Pages

Sunday 4 June 2017

برطانيا ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي

صاحب خان ڀٽي
برطانيا هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي اچي ويو آهي، چونڊن کان اڳ برطانيا جي مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن، برطانوي وزير ٿريسامي به هاڻوڪي حملن کي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، برطانيا  ۾ هاڻ اهي ساڳيون حالتون جنم وٺي چڪيون آهن،  ڪجهه عرصو اڳ جڏهن آمريڪا ۾ چونڊون ٿي رهيون هيون ته ان وقت به اتي دهشتگردي جا واقعا پيش اچي رهيا هئا ۽ اهو تاثر ظاهر ڪيو ويو هو ته اهي حملا مسلمان ڪري رهيا آهن ۽مسلمانن خلاف آمريڪا ۾ هڪ وڏي پروپيگنڊا شروع ٿي هئي ۽ هاڻ وري برطانيا ۾ به ساڳيون حالتون جنم وٺي رهيون آهن، آمريڪا ۾ به چونڊن کان اڳ مسلمانن خلاف پروپيگنڊا سان مسلمانن کي تمام گهڻي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ هاڻ برطانيا ۾ چونڊن کان اڳ ئي اهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن، خبر نه ٿي پئي ته آخر چونڊن وقت ئي مذهبي انتهاپسندي کي ترقي يافته ملڪن ۾ هٿي ڇو ملي رهي آهي،
اڳ ۾ ڪڏهن به انهن ملڪن ۾ چونڊن کان اڳ اهڙا واقعا پيش نه آيا آهن پر هن ڀيري آمريڪا ۽ برطانيا سميت ٻين ملڪڻ ۾ چونڊن کان اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن جو دنيا اندر مسلمانن خلاف سازشون وڌي ويون آهن، هونءَ ته سمورا ملڪ ان ڳالهه تي ظاهري طور متفق نظر ايندا آهن ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي پر ان باوجود مختلف ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن خلاف اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ به برطانيا ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو هو ان ۾ به حملي ۾ ملوث جوابدار کي عبيد نالي سان ظاهر ڪيو ويو هو جنهن جي ويڊيو به جاري ڪئي وئي هئي. بهرحال برطانيا جي لنڊن سميت مختلف شهرن ۾ ٿيل دهشتگردي  برطانيا جي ايندڙ چونڊن  تي اثر انداز ٿي رهي آهي. برطانيا جي گادي واري شهر لنڊن ۾ پاڪ ڀارت ميچ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ٻه دهشتگردي واقعا پيش آيا، جن ۾ 7 ڄڻا  مارجي ويا 48 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، ايتري قدر جو برطانوي پوليس طرفان ٽن حملي آور کي به مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، هڪ حملو لنڊن برج تي اڻڄاتل جوابدار تيز رفتار وين ماڻهن مٿان چاڙي جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، برطانوي پوليس دعويٰ ڪئي ته لنڊن برج تي تيز رفتار گاڏي ماڻهن کي چيڀاٽو ۽ بعد ۾ ٽي جوابدار گاڌي مان لٿا جن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. ٻيو حملو بارو مارڪيٽ ۽ ووڪس هال ۾ پيش آيو ، جتي هٿياربندن جي فائرنگ ۽ چاقوسان حملي سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. جنهن ۾ ڪجهه ماڻهومارجي به ويا هئا. برطانوي پوليس چئي رهي آهي ته ووڪس هال واقعي جو لنڊن برج ۽ بارو مارڪيٽ واقعن سان تعلق نه آهي، لنڊن برج ۽ بارو مارڪيٽ جي واقعا دهشتگردي آهن.
ايتري قدر جو برطانوي پوليس طرفان بارو مارڪيٽ ويجهو مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ دهشتگرد جي تصوير به جاري ڪئي وئي. لنڊن ۾ تشدد وارن واقعن بعد وزيراعظم ٿريسامي سڪيورٽي اجلاس طلب ڪيو هو، جئين مانچسٽر حملي بعد طلب ڪيو ويو هو، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي چيو هو ته لنڊن واقعن کي امڪاني دهشتگردي طور ڏٺو پيو وڃي ۽ اهو به چيو هو ته لنڊن مسلسل دهشتگردن جي نشاني تي آهي، فرانسيسي صدر عمانويل چيو آهي ته لنڊن حملو مذمت جوڳو عمل آهي، هو برطانا سان گڏ آهن. آمريڪا طرفان دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا برطانيا جي درخواست تي حملن جي جاچ ۾ هر طرح جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.آمريڪ صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان چيو ويو آهي ته  لنڊن حملو بزدلاڻي ڪارروائي آهي ته جنهن ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برطانيا دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جتي سياستدانن کي سياسي پناهه ڏني ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ملڪن جي سياستدانن جا گهر ۽ دولت برطانيا ۾ ئي هوندي آهي پر افسوس جو ان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو اڄڪلهه دهشتگردي جي ور چڙهي ويا آهن، هي اهو ئي ملڪ هو جتي ماڻهن يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ لاءِ ريفريڊم به ڪرايو هو، ايتري قدر جو پاناما ليڪس معاملي ۾ سندس نالو آيو هيو ۽ جڏهن برطانيا ۾ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ ريفريڊم ڪرايو ويو هو تڏهن برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرن عوام جي مطالبي کي تسليم ڪيو هو ۽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ به ڏني هئي، هونءَ ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به سربراهن طرفان پاناما ليڪس ۾ نالو اچڻ بعد استعيفائون ڏنيون ويون هيون، پر ڪجهه ملڪن ۾ اڄ به پاناما تي بحث جاري آهي ۽ جاچ به هلي پئي. هن وقت برطانيا جي وزيراعظم ٿريسامي آهي، جيڪا سڄي ملڪ جو ڪاروهنوار سنڀالي رهي آهي پر ان باوجود برطانيا ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، هن وقت برطانيا اندر دهشتگردي جون کوڙ ساريون ڪارروايون ٿي چڪيون آهن،
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن برطانوي شهر مانچسٽر ايرينا ۾ آمريڪي گلوڪارا آريانا گرينڊ جي ڪنسرٽ دوران  ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جنهن بعد ملڪ اندر هڪ افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ برطانوي وزيراعظم اهڙي ڪارروائي کي دهشتگردي قرار ڏيندي چونڊون سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. برطانوي وزيراعظم ٿريسامي به دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي  پر ان باوجود اتي امن امان جي صورتحال بهتر نظر نه اچي رهي آهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برطانيا يوپر جي ملڪن مان اهو واحد ملڪ آهي جيڪو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جتي شهزادن ۽ راڻين جو ذڪر به ٿيندو آهي مطلب ته اڄ به اتي شهزادن ۽ راڻين جو راڄ قائم آهي.  برطانيا برٽن طور به سڃاتو ويندو آهي جيڪو يورپ جو ملڪ آهي، برطانيا هڪ سياسي اتحاد آهي جيڪو 4 ملڪن انگلستان، اسڪاچستان، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ سان گڏجي ٺاهيو ويو هو. برطانيا هڪ آئيني بادشاهت آهي جيڪي 16 ملڪن جي طرح راڻي  ايلزبٿ دوم کي پنهنجو حڪمران تصور ڪندا آهن. برطانيا هڪ انتهائي ترقي يافته ملڪ آهي ان جي معيشيت دنيا جي پنجين ۽ يورپ جي ٻي سڀ کان وڏي معيشيت آهي، جيڪا تقريبن 2.2 کرب آمريڪي ڊالرزآهي،
ڪڏهن برطانيا ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران فائرنگ ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري ماڻهن مٿان ڪار چاڙهي دهشتگردن جي موجودگي جو احساس ڪرايوويندو آهي، هن وقت به برطانيا اندر چونڊن جون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن ۽ چون سرگرميون ان وقت شروع ٿيون جڏهن برطانوي وزيراعظم ٿريسامي اعلان ڪيو هو. جڏهن ڊيوڊ ڪيمرون وزيراعظم هو ته ان وقت 2016ع ۾ يورپي يونين کان ڌار جو فيصلوڪيو ويو هو ۽ ان حوالي سان ريفريڊم به ڪرايوويو هو ۽ عوام طرفان ڀرپور نموني حصو ورتو ويو هو۽ ان وقت برطانا جي عوام  اهو ثابت ڪيو هو ته هو ڪنهن به صورت ۾  يورپي يونين ۾ نه رهندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برطانيا ۾ جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿيون ان سان عوام کي کوڙ سارو نقصان پهتو  آهي پر اهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به دهشتگردي برطانيا جي سڪيورٽي ادارن لاءِ چيلينج بڻجي وڃي ٿي، هي اهو ئي ملڪ آهي جو دنيا جا ٻيا ملڪ به ان کان معاملي جي جاچ ڪرائيندا آهن پر هن  وقت برطانيا لاءِ پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي جاچ تمام گهڻو  ڏکيو ثابت ٿي رهي آهي. جڏهن ڊيوڊ ڪيمرون وزيراعظم هو ته ان وقت  به مختلف وقتن تي ننڍڙيون ننڍڙيون دهشتگرد ڪارروايون ٿينديون هيون پر هاڻ ته  برطانيا ۾ به دهشتگردن حد پار ڪري ڇڏي آهي ۽ سپر پاور ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ ملڪ  کي اکيون ڏيکاري ريو آهي.
Sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment