Pages

Tuesday 13 June 2017

سرمائيدارن جي بجيٽ جي ور چڙهيل عوام

صاحب خان ڀٽي

ڊان ليڪس، پاناما ليڪس ۽ ماڊل ٽائون سانحي کي منهن ڏيندڙ نواز سرڪار آخر ڪار پنهنجي حڪومتي دور جي پنجين بجيٽ پيش ڪرڻ ڪامياب ٿي وئي آهي، جنهن تي نواز سرڪار تمام گهڻو فخر به ڪري رهي آهي پر دهشتگردي ۽ بجلي جو بحران هتان جي حڪمرانن کي نظر ئي نه اچي رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ سرمائيداري نظام تمام گهڻو مضبوط آهي تنهن جي ڪري هتان جا سرمائيدار ملڪ جون واڳيون سنڀالي رهيا آهن، جيڪي ايوانن ۾ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقريرون ڪري عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاري پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪري رهيا آهن، جڏهن به اهي بجيٽ پيش ڪندا آهن ته عوام کي اها اميد پيدا ٿيندي آهي ته شايد هن ڀيري کين ريليف ملندو پر  افسوس جو عوام کي ريليف ته نه ملندو آهي پر ملڪ جي ترقي جي نالي تي عوام مٿان ٽيڪس جو ايترو ته بار وڌو ويندو آهي جو غريب ماڻهو ٽيڪس جي گهاڻي ۾ پيڙهجندا رهندا آهن ۽ اهي سرمائيدار  هر سال رڳو انگن اکرن جي ڪوڙي راند کيڏي عوام کي اهو يقين ڏياريندا  آهن ته هنن هن ملڪ کي تمام گهڻو فائدو پهچايو آهي، جيڪواصل حقيقت ۾ هتان جي اٻوجهه عوام کي بي وقوف بڻائڻ جي برابر آهي.

وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي ته جڏهن هنن ملڪ جون واڳيون سنڀاليون ته ملڪ جون حالتون بهتر نه هيون ۽ هنن هن ملڪ کي پنهنجن پيارن تي بيهاريو آهي، هاڻ خبر نه ٿي پئي ته نوازسرڪار ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿي  يا وري پنهنجا سياسي پير هن ملڪ اندر مضبوط ڪرڻ جي ڀرپور نموني ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف نواز ليگ جي حڪومت جو تختو ڪلٽي ڪيو هو ته ان وقت نواز ليگ ملڪ اندر ڏسڻ ۾ نه اچي رهي هئي ۽ نوازشريف خاندان سميت سعودي عرب هليو ويو هو ۽ ان کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ ۾ واپس آئي ته نوازشريف جي به ملڪ اچڻ جا امڪان وڌي ويا هئا، شهيد بينظير  ڀٽو جي جمهوريت خاطر ڪيل ڪوششن ئي سبب وزيراعظم نوازشريف کي ڏيهه اچڻ جي اجازت جي حمايت ملي جنهن بعد جمهوريت جي دهشتگردن شهيد بينظير ڀٽو کي پنجاب ۾ شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ان وقت آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي هن ملڪ جون واڳيون سنڀاليون جنهن به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي حڪومتي دور جا پنج سال پورا ڪيا پر ان وقت به جمهوريت جي دعوائيدارن حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي  ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو هو جو ان وقت به يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽڻو پيو هو اهو ڇا جي ڪري ٿيو ۽ يوسف رضا گيلاني کي استعيفيٰ ڏيڻي ڇو پئي ۽ ان وقت نواز ليگ ڪهڙا بيان ڏئي رهي هئي ان کان هر هڪ ماڻهو با خبر آهي پر نوازسرڪار ڊان ليڪس جهڙي قومي سلامتي جي حساس معاملي ۾ ڦاٿل آهي پر ان وقت به وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙن کي غير آئيني قرار ڏنو پيو وڃي،

ڊان ليڪس ته ٺهيو پاناما ليڪس ۽ ماڊل ٽائون سانحن کي منهن ڏيندڙ سرڪار به پنجين بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي جيڪا واقعي هڪ وڏي تاريخ آهي اها تاريخ صرف نوازسرڪار جي نه هن جمهوريت جي به آهي ٻين کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ ۽ پاڻ کان استعيفيٰ گهرندڙن کي غلط قرار ڏئي رهيا آهن.نئين مالي سال جي پنجين بجيٽ پيش ڪندڙ نوازسرڪار حڪومت هاڻ تمام گهڻو مطئمن نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته سندس پاناما جند آجي ٿيندي پئي وڃي ٻيو وري حڪومت ختم ٿيڻ ۾ هاڻ ڪجهه مهينا باقي بچيا آهن. جيڪڏهن هاڻ ايندڙ سال ڪنهن ٻي جماعت جي حڪومت آئي يا گڏيل حڪومت قائم ٿي ته ان وقت به نواز سرڪار کي ئي فائدو ٿيندو ڇاڪاڻ ته نواز ليگ پنجاب تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته صرف پنجاب ئي پاڪستان آهي جتي سمورا ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن ڪوئل پاور پلانٽ جو افتتاح به صرف پنجاب ۾ ٿيندي نظر اچي پيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پنجاب کان علاه ٻين سمورن صوبن ۾ عوام روڊن تي نظر اچي رهيو آهي،

بجلي جي لوڊشيدنگ هجي يا وري پاڻي وارو معاملو هر طرف کان اهي ئي دانهون آهن ته وفاقي سرڪار ساڻن ناانصافي ڪري رهي  آهي پر انهن جي دانهن کي ورنائڻ وارو ڪو به نه آهي، هڪ طرف ملڪ ۾ نوجوان گم ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري پورهيتن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪيو پيو وڃي، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي هر هڪ ماڻهو هاڻ تمام گهڻو پريشان ٿي ويو آهي ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن هن ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿيندي. نوازسرڪار جي دعويٰ موجب ته هنن ملڪ کي پيرن تي بيهاريو آهي، جيڪڏهن واقعي ملڪ ۾ ڪا ترقي ٿئي ها يا وري ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿئي ها ته هن ملڪ ۾ داعش نالي خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جو وجود قائم نه ٿئي ها ۽ نه ئي هن خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جا پليت پير هن سرزمين تي پون ها، هونءَ ته نواز سرڪار تي ان معاملي تي تمام گهڻيون آڱريون اٿنديون رهنديون آهن ته نوازسرڪار امن امان جي صورتحال کي خراب ڪري آهي ۽ ان جو وڏو سبب اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ته نوازسرڪار پنجاب اندر دهشتگردن خلاف ڀرپور نموني ڪارروائي نه پئي ڪري جنهن سبب  پنجاب ۾ دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن جتي به ضرب عضب آپريشن ۽ ردالفساد آپريشن تي مڪمل عمل ٿيڻ گهرجي ته جئين پنجاب ۾ انتهاپسند تنظيمن جو خاتمو ٿي سگهي نه ته دهشتگردن افغان رستي اچي پنجاب ۾ رهي ڪري ٻين صوبن ۾ دهشگرد ڪارروايون ڪندا رهندا ان جو مثال نوري لغاري واري معاملي مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڇاڪاڻ ته سڪيورٽي ادارن پاڻ ئي چيو آهي ته نورين لغاري لاهور ۾ داعش جي دهشتگردن سان رهي آهي

جيڪڏهن واقعي اها ڳالهه آهي ته پوءِ اتي به ڪارروائي ٿيڻي گهرجي. بهرحال هن وقت ملڪ اندر نئين مالي سال جي بجيٽ عوام جي چيلهه  چٻي ڪري ڇڏي آهي جئين نواز سرڪار دعويٰ ڪندي آهي ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ائين هتان جو عوام نوازسرڪار جي بجيٽ کان متاثر ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار به نئين مالي سال جي 48 کرب رپين جي 9 کرب رپين جي خساري واري بجيٽ  پيش ڪندي چيو هو ته ايندڙ بجيٽ ۾ بنيادي ڍانچا، توانائي ۽ سي پيڪ منصوبا پهرين ترجيح قرار ڏنا ويا آهن. ترقياتي بجيٽ 10 کرب رپين کان وڌيڪ هوندي، جڏهن ته دفاع تي 9 کرب 40 ارب خرچ ڪيا ويندا.ايتري قدر جو ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي لاءِ 21 ارب، داسو هائڊرو پاور منصوبي لاءِ 53 ارب 77 ڪروڙ ۽ نيلم جهلم هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ 19 ارب 57 ڪروڙ رکيا ويا، جڏهن ته تربيلا چوٿين توسيعي منصوبي لاءِ 16 ارب 39 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. جيڪڏهن ان سموري اعلانيل بجيٽ تي نظر وجهنداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته ان بجيٽ ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمت  عملي نه جوڙي وئي آهي ۽ نه ئي وري زراعت سميت ٻين اهم شين تي عوام کي ريليف فراهم ڪيو آهي، جنهن مان اهو ته صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته هي بجيٽ عوام دوست نه پر عوام دشمن آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها بجيٽ واقعي عوامي هجي ها ته اسلام آباد ۾ ڪسان اتحاد طرفان احتجاجي مظاهرو نه ڪيو وڃي ۽ ها نه اهي  سياستدان رڙيون ڪن ها  جيڪي پنهنجن صوبن ۾ استادن  تي حق گهرڻ تان ڏنڊا وسائيندا آهن ۽ نه ئي وري انهن ماڻهن کي موقعي ملي ها  جيڪي پنهنجن صوبن ۾ پيسن عيوض نوڪريون وڪرو ڪندا  آهن.

بهرحال اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي  آهي ته جنهن ملڪ  جي حڪمرانن جو سجن جندا ل جهيڙي واپاري سان واسطو هجي ۽ جيڪي ٽيڪس بچائڻ لاءِ آف شور ڪمپنيون کولين انهن مان اهڙي بجيٽ کان ٻي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ هر سال سرمائيدار ئي بجيٽ پيش ڪندا آهن جيڪي هن ملڪ جي نالي تي قرض کڻي پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ڀريندا آهن ۽ اهو قرض لاهڻ لاءِ ايترا ته ٽيڪس لاڳو ڪندا آهن جو هتان جو عوام بي حال ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ ڪو بدامني، دهشتگردي ۽ کنيل قرضن بابت پڇندو آهي ته ان کي غداري جو لقب ڏئي هميشه لاءِ خاموش ڪرايوويندو آهي، صرف سياستدان هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي عوام کي خوش ڪري ڇڏيندا آهن ته جئين  عوام کي خبر پئي ته هو هر قسم جي ڪرپشن کان پاڪ آهي، اڄڪلهه تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ وزيراعظم نوازشريف جي اثاثن بابت به وڏو بحث هلي رهيو آهي پر عوام انهن بحثن ڏانهن ڌيان ڏئي يا وري مهانگائي  ڊرون حملن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري.

sahibalisindhi@gmail.com



No comments:

Post a Comment