدم نه کنيا ويا آهن. جيڪڏهن پاڪستان جي قيام کان هن وقت تائين سنڌ جي دريائن جي صورتحال کي ڏسنداسين ته  اهو ئي لڳندو ته دريائن جا ڪپر مضبوط ڪرڻ لاءِ نه ته وفاقي حڪومت ڪي قدم کنيا  آهن ۽ نه ئي وري  صوبائي حڪومت کي محسوس ٿيو  آهي ته  دريائن کي  ڪپرن کي مضبوط ڪرائڻ گهرجي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به برسات پوندي آهي  تنهن ڏينهن کان گهارا پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.
هونءَ ته وفاق وٽ پنجاب ۾ ڊيم ٺاهڻ لاءِ ته تمام گهڻا پيسا آهن پر افسوس جو ٿر سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڊيمن  کي ٺاهڻ لاءِ وفاقي سرڪار وٽ ٽڪو به نه  آهي ۽ نه وري سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ڪو ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي رهي آهي، هڪ طرف زراعت تباهه ٿي رهي آهي ته ٻي طرف وري سمنڊ سنڌ جي زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي، جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته ايندڙ وقت سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. بهرحال سنڌ جي وڏي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 49 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ماضي جيڪي نوڪريون ڏنيون ويون انهن کي  جعلي قرار ڏئي ڪڍيو ويو ۽ اهي دانهون به ڪري رهيا  آهن  ته نوڪري ڏيڻ عيوض  انهن کان لکين روپيا ورتا ويا ۽ ان حوالي سان ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ احتجاج به ٿي چڪا آهن پر چوندا آهن ته جتي قانون جي عملداري نه هوندي آهي ته دهشتگري  ۽ ڪرپشن عروج تي هوندي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان جي ملڪ ۾ به ٿي رهيو آهي،
هن ملڪ ۾ غريب لاءِ هڪڙو قانون ۽ ڏاڍي لاءِ ٻيو قانون جوڙيو ويو آهي، جيڪي نوڪريون  ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڪو به ڪارروائي ڪرڻ  تيار نه آهي، جيڪڏهن انهن خلاف ڪارروائي جي شروعات ٿئي به ٿي ته انهن جا چمچا غريب اٻوجهه عوام کي سنڌ جي حقن ۽ شهيدن  جا واسطا ڏئي روڊن تي آڻيو ڇڏين جيڪو نظارو اسان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ ڏسي به چڪا آهيون. جڏهن سنڌ ۾ سنڌي نوجوان گم ٿي رهيا هئا ۽ چچريل لاش ملي رهيا هئا ته ان وقت سنڌ جا ڪامورا خاموش هئا پر جڏهن سندن اهم ماڻهو گم ٿيا ته انهن ڪامورن جون ننڊون ئي حرام ٿي ويون هيون ۽ عوام کي قانون به ياد ڏياريو پيو وڃي ته  جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪيو وڃي ته انهن کي  24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽  ايوانن ۾ به انهن گم ٿيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو ويو پر سنڌ جي نوجوانن جا اهنج  انهن ڪامورن کي نظر نه آيا، هن وقت سنڌ جا نوجوان بک ۽ بدحالي واري زندگي گهارن تي مجبور آهن ۽ روزگار سانگي جيڪڏهن بلوچستان وڃن ٿا ته انهن جا لاش موڪليا وڃن ٿا، اهي لاش ان ڪري موڪليا پيا وڃن ته حڪمران هن ملڪ جي عوام کان حقيقتون لڪائي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ صرف ڪاغذي طور دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ترقياتي منصوبن جا افتتاح ڪيا پيا وڃن،
جيڪڏهن سنڌ جي اندر ئي سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي ها ته اڄ بلوچستان مان سنڌي پورهيتن جا لاش نه اچن ها ۽ نه ئي سنڌ جا نوجوان بيروزگاري سبب  آپگهات ڪن  ها، هن بجيٽ جيڪي نوڪرين جا اعلان ڪيا ويا آهن اهي به ماضي ۾ ٿيل اعلانن جيان هوندو ڇاڪاڻ ته سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو عالمي يتيم خانو آهي، جتي دنيا جا عالمي يتيم ترسيل آهن ۽ نوڪريون به انهن کي  ئي ڏنيون پيون وڃن، اهو ئي سبب  آهي جو هن ملڪ جيڪي به ادارا آهن انهن ۾ سنڌي نوجوان نه هجڻ جي برابر آهي، ڪجهه عرصو اڳ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز به گڏيل قومن جي  هڪ اجلاس ۾ وڏي فخر سان چئي رهيو هو ته هنن لکين ڌارين جي لوڌ کي پاڪستان ۾ روزگار ڏنو ويو. بهرحال نوڪريون ٻين کي ڏنيون وڃن يا نه ڏنيون وڃن پر سڀ کان پهريان حق سنڌ ۾ سنڌين جو آهي ۽ سنڌ اندر ئي ادارن ۾ ڌارين جي لوڌ کي ڀرتي ڪري سنڌين کي نظر  انداز ڪيو وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي ناانصافي ٿيندي. هونءَ ته سڀني کي خبر آهي ته ٻين ادارن ۾ ڪيترا سنڌي نوجوان روزگار ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ شاهي سيد به اهو چيو هو ته ڪراچي ۾ پٺاڻن جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي،
 ان کان اڳ واريون حالتون ته سڀني کي خبر آهي ته هڪ ڀائي جي اشاري تي ڪراچي ۾  خون جون نديون وهايون وينديون هيون ۽ ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهيو ويندو هو . بهرحال اها سٺي ڳالهه آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملازمن جي پگهارن ۾ پندرنهن سيڪڙو ۽ پينشن ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي، پر جيڪو نوڪرين جو اعلان ڪيو ويو آهي ان تي شايد ڪڏهن عمل نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ڌارين جي لوڌ آهي ۽ اهي نوڪريون انهن کي ئي ملي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته ماضي جيان هن ڀيري ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي ميرٽ جي سڀني کي خبر آهي ته هتي ڪامورا ميرٽ  ڇا کي چوندا آهن ، اهي نوڪريون ميرٽ رکندڙ  کي ئي ملي سگهن ٿيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ مجموعي طور ترقياتي خرچن لاءِ 3 کرب 44 ارب، 6 ڪروڙ، 78 لک رپيا رکيا آهن، جنهن ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 2 کرب 44 ارب رپيا ۽ ضلعي ترقياتي خرچن لاءِ 30 ارب رپيا شامل آهن. هاڻ ڏسڻو اهو  آهي ته اهو ترقياتي ڪم قلندر لعل جي مزار جي تعميراتي ڪم جيان جاري رهندا يا وري جانهن ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل پئسن ک امانت طور واپس وفاق جي حوالي ڪيو ويندو،
 ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ به سنڌ حڪومت اهو اعتراف ڪري چڪي آهي ته هو بجيٽ کي خرچ نه ڪري سگهيا آهن. سنڌ جا روڊ رستا به سڀني جي سامهون آهن،  بجلي  جي پيدا وار سنڌ ۾ ٻڙي برابر آهي جيڪڏهن سڪيورٽي معاملي تي اينداسين سان ته ان ۾ به سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي جيڪڏهن سنڌ اندر سڪيورٽي جا انتظام سخت هجن ها ته ججن جا ٻار اغوا نه ٿين ها ۽ نه ئي وري روڊ حادثن ۾ ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ها. صوبائي حڪومت بجيٽ ۾ تعليم لاءِ ٻه کرب ۽ ٻه ارب رکيا آهن، هڪ طرف تعليم ايمرجنسي آهي ته ٻي طرف چين کان ليپ ٽاپ وٺي ورهائڻ جي لاءِ اعلان به  ڪيا پيا وڃن، مطلب ته ليپ جو ٺيڪو ٻي ڪنهن ملڪ نه پر پاڙيسري ملڪ کي ئي ڏنو ويندو، اهو ڀلو ٿيو جو ته پاڙيسري ملڪ سان دوستي لاڳاپ بهتر آهن ان کي خوش ڪرڻ لاءِ هتان جي غريب شاگردن کي ليپ ٽاپ ملي رهيا آهن نه ته هي حڪمران اهو پيسو به گم ڪري ڇڏين ها. خبر ئي نه پئي ها جيئن ماضي جيڪي قرض ورتا ويا جن بابت هن وقت تائين خبر نه پئجي سگهي ته اهي آخر ڪهڙن ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪيا ويا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت کي ليپ ٽاپ ورهائڻ کان اڳ سنڌ جي بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ گهرجي ۽ جن علائقن ۾سرڪاري اسڪول نه آهن اتي اسڪول تعمير ڪرايا وڃن ته جئين سنڌ جي ماڻهن جو مستقبل بچي سگهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تعليم جيان صحت جون سهولتون به سنڌ اندر نه هئڻ برابر آهي، جنهن سبب هزارين ماڻهو  ڪيترن ئي بيمارين ۾ مبتلا آهن. هونءَ ته ڪجهه  سرڪاري اسپتالن کي  اين جي اوز  جي به حوالي ڪيو ويو آهي. جنهن سبب مريض پريشان آهن. هونءَ ته وڏي ويري سيد مراد علي  شاهه چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪسس نه لڳايو ويندو، هن اهو به چيو هو ته پرڏيهي امدادي منصوبن جي مد ۾ وصولين جو ڪاٿو 42.7 ارب رپيا آهي. ٽيڪس ۽ غيرٽيڪس وصولين جي مد ۾ صوبي جي پنهنجن وسيلن مان آمدني جو ڪاٿو هڪ کرب 99 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. خرچن جي مد ۾ بجيٽ جو ڪاٿو 10 کرب 43 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.  بهرحال هي بجيٽ به عوام لاءِ فائديمند ثابت نه ٿي  سگهندي ڇاڪاڻ ته هن صوبي ۾ گيس، پيٽرول ۽ ٻيا معدني ذخيرا هوندي به سنڌ جي حڪمرانن توانائي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي وري گيس سميت  ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.


No comments:

Post a Comment