Pages

Saturday 24 June 2017

ملڪ ۾ وڌندڙ ٻيهر دهشتگردي

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر دهشتگردي هڪ ناسور بڻجي چڪي آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ سڪيورٽي فورسز توڙي حڪمران وڏيون وڏيون دعوائون به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود هن ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو نه ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي سائيٽ ايريا واري علائقي ۾ اڻڄاتل دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت چار پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ان کان علاوه ڪراچي اندر ڦرن جي وارداتن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، حڪمران صرف پاناما ليڪس وارو راڳ ڳائي رهياآهن ۽ ادارا به ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن دهشتگردي جي خاتمي  لاءِ ادارا اهڙي طرح سرگرم نظر اچن ها ته اڄ هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجي ها ۽ هن ملڪ اندر سيوهڻ ۽ ڪوئيٽا جهڙا سانحا پيش نه اچن ها پر افسوس جو حڪمران صرف پنهنجي مفاد لاءِ سرگرم نظر اچي رهيا آهن ۽ خير سگالي طور ڪيل فيصلن سبب هن ملڪ کي دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي،
اڳ ۾ ڪراچي شهر کي دهشتگردن جي ان ڪري حوالي ڪيو ويو ته مفاهمت هلي رهي هئي پر هاڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪو به سنجيده قدم کڄندي نظر نه اچي رهيو آهي، ڪراچي تي الله تعاليٰ رحم ڪيو ۽ لنڊن واري شخص جي بيان کان پوءِ ڪراچي مان  دهشتگردن کان هٿيار  واپس ورتا ويا ۽ انهن  خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي پر هاڻ جيڪا دهشتگردي هن ملڪ اندر ٿي رهي آهي، ان بابت سڪيورٽي ادارا ۽ اسان جا حڪمران چئي رهيا آهن ته دهشتگرد افغانستان مان اچي رهيا آهن ۽ جن دهشتگردن کي هن ملڪ ۾ ماريو پيو وڃي انهن جي باري ۾ به اهو ئي چيو پيو وڃي ته اهي دهشتگرد افغانستان مان تربيت حاصل ڪري آيا هئا، گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار افغان سرحد تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي پر اها سڪيورٽي سخت ڪرڻ واري هدايتن سان ڪهڙو فرق  پوندو؟ ڇاڪاڻ ته هن ملڪ افغانين جي ڪا کوٽ آهي جو سرحدن جي سڪيورٽي وڌائڻ سان ڪو فرق پوندو؟ جيستائين ملڪ اندر موجود افغان دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي تيستائين هن ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم نه ٿيندي،
جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم چيمپين ٽرافي ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏني هئي ته ان وقت هڪ ناليواري صحافي اخبار ۾ لکيو هو ته هي ملڪ ۾ هٿيارن جا انبار موجود آهن، اهي هٿيار  ان وقت استعمال به ڪيا ويا جڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت کي شڪست ڏني هئي، بهرحال ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي گذريل ڪيتري عرصي کان هلي رهي آهي ۽ پوليس اهلڪارن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪيو ويو پر هتان جي ادارن انهن دهشتگردن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار ڊيوٽي کان پوءِ  گهر ويندي وردي لاهي سادا ڪپڙا پهري پوءِ گهر ويندا آهن، مطلب ته عوام ماڻهو سان گڏ سڪيورٽي ادارن کي  به پنهنجي جان جو خطرو آهي، ان مان ثابت ٿي ويو  آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگرد اڃا به موجود آهن، لنڊن سان لا تعلقي هجي يا انهن سان رابطو ختم ڪرڻ جا اعلان ڪيا وڃن، ان سان ڪوبه فرق نه پوندو، اڳ به سڪيورٽي ادارن کي  ڪراچي ۾ نشانو بڻايو ويو ۽ هاڻ به سڪيورٽي ادارا  ۽ عوام دهشتگردن جي نشاني تي آهي،
ڪجهه ڏينهن اڳ  هڪ ايماندار پوليس آفيسر ميڊيا تي بيان ڏنو هو ته  دهشتگردن جي سپورٽ ڪندڙ ايوانن ۾ ويٺا آهن. بهرحال دهشتگردن جا سهولتڪار ايوانن ۾ هجن يا لنڊن ۾ هجن، دهشتگرد، دهشتگرد ٿيندو آهي، جئين ڊگري جعلي هجي اصلي ڊگري ڊگري ٿيندي آهي، ميڊيا تي اهي به خبرون هلي رهيون آهن ته ڪجهه ملڪ پاڪستان بابت چئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾  دهشتگردي جي ورچڙهيل آهي، جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ دهشتگردي نه هجي ها ته سيوهڻ سانحو پيش نه اچي ها ۽ نه ڪوئيٽا ۾ بار بار ڌماڪا ٿين ها ۽نه ئي معصوم ماڻهو دهشتگردي جو شڪار ٿين ها. اڄ هن ملڪ اندر دهشتگردي عروج تي آهي پر اسان جا حڪمران ۽ سياستدان صرف هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازي ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڪرپٽ ۽ چور چئي رهيا آهن ۽ جڏهن به هن ملڪ ڪو وڏو سانحو پيش اچي ٿو تڏهن صرف مذمتي بيان ڏئي پنهنجو فرض پورو سمجهن ٿا.
گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني نمائيندي مليحه لوڌي ڪجهه ڏينهن اڳ بيان ڏنو هو ته پاڪستان افعان سرحد وٽ ڪنڊيڊار تارون لڳائي رهيو آهي، جيڪو تمام سٺو عمل آهي پر ان سان گڏ هن اهو به چيو ته 20 لک افغان پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني به ڪري رهيو  آهي، مطلب ته افغان جنگ وقت صرف 20 لک افغان پناهگير هن ملڪ ۾ آيا هئا جيڪي شايد هاڻ ان کان وڌيڪ هن ملڪ اندر ترسيل آهن ۽ انهن جو انگ اکر به هن ملڪ جي ادارن وٽ موجود نه هوندو.
رهي ڳالهه افعانستان جي سرحد کي محفوظ بڻائڻ جي ته ان تي هاڻ  هتان جي ادارن عمل شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي بيان موجب ته هن افغان سرحد وٽ سڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان مان هاڻ اميد به پيدا ٿي آهي ته مستقبل دهشتگرد افغان رستي پاڪستان داخل نه ٿيندا ۽ ڪوئيٽا ۽سيوهڻ سانحا ٻيهر ڪڏهن هن ملڪ ۾ نه ٿيندا. هڪ ٻه ڏينهن اڳ جيڪو ڪوئيٽا جي گلستان روڊ تي آءِ جي آفيس ويجهو آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو.  جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ان کان علاوه ڪراچي ۾ به دهشتگردن پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو پر هن وقت تائين حڪمرانن ۽سياستدانن طرفان ڪو به هنگامي اجلاس نه گهرايو ويو ۽ نه ئي وري ان کي پاناما ليڪس کان وڌيڪ اهم معاملو سمجهيو. ٻين ملڪن ۾ جڏهن به دهشتگردي ٿيندي آهي ته حڪمران ۽ اتان جا سياستدان ٿرٿلي ۾ اچي ويندا آهن پر افسوس جو هن ملڪ ۾ حڪمرانن ۽ سياستدانن کي عوام  ۽ هتان جي سڪيورٽي ادارن جي ڪا به پرواهه نه آهي ،
جيڪڏهن حڪمران ۽ هن ملڪ جا سياستدان ٿورو به سنجيده هجن ها ته جئين پاناما ليڪس بابت آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائيندا آهن ۽ ايندر لائحه عمل طئي ڪندا آهن اهڙي ريت ملڪ تازي دهشتگردي بابت به مشاورتي اجلاس طلب ڪري سگهجن پيا پر افسوس جو  هن ملڪ ۾ انساني جانين جو ڪو به قدر نه آهي ۽ نه ئي وري سياستدان هڪ بينچ تي ويهي ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  ڪو  فيصلو ڪري رهيا آهن، رهي ڳالهه حڪمران ڌر جي ته اها هميشه اها ئي دعويٰ ڪندي رهي آهي ته ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن آهي، خبر ناهي ته اها ترقي الائي ڪهڙي آهي، ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي ادارن تي حملو ڪيو وڃي ٿو، سنڌ درگاهن تي حملا ڪيا وڃن ٿا، پنجاب ۾ ڌماڪن ۾ ماڻهن کي ماريو وڃي ٿو، مطلب ته ڪو به ملڪ جو اهو شهر نه بچيو آهي جتي دهشتگردن پنهنجيون قهري ڪارروايون نه ڪيون هجن،
جيڪڏهن اها دهشتگردي ترقي آهي ته اهڙي ترقي هن ملڪ جي عوام کي نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين عوام جي جان ۽ مال محفوظ نه هوندو ته اهڙي ترقي کي ڇا ڪبو، سڀ کان اڳ ۾ هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، نه ڪي روز روز نون نون منصوبن جو اعلان ڪرڻ آهي. ملڪ ۾ بيروزگاري، بک بدحالي ۽ پناهگيرن جي آمد سبب تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيا آهن پر انهن جي خاتمو صرف اعلانن سان نه ٿيندو پر عملي طور قدم کڻڻ سان ٿيندو، ان جي ڪري هتان جي سياستدانن کي هڪ بينچ تي ويهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو، ٻين جو نوڪر ٿيڻ تي فخر ڪرڻ کان بدران ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ افغانستان جي سرحد کي اڃا وڌيڪ محفوظ بڻائڻو پوندو ته جئين ملڪ اندر دهشتگردي جو خاتمو اچي سگهي ۽ هتان جو عوام جو سک جو ساهه کڻي، نه ته ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سڪيورٽي ادارن سان گڏ عوام کي دهشتگرد ايئن نشانو بڻائيندا رهندا.


No comments:

Post a Comment