Pages

Saturday 3 June 2017

ڪراچي ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو خوف

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد سرگرم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، ڪڏهن پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري عام شهرين کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، رمضان جي ڀلاري مهيني ايندي ئي هڪ ڀيرو ٻيهر ڦرن جي وارداتن ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي، هونءَ ته سيڪيورٽي ادارن طرفان ڪارروايون ڪيون پيون وڃن پر افسوس جو دهشتگرد پوليس اهلڪارن کي به نشانو بڻائن کان رڪجي نه رهيا آهن، جڏهن ڪراچي ۾آپريشن شروع ٿيو هو ته ان وقت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي هئي ۽ لڳي رهيو هو ته هاڻ ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ وارا واقعا ختم ٿي ويندا ۽ دهشتگردن جو پاڇو هن شهر تان هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو پر افسوس جو ايئن نه ٿيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد ڪراچي ۾ سرگرم ٿي ويا آهن جيڪي پوليس اهلڪارن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن، جڏهن ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ۾ ڀتي خورن خلاف آپريشن شروع ٿيو ته ان وقت صرف هڪ ئي پارٽي جا ڪارڪن گرفتار ٿي رهيا هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان  جن به ٽارگيٽ ڪلرن کي حراست ۾ ورتو ويو انهن جو به تعلق به ان هڪ ئي سياسي جماعت سان هو ۽ ان پارٽي جا ڪارڪن فرار ٿي ويا هئا ۽ شهر اندر امن امان جي صورتحال بحال ٿي هئي جيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر بگڙجي رهي آهي، ان جو اندازو ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن تي حملن مان لڳائي سگهجي ٿو، ايتري قدر جو جڏهن پوليس اهلڪار گهرن کان نڪرن ٿا ته وردي پائي نه ٿا نڪرن جنهن مان اهو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف اثرائتو آپريشن نه ٿيو آهي،
جيڪڏهن مڪمل طور ڪراچي اندر آپريشن ٿئي ها ۽ سياسي دٻاءُ نه ورتو وڃي ها ته اڄ شهر اندر اهڙيون حالتون ڪڏهن به پيدا نه ٿين ها. ان جي ذميوار اسان جي حڪومت به آهي جيڪي نه ٿي چاهي ته دهشتگردي جو مڪمل طور خاتمو اچي ڇاڪاڻ ته نواز سرڪار جو هميشه کان اهو ئي رويو رهيو آهي ته صرف پنهنجا ئي مسئلا حل ڪيا وڃن،باقي ٻيو خير آهي، اهڙي رويي سبب ڪراچي اندر ڏينهن ڏينهن حالتون خراب ٿي رهيون آهن. ڪراچي آپريشن کان اڳ هتي اهڙيون حالتون هيون ته پوليس اهلڪارن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آڏو ئي هڪ سياسي جماعت جا ڪارڪن ماڻهن کي کنڀي کڻي وڃي جلسي ۾ ويهاريندا هئا ۽ انهن کي ڪو به چوڻ وارو نه هوندو ۽ لڳي رهيو هوندو هو ته هن شهر ۾ پاڪستان سڪيورٽي ادارن جي رٽ قائم نه آهي پر هي شهر ان سياسي جماعت جي ڪا ملڪيت آهي پر ڀلو ٿئي ان شخص جو جنهن لنڊن ۾ ويهي هتان جي ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مجبورن انهن کي مائنس ون واري فارمولي تي عمل ڪرڻو پيو، نيٺ وڃي ٿورو امن هن شهر ۾ قائم ٿيو هو جيڪو هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي حالتن طرف وڌي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان پارٽي جا اڪثر ماڻهو ڇڏي هڪ نئين جماعت ۾ شامل ٿي ويا آهن جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ماڻهو ساڳيا ئي آهن صرف پارٽي جو نالو تبديل ٿيو آهي، جيڪي ماضي ۾ فيصلا ڪيا ويا اهي ٻيهر ورجائجڻ طرف وڃي رهيا  آهن، جيڪڏهن واقعي اهو عمل شروع ٿيو ته هن ننڌڻڪي شهر جا رهواسي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي ور چڙهي ويندا ۽ ماضي جيان هن رمضان ۾ فطرا به ورتا ويندا ۽ فطري جون پرچيون به ڏنيون وينديون.
سنڌ جي گادي شهر ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب هئي ۽ مفاهمت جي نالي تي هن شهر ۾ دهشتگردن رت جون نديون وهايو هر طرف صرف تحفظ مهيا ڪرڻ جون دانهون ٿي رهيون هيون پر  ڪو به سندن دانهن ورنائڻ وارو نه هو پر هڪ ڏينهن اهڙو واقعو پيش آيو جو مجبورن سڪيورٽي ادارن کي ڪراچي ۾ هلندڙ مفاهمت واري عمل خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪرڻو پيو ۽ ان ڏينهن کان پوءِ ڪراچي وارن جا رابطا لنڊن وارن سان مڪمل طور ختم ڪيا ويا ۽ ڪراچي کي پنهنجي ملڪيت سمجهندڙن ان کان به تعلقي ظاهر ڪري ڇڏي جنهن جي خلاف هو هڪ لفظ به ٻڌڻ نه پسند ڪندا هئا، چوندا آهن ته خدا جي لٺ بي آواز هوندي آهي جڏهن وسندي آهي ته خبر ئي نه پوندي آهي اهو ئي حشر ڪراچي تي قبضي ڪرڻ وارن سان به ٿيو پر اهو خطرو اڃا ٽريو نه  آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت به ڪراچي جي زمينن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ خاص طور تي بلڊر مافيا ته سنڌي ڳوٺن تي ڀارت جهڙي دشمن جيان ڪڙڪي رهي آهي، ڪيترن ئي ڳوٺن کي ڊاهي پٽ به ڪيو ويو آهي پر وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي اصل رهواسين کي به تحفظ مهيا نه ڪري رهيا آهن،
جيڪڏهن ڪنهن سنڌي وزير کان اهو سوال به ڪيو وڃي ٿو ته چيو وڃي ٿو ته اهي غير قانوني آهن، جيڪڏهن اهي ڳوٺ غير قانوني آهن ته پوءِ ڇا ڪراچي ۾ رهندڙ افغاني، برمي، ڪشميري ۽ ٻي ڌارين جي رهندڙ لوڌ قانوني آهي؟ جنهن جو جواب شايد هتان جا حڪمران ڪڏهن به نه ڏيندا. جڏهن کان سيد مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان سنڌي وسندين ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊشيدنگ  ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي، هونءَ ته سيد مراد علي شاهه لياقت آباد، گلشن اقبال ۽ ڪراچي جي ٻين علائقن جا دورا ته ڪري ٿو پر جن علائقن ۾ سنڌ جا اصل وارث رهن ٿا انهن علائقن ڏانهن وڃڻ جي لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي وقت ئي نه آهي ۽ نه ئي وٽس ايترو وقت آهي جو جيڪي ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊهي رهيون آهن انهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هونءَ ته پيپلزپارٽي جو اصل نعرو اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي پر بينظير جي شهادت کانپوءِ ماڻهن جا اجها به کسڻ واري عمل ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، آمريت ۾ به ڪراچي اندر سنڌي وسندين کي ڊاهڻ کان اڳ سوڀيرا سوچيو ويندو هو پر پيپلزپارٽي جي جمهوري حڪومت سنڌين جي ڳوٺن کي ڊاهڻ به دير ئي نه لڳي رهي آهي. تازو ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي شرڳوٺ کي به ڊاٿيو ويو پر پيپلزپارٽي جي ڪنهن به ڪاموري انهن متاثرن ڏانهن لڙي وڃڻ جي زحمت نه ڪئي. خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کان اجها کسي ڪنهن کي خوش ڪري رهي آهي،
هونءَ ته پيپلزپارٽي ڪامياب ئي سنڌين جي ووٽ سان ٿيندي آهي پر انهن سان ئي اهڙو حشر ڇو پيو ڪيو وڃي؟ نه ته ان جواب جيالا ڏئي رهيا آهن ۽ نه وري پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌي وسندين کي ڊاهڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن علائقن کي غيرقانوني قرار ڏنو پيو وڃي جن علائقن ۾ صرف سنڌي رهن ٿا باقي جتي بنگالي، بهاري، برمي ۽ ٻيون قومون رهن ٿيون انهن کي ڊاهڻ جي نه ته سنڌ حڪومت کي جرئت ٿي رهي  آهي ۽ نه ئي وفاق ڪو اهڙو قدم کڻي رهي آهي. هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي اندر پوليس اهلڪارن تي به حملا ڪيا پيا وڃن، ان جو تازو مثال ڪجهه ڏينهن پوليس اهلڪارن تي ٿيل حملي مان ملي ٿو. ماضي ۾ ته ڪراچي تي قبضي جي به جنگ هلي رهي هئي جيڪا لنڊن واري شخص جي بيان بعد ٿورو ختم ٿي آهي. بهرحال هن وقت ڪراچي ۾ ٻيهر دهشتگردن جي سرگرم ٿيڻ سان پوليس اهلڪارن تي حملا به شروع ٿي ويا آهن ۽ رمضان ايندي هڪ خوف واري فضا قائم ٿي وئي آهي، جنهن لاءِ حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد قدم کڻي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي.


No comments:

Post a Comment