Pages

Tuesday 13 June 2017

سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل جرڳا

صاحب خان ڀٽي
هن وقت ملڪ اندر جرڳن تي پابندي آهي پر باوجود سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جرڳن ذريعي فيصلا ڪرڻ وارو  سلسلو جاري آهي، جنهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا روڪرائي نه سگهيا آهن،   جنهن سبب سنڌ جي مختلف شهرن۾ روز ڪٿي نه ڪٿي جرڳن ذريعي اهڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن جن کي ٻڌڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي، اهڙو هڪ واقعو ڪجهه عرصو اڳ ڪي پي جي شانگلا ۾ به پيش آيو هو ۽ هڪ اسڪينڊل سامهون آيو هو، ايتري قدر جو هڪ ويڊيو به جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته چار عورتون هڪ هڪ غير مرد سان  جهومر راند کيڏي رهيون آهن، اهڙي ميڊيا منظر عام تي اچڻ بعد انهن چئن عورتن کي جرڳي ذريعي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني وئي آهي، ان کان علاوه به ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن جن کي روڪرائڻ لاءِ ڪيا به قدم نه کنيا ويا آهن.
جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ انصاف لاءِ ڪيترائي ادارا موجود آهن پر ان باوجود ماڻهو پنچائتن ۽ جرڳائي نظام ۾ ڦاٿل آهن، جنهن سبب روزانو ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارو واقعو پيش ايندو رهندو آهي، ڪجهه واقعا ته هن ملڪ ۾ اهڙا به پيش اچي چڪا آهن، جن کي ٻڌندي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو پر ان باوجود حڪومت جرڳائي نظام جي خاتمي لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کڻي رهي آهي، گذريل 3 فيبروري جمعي ڏهاڙي تي قومي اسيمبلي ۾ پنچائت ۽ جرڳن کي قانوني شڪل ڏيڻ جو بل منظور ڪيو ويو هو. قومي اسيمبلي ۾ متبادل حل طلب تڪرارن جو بل 2016 ڪجهه ترميمن سان اتفاق راءِ منظور ڪيو ويو هو ۽ اهو بل وفاقي وزير زاحد حامد ڪيو هو. جنهن بابت چيو ويو هو ته پنچائتن ۽ جرڳن ۾ عورتن جي نمائندگي ضروري آهي، سڀ کان وڌيڪ استحصال عورتن جو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست به آهي پر قومي اسيمبلي ۾ويٺل عورت ميمبر به عورتن جي حقن بابت ڪو خاص نه آواز نه اٿاري رهيون آهن. چونڊيل نمائندا به صرف اسيمبلين ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ بعد خاموش ويهي رهندا آهن، جن تي عمل نه ٿيڻ سبب املهه حياتيون ضايع ٿينديون رهنديون آهن، جرڳائي نظام سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ئي ٿيو آهي، گهر ۾ چوري ٿي وڃي يا وري ڪو قبيلائي تڪرار هجي پنچائت ۽ جرڳن ذريعي ڌرين تي ايترا ته ڏنڊ وڌا ويندا آهن جو ٻڌي ائين لڳندو آهي ته جن ماڻهن جو جرڳو ڪيو ويو آهي ته اهي ڪي غريب نه پر ڪي زميندار هجن، اهڙا ڪيترائي جرڳا سنڌ اندر روز ڪٿي نه ڪٿي ٿيندا رهندا آهن، جن مان ڪجهه ميڊيا جي خبرن جي زينت به بڻجي ويندا آهن
هونءَ ته سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون تنظيمون آهن جيڪي اهي دعوائون ڪنديون رهنديون آهن ته اهي عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪنديون آهن پر هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ م عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ان تي ڪنهن به تنظيم آواز نه اٿاريو آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي تنظيم هن وقت تائي ٺاهي وئي آهي جيڪا سڄي سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن ۽ مردن جو رڪارڊ جمع ڪري ڇڏي، جيڪڏهن اهڙي ڪا تنظيم هجي ها ته اڄ  سنڌ اندر عورتن کي تحفظ ضرور ملي وڃي ها، هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته سنڌ اندر قبيلائي جهيڙين سبب به عورتون ۽ ٻاررن کي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ اتي پوليس به انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪري سگهندي آهي،
هن وقت به سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي قبيلائي جيهڙا  ڪُر کنيو بيٺا آهن جنهن سان ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪجهه هنڌن تي ته پوليس حالتن تي ضابطو آڻڻ تي ڪامياب ٿي ويو آهي پر ڪجهه اهڙا به علائقا آهن جتي ڌريون هن وقت به مورچا بند ٿيل آهن، جنهن جون خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به نشر ٿينديون رهن ٿيون. رهي ڳالهه ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪرڻ وارن واقعن جي ته ان جي خبر ئي نه ٿي پئي ته واقعي به ڪارنهن جو الزام هڻي ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي يا وري ڪو زمين تڪرار تان عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويندو آهي. بهرحال اهو ڪم ته پوليس جو ئي آهي ته جيڪي به ماڻهو  عورتن ۽ مردن کي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري رهيا آهن. انهن خلاف سخت قدم کڻي پر افسوس جو هن وقت تائين اهڙي ڪا خاص ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. گذريل ڏينهن به هڪ  عورت ٿاڻي تي پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته کيس ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪرڻ جو سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب هو ڀڄي اچي ٿاڻي پهتي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪو پهريون ڀيرو واقعو پيش نه آيو آهي سنڌ ۾ ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ڪجهه عورتن ۽ مردن کي جرڳي ذريعي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو ويو ته ڪجهه عورتن ۽ مردن کي گهرن ۾ قتل ڪيو ويو آهي
ڪجهه عرصو اڳ ته هتان جا ڪامورا به وڏي خوشي ۽ فخر سان جرڳا به ڪندا هئا، پر جڏهن کان جرڳائي نظام خلاف احتجاج ٿيڻ شروع ٿيا آهن تنهن ڏينهن کان ڪجهه ڪامورن پنهنجا پير پوئتي ڪري ڇڏيا آهن. هن وقت ته هر هڪ ساڃاهه وند به جرڳائي نظام جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومت سنجيده ٿي جرڳا ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ جيڪي ماڻهو جرڳا ڪري بي گناهه ماڻهن جون حياتيون کسي رهيا آهن تن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي، سنڌ ۾ ته ڪجهه اهڙا به جرڳا ٿيا آهن، جن کي ٻڌي ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن بااثر قتل جي جرڳي دوران متاثر ڌر وٽ پئسا نه هجڻ سبب سڱ چٽي جو به ڏنڊ هڻندا آهن، پوءِ ڀلي کڻي اهو ڇوڪري ڪنهن پوڙهي کي ڇو نه پرڻائي ڏني وڃي، جنهن کي نه ته پوليس روڪي سگهندي آهي ۽ نه ئي وري متاثر ڌر مڃڻ کان انڪار ڪري سگهندي آهي، اهڙا کوڙ سارا جرڳا ۽ پنچائتون ميڊيا جي زينت به بڻيا آهن، جرڳائي نظام اڄ به سنڌ ۾ ان ڪري قائم ۽ دائم آهي جو هتي قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن قانون تي عمل ٿئي هئا ۽ ماڻهن کي تڪڙو انصاف ملي ها ته غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو جرڳائي نظام ۾ ڦاٿل نه هجن ۽ نه ئي وري املهه حياتيون ضايع ٿين ها. هاڻ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ته جئين ڪو ٻيو جرڳن ذريعي معصوم ماڻهن جي حياتي سان کيڏي سگهي.

No comments:

Post a Comment