Pages

Saturday 3 June 2017

قرباني جو ٻڪرو بڻجي ويل نهال هاشمي

صاحب خان ڀٽي

سپريم ڪورٽ پاران جوڙي جي آءِ ٽي پنهنجي ڪارروائي تيز ڪندي پاناما ليڪس جي ڪردارن کان تمام گهڻي پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي، ان حوالي سان وزيراعظم نوازشريف جي  ننڍي پٽ ۽ وڏي پٽ کي به طلب ڪيو ويو، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف  سربراهه به عمران خان مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر نوازسرڪار سڀني کان وڌيڪ پريشان ٿي رهي آهي، اهو ان ڪري ٿي رهيو جو نواز سرڪار پنهنجي لاءِ کڏ پاڻ کوٽي رهي آهي ۽ سندس حڪومت لاءِ به ڏچو پيدا ٿي رهيو آهي، نوازسرڪار طرفان ڊان ليڪس ۽ پانام ليڪس مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر نهال هاشمي معاملي کي بگڙجڻ کان روڪي نه سگهيو آهي،

نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر جي ڌمڪين واري ويڊيو منظرعام تي  اچڻ بعد ملڪ ۾ ته ڪو ٻڙڌڪ مچي ويو ۽ هر طرف اهي ڳالهيون ٿينديون رهيون ته نواز سرڪار  پاناما ليڪس جي جاچ بابت جوڙيل جي آءِ ٽي تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اهڙا قدم  کڻي رهي آهي، نهال هاشمي جي اها وڊيو “ يوم تڪبير” جي حوالي ڪوٺايل هڪ تقريب جي هئي جنهن ۾ نهال هاشمي ڪارڪنن کي جوشيلي انداز ۾ خطاب ڪري رهيو هو ته اڄ اوهان حاضر سرور هو، سڀاڻي رٽائرڊ ٿيندئو، اسان اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي خاندان لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين ۽ اهو به چيو ته جنهن جو اوهان احتساب ڪري رهيا هو اوهو ڪو ٻيو نه پر  وزيراعظم نوازشريف جو پٽ آهي، احتساب ڪندڙ جو يوم احتساب ڪيو ويندو. بهرحال اهڙي وڊي بعد اطلاعات بابت سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو  هو ته اهو بيان نهال هاشمي جو ذاتي آهي جنهن سانهن نواز سرڪار، مسلم ليگ نون ۽ شريف  ڪٽنب جو ڪو به تعلق نه آهي،

اهو بيان نهال هاشمي جو  ذاتي بيان آهي، اپوزيشن جماعتن پاران نهال هاشمي جي بيان جي مذمت ڪئي وئي، تنهن کان پوءِ نواز سرڪار ڇتي تنقيد کان بچندي نهال هاشمي کان استعيفيٰ ورتي جئين ڪجهه ڏينهن اڳ پرويز رشيد ۽ طارق فاطمي کان ورتي وئي هئي.نون ليگ اڳواڻ نهال هاشمي پنهنجي استعيفيٰ ڏيندي چيو ته هو اڻٽر سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.ماضي ۾ جڏهن پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري هڪ بيان ڏنو هو ته هو ”ايٽ ڪي ايٽ بجا ديني” تنهن کان پوءِ کيس علاج ڪرائڻ دبئي به وڃڻو پيو هو، اهڙي بيان ان اڳ به کيس دبئي وڃڻو پيو هو ۽  اتي هن وڃي چيو هو ته جيڪڏهن ڏيهه اچڻ ن ڏنو ويو ته دما دم مست قلندر ٿيندو. مطلب تي هو سڌي ريت ڪنهن جو به نالو نه  کڻندو هو پر نواز ليگ سرڪار جا  اڳواڻ سرعام ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سان نواز ليگ جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي،

ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ جڏهن نوازسرڪار طرفان اهڙا جذباتي فيصلا ڪيا ويا هئا جنهن سبب مشرف کي سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻو پيو هو ۽ هاڻ وري هڪ ڀيرو ٻيهر نواز ليگ اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن سان هڪ ته ملڪ جي ترقي جي رفتار گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ٻيو وري عوام به ٻڏتر جو شڪار بڻجي وئي هي، جنهن کانپوءِ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين نوازسرڪار جي لاءِ ٽف ٽائيم هوندو، جيڪڏهن ان مشڪل کي نواز سرڪار سٺي نموني سان منهن ڏئي وئي ته کيس ڪجهه فائدو ضرور ملندو پر جيڪڏهن  طاقت جو استعمال ڪيو ويو  ته اهو جمهوريت سان گڏ نوا ز  ليگ لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار ثابت ٿيندو، ان جي لاءِ نوازسرڪار کي گهرجي ته جي آءِ ٽي سان سهڪار لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن ۽ اهڙيون ڌمڪيون ڏيڻ کان بچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سي پيڪ منصوبي کان پوءِ دنيا اندر خطي جي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي ۽ سي پيڪ منصوبي جي حوالي سان پاڪستان خطي ۾ جاگرافيائي لحاظ کان تمام اهميت رکي ٿو، جنهن جي ڪري چين سيڙپڪاري لاءِ راضي ٿيو آهي ۽ چين به ڪڏهن نه چاهيندو ته پاڪستان اندر ڪا ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار رهي،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ سويلين حڪومت هجي يا وري فوجي حڪومت چين هميشه ٻنهي حڪومتن  جي حمايت ڪندو رهندو رهيو آهي. جئين ته چين هڪ واپاري ملڪ آهي ۽ سپر ملڪ به  آهي ۽ سندس شروع ڪيل سي پيڪ منصوبي تي به ڪم جاري ساري آهي، جنهن تي ڪجهه ماڻهو اعتراض به ڪري رهيا آهن. بهرحال نواز ليگ ماضي جيان هاڻ به ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان جمهوريت داءُ تي لڳي رهيو آهي، هي اها جمهوريت آهي جنهن لاءِ هزارين ماڻهن شهادتون ڏنيون ۽ هزارين ماڻهو معذور بڻجي وئا، ايتري قدر جو هڪ پارٽي سربراهه به شهيد ٿي وئي پر پوءِ نواز سرڪار پنهنجي ماضي واريون غلطيون ورجائيندي نظر اچي رهيو آهي، مطلب ته جڏهن اڳوڻي آرمي چيف نواز سرڪار جو تختو اونڌو ڪيو هو ته ان وقت به نوازسرڪار اهڙيون ئي حرڪتون ڪيون هيون. هاڻ اههڙين غلطين کان پاسو نه پيو ڪيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڊان ليڪس وارو معاملو اٿيو هو ته ان وقت به نواز سرڪار معاملي کي وڌيڪ الجهائڻ لاءِ مختلف نوٽيس جاري ڪري رهي هئي جنهن کي فوج طرفان رد ڪيو هو پر عسڪري قيادت ۽  سول قيادت وچ  ۾ اتفاق بعد اهو معاملو طئي ڪيو ويو هو،

ان کان پوءِ نوازسرڪار جون آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون ۽ مجبورن تحريڪ انصاف کي عدالت جو دروازو کڙڪائڻو پيو، جنهن بعد ٻئي تحريڪ انصاف نواز سرڪار خلاف ته وري نوازسرڪار عمران خان خلاف ڪيس وڙهي رهي آهي پر اهي ٻئي تڏهن ئي ڪامياب ٿيندا جڏهن ٻئي پارٽيون اتفاق نه ٿيون ڪري وٺن، ڊان ليڪس معاملي تي به نواز سرڪار طرفان پرويز رشيد ۽ طارق فاطمي کان استعيفائون ورتيون ويون هيون، ان کان پوءِ به اهڙو معاملو حل نه ٿيو هو پر جڏهن پاڪ فوج طرفان ٽوئيٽ ڪيو ويو جيڪو ڪجهه ڏينهن جي ڳالهين بعد واپس ورتو ويو پر هاڻ ان کان به وڌيڪ حالتون خراب ٿينديون  پيون وڃن.جيڪڏهن بلوچستان تي نظر ڦيرائينداسين ته اتي به امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي پر هتي حالتون ٿوريون ابتڙ آهي. هاڻ نواز سرڪار  به ڊان ليڪس مان پنهنجي جند آجي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي نظر اچي رهي آهي پر حالتون اڄڪلهه سندس حق ۾ ناهن جنهن سبب نواز سرڪار سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسندي پئي وڃي جنهن مان هاڻ شايد پيپلزپارٽي به ڪڍي سگهي، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته نوازسرڪار کي کٽڪو آهي ته متان سندن حڪومت کي ڪو لوڏو ڇو نه اچي وڃي.

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد آيل جمهوريت سياسي پارٽين لاءِ ته ڄڻ سوني جي جهرڪي بڻجي وئي آهي، هر هڪ پارٽيون جون آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿي رهيون آهن ته ڪجهه سياستدانن جا پرڏيهه ۾ فليٽس جو انڪشاف ٿي رهيو آهي،، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي سرزمين تي پير رکيو هو ته ان وقت به دهشتگردن مٿس حملو ڪيو هو ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا، پر جڏهن بينظير ڀٽو پنجاب ۾ جلسو ڪيو ته ان وقت کيس دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون جو هر طرف مخالف نعرا لڳي رهيا هئا ۽ هر طرف سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو هو،ايتري قدر جو سنڌ اندر جو ايترو رد عمل ظاهر ٿيو جو آصف علي زرداري کي پاڪستان کپي جو نعرو هڻڻو پيو هو. نيٺ بينظير  ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جمهوريت ته  قائم ٿي پر سياسي پارٽين هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۽ ٽئين کي دعوت ڏيڻ وارا عمل ورجائينديون رهيون آهن، جيڪو سلسلو به اڄ جاري آهي.

هڪ ٻه ڏينهن اڳ هڪ اهڙو  وڌيڪ نواز ليگ طرفان کنيو ويو، جنهن لڳي رهيو ته ملڪ اندر ڪا وڏي تبديلي اچي ويندي پر ان کان اڳ ئي نواز سرڪار ان جي ترديد ڪري ڇڏي. نهال هاشمي جي ڌمڪين واري وڊيو منظر عام تي اچڻ کان پوءِ هڪ ڳالهه تي واضع ٿي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي اڻ سڌي ريت ڌمڪيون ملي ويون آهن، جيتوڻيڪ نواز سرڪار  نهال هاشمي جي بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪري رهي آهي پر پوءِ نهال هاشمي آهي ته نواز ليگ جو ئي نه، جيڪڏهن نوازسرڪار اهڙا قدم جاري رکيا ته پوءِ  جمهوريت سان گڏ نوازسرڪار کي به تمام گهڻو نقصان پهچندو،ماضي ۾ ته پيپلزپارٽي جمهوريت خاطر نوازشريف جو ساٿ ڏنو هو پر جڏهن کان آصف زرداري جا ويجها ساٿي گم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ انهن جي بازيابي  به ٿي ۽ پيپلزپارٽي جي وزيرن خلاف ايف آءِ اي ڪارروايون به ڪيون تنهن ڏينهن کان نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ويڇا تمام گهڻو وڌي ويا آهن ۽ هاڻ لڳي ٿو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندي ڇاڪاڻ ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به پيپلزپارٽي خلاف  گهڻو ڪجهه ڳالهايو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا نوازسرڪار  نهال هاشمي واري بيان تي جي آءِ ٽي کي مطئمن ڪري سگهندي يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪجهه سياسي اڳواڻن چيو هو ته نواز ليگ ڪجهه اڳواڻن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي رهي آهي ته پوءِ ڇا  نهال هاشمي جي قرباني نواز سرڪار کي پاناما ليڪس مان بچائي سگهندي؟

sahibalisindhi@gmail.com


No comments:

Post a Comment