Pages

Tuesday 13 June 2017

اسلامي ملڪن جو ٽٽندڙ اتحاد

صاحب خان ڀٽي

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سعودي عرب اسلامي اتحادي ملڪن جو اجلاس ٿيو ته ان ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کي خطاب ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف به پنهنجي واري جو انتظار ڪندو رهيو، پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي، ايئن لڳي رهيو هو ته سمورن اسلامي ملڪن جو سربراهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هو ۽ ٻيا سمورا ملڪ   جي ماتحت هئا، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس خطاب ڪري هليو ويو ته خطي اندر حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون، آمريڪي صدر اسرائيل جو به دورو ڪيو ته فلسطين جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي، جنهن بعد لڳي پيو ته آمريڪي صدر دونلڊ ٽرمپ فلسطين مسئلي کي سنجيده طور حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي پر اهو سڀ ڪجهه صرف ڏيکاءُ هو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ڪڏهن به نا چاهيندو ته هو اسرائيل کي ڪڏهن ناراض ڪري، پوءِ هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وڃي ٿي ته آمريڪا ڪڏهن به نه چاهيندو ته فلسطين مسئلو حل ٿئي، هونءَ ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب کي پنهنجي طاقت جو زور ڏيکاري چڪو آهي پر ان باوجود ايران ۽ اتر ڪوريا ٻه واحد ملڪ آهن جيڪي آمريڪا لاءِ  هڪ چيلنج بڻيل آهن جنهن سبب آمريڪا مختلف وقتن تي ٻنهي ملڪن خلاف بيان ڏيندو رهيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ جون واڳيون سنڀاليون هيون ته ان وقت ئي هن چيو ته جن ملڪن کي هو تحفظ مهيا ڪري رهيا آهن انهن ملڪن کان هو معاوضو وٺندا، مطلب ته هنن سعودي عرب کان به حفاظت جي مد ڪجهه نه ڪجهه ضرور ورتو ويندو. هن وقت عرب ملڪن اندر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ئي چرچا آهن ۽ آمريڪي صدر جو سڄو ڌيان ايشيائي ملڪن تي آهي، هڪ طرف چين پنهنجو اليڪٽرانڪس سامان مختلف ملڪن جي مارڪيٽن تائين پهچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي ته آمريڪا وري خطي اندر حالتون خراب ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان خطي امن قائم ٿيڻ نا ممڪن ٿي ويندو.  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چئي رهيو آهي ته قطر بابت هن پاڻ ئي عرب ملڪن کي هدايت ڪئي آهي،  اهو بيان تڏهن آيو جڏهن سعودي عرب، بحرين، عرب امارات ۽ مصر پاران قطر سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، سعودي عرب ته قطر سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ختم ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خطري کان بچڻ ۽ قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي قطر سان پنهنجي سرحد کي بند ڪري ڇڏيو هو. گڏيل عرب امارات به قطري سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي هئي. جن به اسلامي ملڪن قطر سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو انهن ملڪن طرفان چيو ويو هو ته قطر تي دهشتگرد، انتهاپسند ۽ فرقيوار تنظيمن جي حمايت ڪري رهيو آهي. بهرحال هن وقت قطر جا ٻين اسلامي ملڪن سان ٽٽندڙ  لاڳاپن خطي کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته قطر تي اهو به الزام آهي ته هن ايران جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ڪجهه ملڪن طرفان قطر سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ان وقت پاڪستان جي پرڏيهي وزارت طرفان صاف صاف بيان ڏنو ويو ته هنن اڃا لاڳاپا ختم ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه ڪيو آهي ۽ هو مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ايران به سعودي عرب سميت ٻين پاڙيسري ملڪن ي زور ڀريو آهي ته پنهنجي اختلافن کي ڳالهين ذريعي  حل ڪيو وڃي. ايران طرفان اهو به چيو ويو آهي ته  قطري معاملي تي پاڙيسري ملڪ ڳالهين جو عمل شروع ڪن. هن وقت خطي ۾ داعش نالي دهشتگرد تنظيم جي دهشتگردي سان گڏ قطر بحران ئي هلي رهيو آهي جيڪڏهن ان مسئلي کي حل نه ڪيو ويو ته هي خطي خطرناڪ هٿيارن سبب دوز بڻجي ويندو ۽ اهو ڪم هتي موجود دهشتگرد تنظيمون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته پاڙيسري مستقل ٿيندا آهن ۽ سرحدون به تبديل نه ٿيون ڪري سگهجن، ايراني پرڏيهي وزير تازي صورتحال تي ترڪي، انڊونيشيا، عراق ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن سان فون تي رابطو ڪري علائقائي تبديلين تي ڳالهيون ڪيون آهن. بهرحال هن وقت عرب ملڪن جا سربراهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اشاري تي هلي رهيا آهن،  جنهن جو ثبوت ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ذريعي ڏئي ڇڏيوآهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته سعودي سميت ٻين ملڪن سندس چوڻ  تي ئي قطر سان لاڳاپا ختم ڪيا آهن، جيڪڏهن هر فيصلا هاڻ آمريڪا ڪندو ته  سعودي عرب سميت سمورن اسلامي ملڪن اندر ئي حالتون خراب ٿي وينديون، جنهن جو اندازو هاڻ اسان قطر جي تازا حالتن مان به لڳائي سگهون ٿا، جتي ماڻهن امڪاني خطري سبب گهرن اندر سامان وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،هن وقت لڳي رهيو  آهي ته واقعي آمريڪا ايران کي خطي ۾ اڪيلو ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ايران  واحد ملڪ آهي جيڪو آمريڪا جي داٻن ۾ نه اچي رهيو آهي، باقي ايشيا جا ٻيا ملڪ آمريڪا آڏو ڪنڌ جهڪايو ويٺا آهن، هڪ ٻيو ملڪ به آهي جيڪو آمريڪا جي پابندين باوجود ايٽمي تجربا ڪندو رهيو آهي، جيڪو به آمريڪا لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي. بهرحال هن وقت جڏهن سمورن اسلامي ملڪن ايران جي حمايت ڪندڙ ملڪن تي پابنديون لڳايون ته اهي پابنديون صرف ايران نه پر انهن ملڪن لاءِ به هڪ چيلينج  بڻجي ويندو ڇاڪاڻ ته  صرف ٻن اسلامي ملڪن جي جنگ ۾ سمورن اسلامي ملڪن جو ئي نقصان ٿيندو، جنهن لاءِ سمورن اسلامي ملڪن کي ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جئين خطي ۾اسلامي ملڪ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيڻ کان بچي سگهن ۽ ڪيتريون ئي حياتيون بچي سگهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ايران جي گادي واري شهر ۾ پارليامينٽ ۾ هٿياربندن داخل ٿي ڪجهه  ميمبرن کي يرغمال بڻايو ۽ فائرنگ به ڪئي جنهن  جي نتيجي ۾ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿي پيا هئا، ايتري قدر جو  امام خميني جي مزار ويجهو به هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي بم سان اڏيو ۽ هڪ کي حراست ۾ ورتو ويو هو جنهن پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيو هو ۽ اهي دهشتگردي ايران ۾ ان وقت ٿي آهي جڏهن امريڪا به ايران جي خلاف ٿي بيٺو آهي ۽ سعودي عرب سميت ٻين اسلامي ملڪن طرفان قطر سان سفارتي لاڳاپا  ختم ڪيا ويا آهن.  هڪ ڳالهه ته بلڪل سامهون  اچي چڪي آهي ته آمريڪا هاڻ سرعام ايران سان مهاڏو اٽڪائي رهيو آهي ۽ داعش جهڙي خطرناڪ جماعت به ايران ۾ پير رکي ڇڏيا آهن جنهن سبب ايران جهري سرزمين تي داعش جا آپگهاتي بمبار  ماريا ويا. هن وقت سڄي دنيا جون نظرون صرف قطر ۽ ايران تي لڳل آهن ۽ ڪو به اهڙو خاص بيان نه پيو ڏنو وڃي جنهن سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ناراض ٿي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب به آمريڪا آڏو بيوس بڻيل  آهي. 

No comments:

Post a Comment